اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)عيد الاضحيٰ 2026ع جي موڪلن بابت شروعاتي اڳڪٿي سامهون آئي آهي، هڪ اندازي موجب عيد جي موقعي تي 4 کان 5 ڏينهن جي مسلسل موڪلن جو امڪان آهي، پر حتمي فيصلو ذوالحج جو چنڊ نظر اچڻ تي ٿيندو.
چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جو چوڻ آهي ته رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس 17 مئي تي ٿيندو، جيڪڏهن چنڊ نظر اچي ويو ته عيد جون موڪلون 27 کان 29 مئي تائين (اربع کان جمعي تائين) ٿي سگهن ٿيون ۽ وِيڪ اينڊ شامل ٿيڻ سان موڪلون 31 مئي تائين وڃي سگهن ٿيون.
جيڪڏهن ذوالحج جو مهينو 30 ڏينهن جو ٿيو ته عيد 28 ۽ 29 مئي (خميس ۽ جمعي) تي متوقع آهي، جنهن سان گڏ وِيڪ اينڊ ملائي 4 ڏينهن تائين موڪلون ممڪن ٿي سگهنديون.