پياري گُڏِي،
اڄ توکي پولارن ۾ گم ٿئي ستون سال پورو ٿيو. ماڻهن ٻڌايو ته تون اھڙي ديس هلي وئي آهين، جتان ڪوئي به اڄ تائين واپس ڪونھي وريو. پر مونکي ماڻهن جي ان ڳالھه تي يقين نٿو اچي. چوندا آهن ته زمين تان اُلھي ويلَ هر وجودُ، هتان وڃڻ کانپوءِ تارو بڻجي زمين تان نظر ايندڙ اُڀَ تي سينگاريل ڪھڪشان ۾ ٽاڪيل ستارن منجهان هڪ ستارو بڻجي ويندو آهي. مون توکي اتي ڳولڻ لاءِ، ته مبادا ماڻهو تنھنجي وڇوڙي بابت صحيح چوندا هجن، ڪئين راتيون اکين ۾ ڪاٽي، اختر شماري به ڪئي، پر مونکي نڀ ۾ ڪوبه نجم اهڙو ڪونه نظريو، جنھن مان تُنھنجو ساءُ اچي! تڏھن ته ماڻهن جي ان ڳالهه تي ويساھه ئي نٿو اچي! مون ته ان چنڊ جي ڪئين پُورڻماس راتين ۾ پوري چنڊ ڏانھن نھاريندي ”چڱا چنڊَ! چئيج! سنيھا کي سڄڻين“ جي مصداق توکي ان هٿان نياپا به ڪرايا، جن جِي منور چانڊاڻ ۾ تون مان هڪٻئي کي چوڏهينءَ جي روشن چنڊَ جُون مبارڪون مُنجندا هئاسين. پر ’ماما چنڊ‘ به شايد تو تائين منھنجا اڪنڊ ۽ اڪير سان ڀرپور اهي نياپا ڪونه ٿو پُڄائي، نه ئي مونکي تو بابت ڪا خبر چار ٿو ڏي ته تون ڪھڙي ڪائنات جي ڪھڙيءَ ڪُنڊ مان هر مھيني ان رات ۾ کيس تڪين ٿي ۽ شايد اتان به مونکي پوري چنڊ جون واڌايون موڪلڻ جي خواهش رکين ٿي.
ماڻهو ٿا چون، ’سپنا‘، سپنو ٿي وئي. پر ايئن ڪيئن ٿو ٿي سگهي! جو تون پنھنجي نالي (نائله) جيان اسمِ بامُسمع ڪامياب ۽ ڪامران، پنھنجا کوڙ سارا ڪم اڌ ۾ ڇڏي، مون سميت پنھنجن گهڻن پنھنجن کي حقيقت جي دڳ لائي، پاڻ سپنو بڻجي ڪنھن ڪُونج جيان اڏامي ڏُور هلي وڃين ۽ وري ڪڏهن به واپس نه اچين! تنھنڪري مونکي ماڻهن جي ان ڳالهه تي ويساھه بنھه نٿو اچي! پر پوءِ به هر 27هين جنوريءَ تي منھنجي دل ايڏي اداس ڇو ٿي ويندي آهي؟ جي تون واقعي اتي ئي ڪٿي آسپاس آهين ۽ ان طرح ڪٿي لڪي پئي آهين، جيئن اسان ننڍپڻ ۾ لڪ لڪوٽي يا اک ٻُوٽ راند کيڏندي هڪٻئي کان ايئن لڪي پوندا هئاسين، جو هڪٻئي کي ڳولي نه سگهون، ته پوءِ تون ايڏن ورهن کان سامھون ڇو نه پئي اچين؟ ۽ اها لڪ لڪوٽي راند ايڏي ڊگهي ڇو ٿي وئي آهي؟
توکي خبر آ؟ ته اميءَ کي به ڪنھن اهو ٻڌايو ته تون الله سائينءَ ڏي هلي وئي آهين، ته هن تُنھنجي جهوريءَ ۾ راتيو ڏينھان روئي پاڻ کي جهوري وڌو ۽ جڏهن هن کان رھيو نه ٿيو ته تنھنجو پورا 5 سال 10 مھينا انتظار ڪري، نيٺ توکي ڳوليندي ماڻهن جي ڏسَ تي اوڏنھن نڪري وئي، جيڏانھن ٻڌايو ويو ته تون وئي آهين، جنھن رستي جي مُنڍَ ۾ ”راهِه رباني“ جو بورڊ آويزان آهي. خبر ناهي ته هوءَ اُنَ پار اچي توسان ملي به يا اوهان ٻئي مونکان به وڇڙي ويئو ۽ هڪٻئي سان به نه ملي سگهيئو!
