راهول بي جي پي ۾ ايندو ته ضرور شادي ڪنديس: ڪنگنا رناوت

بالي ووڊ هجي يا سياست، ڪنگنا رناوت بي ڊپو پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي آهي . ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب اداڪارا ۽ سياستدان تازو هڪ سوشل ميڊيا جي پيج کي شديد تنقيد جو نشانو بڻايو، جنهن اداڪارا بابت غلط خبرون هلايون، سندن هڪ پوسٽ تي ڪنگنا سخت ردعمل ڏنو.

ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب گذريل ڏينهن انسٽاگرام جي هڪ ميم پيج هڪ پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ ڪنگنا سان جڙيل اهڙا بيان شامل هيا جيڪي هن ڪڏهن ڏنا ئي ناهن. ان پوسٽ ۾ دعوا ڪئي وئي ته ڪنگنا چيو آهي ته جيئن لوڪ سڀا ۾ قائد حزب اختلاف ۽ راءِ بريلي کان ڪانگريس جي رڪن پارليامينٽ راهول گانڌي بي جي پي ۾ شموليت ڪئي ته هوءَ راهول سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندي.

رپورٽ موجب ساڳي پيج تي وري هن خلاف اهڙي پوسٽ لڳائي وئي جنهن ۾ لکيل هو ته ڪنگنا جو راهول گانڌي سان شادي وارو تبصرو سندس مخصوص انداز آهي، طنز آهي يا سياسي تنقيد؟ جنهن تي ڪنگنا پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي شيئر ڪندي ناپسند قرار ڏنو.

ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب ڪنگنا لکيو ته عوامي سطح تي عورتن جي بيعزتي جو هڪ ٻيو زنده مثال آهي، چاهي سندس ڪهڙو به عهدو هجي يا ڪهڙو به مقام هجي. هن لکيو ته جعلي خبرون پکيڙڻ افسوسناڪ آهي. سياست ۾ به عورتن لاءِ ڪو وقار ناهي. اهڙيون خبرون هلائڻ وارن کي شرم اچڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.