دي هنڊريڊ ليگ کانپوءِ عثمان طارق جو ڪائونٽي ٽيم سان به معاهدو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڪرڪيٽر عثمان طارق انگلش ڪائونٽي ٽيم واروڪشائر سان معاهدو ڪري ورتو آهي، جنهن تحت هو 2026 جي وٽالٽي بلاسٽ ۾ ٽيم جي نمائندگي ڪندو.
واروڪشائر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، عثمان طارق پرڏيهي رانديگر طور ”واروڪشائر بيئرز“ اسڪواڊ جو حصو هوندو.
ان موقعي تي عثمان طارق خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته هو واروڪشائر جو حصو بڻجڻ تي تمام گهڻو پرجوش آهي.
واروڪشائر ٽيم وٽالٽي بلاسٽ ۾ پنهنجي پهرين ميچ 22 مئي تي کيڏندي، جتي عثمان طارق ايڪشن ۾ نظر ايندو.
وٽالٽي بلاسٽ جي پڄاڻي کانپوءِ عثمان طارق برمنگهم فينڪس جي طرفان ”دي هنڊريڊ“ ۾ به شرڪت ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.