پي ٽي آءِ کي قوم کان معافي وٺڻ گهرجي:عطا تارڙ

اسلام آباد (بيورو) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ جنهن بيان تي سياست ڪري رهي هئي، ان لاءِ کيس سڄي  قوم کان معافي گهرڻ گهرجي، هن خيبر پختونخوا ۾ امن و امان جي خراب صورتحال ڏانهن به ڌيان ڏياريو  ۽ چيو ته اتان جي حڪومت ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار ناهي، جڏهن ته وفاقي حڪومت بار بار مسئلا ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، عطا تارڙ واضح ڪيو ته وفاقي حڪومت اڳ ئي قدم کڻڻ جو فيصلو ڪري چڪي آهي ۽ گورنر راڄ آئين ۽ قانون تحت لاڳو ڪيو ويندو، قانون ۽ آئين جي حدن ۾ رهي صوبن ۾ امن قائم رکڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيو ويندو، جيئن عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.