مونکي خبر ناهي ته تنھنجي ايئن اوچتو گم ٿي وڃڻ سان ٻئي ڪنھن جو ڪيترو نقصان ٿيو آهي يا ناهي ٿيو! پر يار! منھنجو هڪ پاسو ئي ڄڻ ساڻو ڪري وئي آهين. جيتوڻيڪ ننڍپڻ ۾ کيڏندي اسان هڪٻئي جي نقصان تي خوش ٿيندا هئاسين، پر توکي ياد آ؟ جنھن ڏينھن ننڍپڻ ۾ اسڪول ويندي، ياسين حلوائيءَ جي دوڪان آڏو روڊ ڪراس ڪندي، تنھنجي پير مٿان ڪنھن جِي سائيڪل چڙھي وئي هئي ۽ تُنھنجو پير مُڙي ويو هو ۽ اسانجي استادَ ــ سائين عبدالواحدَ توکي ڊاڪٽر کان پٽي ڪرائي، اسان ٻنھي کي گڏ صبح جي پھر ۾ ئي واپس گهر ڇڏيو هو، ته توکي هڪ پير تي منڊڪائيندي ڏسندي، توکان وڌيڪ مان رنو هئس. جنھن تي امڙ پريشان ٿي وئي هئي ته الائي رڳو توکي ڌڪ لڳو آ يا توسان گڏ مان به ڦَٽيو آهيان. جيتوڻيڪ اهو ڪو وڏو حادثو ۽ وڏو ڌڪ نه هو، پر مان ان وقت پنھنجي ٻاراڻي ذهن ۾ اهو سوچي پئي رُنس ته شايد تون ٻيھر ڪڏهن به اهو پير زمين تي کوڙي نه سگهندينءَ!
عملي زندگيءَ ۾ جُنبجي وڃڻ کانپوءِ، مُنھنجي مصروفيت توکي ڪيڏي خراب لڳندي هئي. خاص ڪري تڏھن، جڏهن مان توکي مناسب وقت تي تُنھنجي ڪنھن نياپي جي موٽ نه ڏئي سگهندو هئس. توکي به ته ڪنھن ڪم جي پورائي لاءِ اوچتو منھنجو پُور جو پوندو هو! ۽ پوءِ فون کڻِي مُنھنجو نمبر ملائيندي هئينءَ ۽ جي مان ان وقت ڪنھن ٽي ويءَ يا ريڊيي جي پروگرام ۾ مصروف هوندو هئس ۽ توکي مئسيج ۾ فقط ”آن ايئر“ لکي موڪليندو هئس، ته تون سدائين ڪاوڙ ۾ موٽ ۾ مئسيج ڪندي هئينءَ: ”تُون ته… سدائين هوا ۾…“
آخري ٻه ٽي رمضانَ جا مھينا هر سحريءَ دؤران تُنھنجو مختصر موبائيل فون نياپو وسارئي نٿو وسري، جنھن ۾ تُون ڀٽائيءَ جي هڪڙي سِٽَ (هر روز ڪنھن نئين سِٽ) سان ”پھرين / ٻئين / ٽئين يا چوٿين روزي جو سلام“ لکي موڪليندي هئينءَ! جيتوڻيڪ تڏھن مان روز تنھنجي ان نياپي کي عام مئسيج وانگر ڏسي نظر انداز ڪري ڇڏيندو هئس، پر اڄ هر رمضان ۾ منھنجي فون جِي اسڪرين آلين اکين سان تُنھنجي انھن مئسيجن کي ’مِس‘ ڪندي آهي.
ياد ٿَئِي؟ تو هڪ ڀيري هڪ خواب ڏٺو هو ته مون توکي قسمين قسمين الاهي سارا ’چاٻين جا ڇَلا‘ (Key Chains) سوکڙيءَ ۾ ڏنا آهن ۽ تو مونکي اهو خواب ڳوٺان خط ۾ لکي موڪليو هو. تڏھن مان ڪراچيءَ مان ٻئين ٽئين مھيني گهر (رتيديري) چڪر لڳائيندو هئس. مون ان ڀيري پنھنجي ايندڙ چڪر لڳائڻ تائين ڪراچيءَ جي روڊن رستن، شاپنگ سينٽرس، مالس، گفٽ سينٽرس تي گهمندي ڦرندي، جيڪي به من موھيندڙ ۽ منفرد ’ڪِي چينس‘ ڏٺا، سي تولاءِ خريد ڪندو، گڏ ڪندو رھيس ۽ ڇاڪاڻ ته ان سال تنھنجي عمر 26 سال هئي ته مون پورا 26 ’ڪِي چينس‘ گڏ ڪري هڪ مستطيل باڪس ۾ سڀ سھڻي نموني ڊسپلي ڪري، ان جي مٿان ڪئليگرافيءَ سان لکيو هئم: ”سپنا جي سپني جي تعبيرَ“ ۽ جڏھن مون پنھنجي رتيديري واري ايندڙ چڪر ۾ توکي اها گفٽ ڏني هئي ۽ تو اھا کولي هئي ته تنھنجي خوشي ڏسڻ وٽان هئي. ڪاش ان وقت ان منفرد سوکڙيءَ کي ڏسڻ سان تُنھنجو جيڪو ردِ عمل هو، اهو ڪوئي ريڪارڊ ڪري وٺي ها! تو تَنھن وقت اهي لفظ به چيا هئا ته: ”مونکي ته پنھنجو اهو سپنو ئي وسري ويو هو، جنھن جي تو هيڏي سھڻي تعبير اچي منھنجي سامھون رکي آهي!“ ساڳئي قسم جو Excitement سان ڀرپُور ردِ عمل مون تُنھنجو تڏھن به ڏٺو هو، جڏهن مون تنھنجو سسئيءَ بابت لکيل ماسٽرس جو مونوگراف ”ڳوليان ڳوليان مَ لھان“ توکي بابن جي لحاظ کان اسڪيچن سان سينگاري، سرِورق سان سجائي، ’بائِينڊ‘ ڪرائي هٿ ۾ ڏنو هو. تڏهن به خوشيءَ ۾ تون هوا ۾ ٿي اڏامِينءَ! جو توکي تُنھنجي مھينن جي علمي ڪاوش جو عملي روپ تُنھنجن هٿن ۾ مليو هو.
