ڪوئيٽا(م ڊ)بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي) جي سربراهه سردار اختر مينگل بلوچستان جي صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته علائقي کي عملي طور تي نو انٽري زون بڻايو ويو آهي۔ايڪس (سابق ٽوئيٽر) تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته "ميڊيا هائوسز مڪمل طور تي خاموش آهن، مون پنهنجي زندگي ۾ اهڙي انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال ڪڏهن به ناهي ڏٺي۔ ڇا وفاقي گهرو وزير وضاحت ڪري سگهي ٿو ته ايس ايڇ او ڪٿي آهي؟اختر مينگل جي بيان تي ردعمل ڏيندي بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند چيو ته جڏهن اسان جي پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي رهيون آهن، تڏهن نام نهاد سياسي اڳواڻ پنهنجو حقيقي چهرو ڏيکاري رهيا آهن