اسلام آباد(بيورو)اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته آپريشن دوران سئو کان وڌيڪ دهشتگردن جي مارجي وڃڻ کان پوءِ اڄ بلوچستان ۾ دهشتگردن طرفان جوابي وار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، پر هاڻي سندن چيلهه ٽُٽي رهي آهي۔ پاڪستان جي فوج، پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن جي قربانين ۽ جرئت کي اسين وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا۔اميد آهي ته هن ڀيري هن ڀارتي فتني کي مڪمل طور تي ختم ڪيو ويندو۔ ان سان گڏوگڏ سياسي عمل به شروع ڪيو وڃي۔ 2001 وارو قانون بحال ڪيو وڃي، مقامي حڪومتون قائم ڪيون وڃن، ۽ شفاف چونڊن ذريعي هڪ بااختيار حڪومت وجود ۾ آندي وڃي، جيڪا معاملن کي عوام جي منشا مطابق هلائي۔