ڪراچي (رپورٽ: عرفان بلوچ) ڪراچي بوٽ بيسن ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ خيرپور واسي نوجوان جي مارجڻ واري معاملي ۾ نئون رخ اچي ويو، پوليس مقابلو شڪي بڻجي ويو، مارجي ويل نوجوان جي وارثن ڪراچي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو، وارثن بلاول خان ۽ ٻين جو چوڻ هو ته نوجوان علي حيدر گوپانگ ۽ شاھنواز گوپانگ سمنڊ ڪناري گھمڻ ويا ھيا، واپس اچڻ وقت پوليس کين روڪيو، پوليس جي اشاري تي نه بيھڻ تان اھلڪارن فائرنگ ڪري ڏني، رڪشا ۾ پويان ويٺل علي حيدر گوپانگ مارجي ويو ۽ شاھنواز گوپانگ زخمي ٿيو، وارثن موجب پوليس نوجوان کي جڙتو مقابلي ۾ ماريو آهي، اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي علي حيدر ڪراچي گھمڻ آيو هو، ايس ايڇ او سميت پوليس پارٽيءَ تي قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي نوجوان جي خون سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو، پوليس جو موقف آهي ته جوابدار شھرين کان موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي رھيا ته مقابلو ٿيو مقابلي ۾ ھڪ جوابدار مارجي ويو ۽ سندس ساٿي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جوابدارن جو تعلق بدنام زمانا رڪشا گينگ سان آھي، ايس ايسپي ڏکڻ معهزور علي موجب مارجي ويل علي حيدر جو ڪرمنل رڪارڊ موجود آھي، علي حيدر خلاف آرٽرلي ميدان، تعموريا ۽ گذري ٿاڻن تي ڪيس داخل ٿيل آھن، علي حيدر ۽ سندس ساٿي جنھن نوجوان کان موبائل ڦر ڪيو ان جو بيان به موجود آھي.