لاهور (ويب ڊيسڪ) عيد الاضحيٰ 2026ع کان اڳ سرڪاري ملازمن لاءِ وڏي خوشخبري اچي وئي، پگهارون ۽ پينشن اڳواٽ ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
پنجاب حڪومت عيد الاضحيٰ جي موقعي تي سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرز لاءِ پگهارون ۽ پينشن وقت کان اڳ ادا ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پنجاب ناڻي واري کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته مئي جون پگهارون 21 مئي تي ادا ڪيون وينديون ته جيئن ملازم عيد جا خرچ بهتر نموني پورا ڪري سگهن.
اختيارين جو چوڻ هو ته ان فيصلي جو مقصد سرڪاري ملازمن ۽ رٽائرڊ شهرين کي عيد جي موقعي تي مالي سهولت فراهم ڪرڻ آهي. سمورن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ادائيگين کي وقت سر يقيني بڻايو وڃي، جڏهن ته بئنڪن کي به ترت ۽ آسان پروسيسنگ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
Next Post
You might also like