احمد شهزاد بابر اعظم کي ٻيهر ڪپتان بڻائڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپنر بيٽر احمد شهزاد جو چوڻ آهي ته بابر اعظم کي ٻيهر ڪپتان نه بڻائڻ گهرجي.
خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي احمد شهزاد چيو ته هڪ ٽورنامينٽ جي 8 ميچن ۾ سٺي ڪپتاني ٿي وئي يا ٽيم کٽي وئي ته ان جو مطلب اهو ناهي ته ڪپتان بلڪل بدلجي ويو آهي، پهرين پنج سال ٽيم جي ڪپتاني ڪنهن وٽ هئي؟
هن چيو ته توهان پنجن سالن جي ناڪامي کي هڪ ٽورنامينٽ جي ڪاميابي سان ڪيئن ٿا بدلائي سگهو.
احمد شهزاد چيو ته بابر اعظم تمام زبردست ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهي، کيس گهرجي ته پنهنجي بيٽنگ تي ڌيان ڏئي ۽ پاڪستان لاءِ رنسن جا انبار لڳائي ميچون کٽرائي، سندس ۽ ملڪ لاءِ اهو ئي بهتر آهي.
هن وڌيڪ چيو ته بابر کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته سندس ٽيسٽ ۾ ڪارڪردگي ناهي، 24 کان 25 اننگز ۾ رڳو ٻه ففٽيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.