توکي ڪيئن وسريو هوندو ته پاڻ ننڍي لاءِ ڪيئن گُڏي گڏيءَ جي شادي ڪرائيندا هئاسين. شايد اهو تنھنجي ۽ منھنجي پيار مان سڏجندڙ نالن (نِڪ نيمس) جو اثر هو، جو توکي گُڏيون بيحد پسند هيون ۽ مان به توسان جوڙ ۾ گُڏا وٺي راند کيڏندو هئس (جيتوڻيڪ اها ڇوڪرن جي راند ناهي) ۽ مان تُنھنجي گڏين سان پنھنجا گُڏا پرڻائيندو هئس. پر اهو توکي ياد آهي الائي نه، ته اهڙي ئِي هڪ گُڏي ــ گُڏِيءَ جي شاديءَ ۾ مُنھنجي هڪ ڃاڄي گُڏي جِي توکان ٻانھن مروڙجي وئي هئي ۽ ان گُڏي جي پلاسٽڪ جي اها ٻانھن ڀڄِي پئي هئي. جنھن تي مان توکان رُسي ويو هئم ۽ هلندڙ ڪاڄ ۾ ذري گهٽ اها شادي منسوخ ڪرڻ جھڙي نوبت اچي وئي هئي. پر تو مصلحت سان اهو واعدو ڪري اهو ڪاڄ ڦٽڻ نه ڏنو هو ته ”هيءَ ڀڳل ٻانھن سنڀالي رک! مان توکي يا ته ان گُڏي ۾ اها ٻانھن ڳنڍي ڏيندس، يا ان جي بدلي نئون گُڏو وٺي ڏيندَس!“
سنڌ جو ته 27 جنوري 2019ع تي، هڪ برجستي شاعره، خوبصورت نثر نويس، قابل استاد، بھترين مقرر ۽ ڪمپئر پروفيسر نائله گل ”سپنا“ قاضيءَ جي وڇوڙي جي صورت ۾ نقصان ٿيو، پر مُونکان ته گهڻو ڪجهه کسجي ويو نه! ظاهري رشتي ۾ ته منھنجي مونکان هڪ سال وڏِي ڀيڻ گم ٿي وئي، پر اصل ۾ منھنجي اها دوست، جنھن سان مان هر وقت بنا سبب جي جهيڙا ڪري سگهندو هئس، ڄڻ تون منھنجو ’پَنچنگ بئگ‘ هئينءَ! مُنھنجي رازدار، منھنجي تخليقي صلاحڪار ۽ اهڙن ٻين گهڻن رشتن ۾ سلھاڙيل ساٿي گم ٿي وئي.
مان هي خط توکي ان آس تي لکي رھيو آهيان، ته تون جتي به آهين، منھنجو هي مڪتُوب تو تائين ضرور پھچندو ۽ مون پاران مِنٿَ ڪندو ته ٻيلي! جي واپس اچي نٿي سگهين ته ٻڌائي ته ڇڏ! ته جيئن مان تُنھنجو انتظار ڪرڻ ڇڏي ڏيان ۽ ماڻهن جي ڳالھه تي ويساھه ڪري وٺان ته تون هن جھان مان ٻئي جھان جو دڳ وٺي چُڪي آهين ۽ اهو به ٻُڌائجانءِ ته مان ان گُڏي جِي ڀڳل ٻانھن جو ڇا ڪيان!؟ ڇاڪاڻ ته تُنھنجي وڃڻ سان واقعي ڄڻ ته ’گُڏي‘ جي هڪ ٻانھن ئي ڀڃي پئي آهي.
اڪير مان،
تنھنجو ساڳيو ئي:
گُڏو