ڇا آمريڪا جو عالمي اقتصادي نظام زوال پذير آهي؟

تحرير: خالد ڀٽي

جڏهن اسين آمريڪي نظام جي زوال جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ان مان مراد آمريڪا جي فوري تباهي، رياستي ٽٽڻ يا عالمي سياست مان اوچتو نيڪالي ناهي هوندي. آمريڪا اڄ به دنيا جي سڀ کان وڏي فوجي، معاشي ۽ سياسي طاقت آهي. بهرحال جنهن زوال جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي اهو تدريجي، مسلسل ۽ ساختياتي نوعيت جو آهي. هي زوال نه تيز آهي ۽ نه ئي اوچتو، پر هڪ اهڙي عمل جو نالو آهي جنهن ۾ طاقت جو توازن آهستي آهستي تبديل ٿي رهيو آهي۔ آمريڪا جي مقابلي ۾ جيڪڏهن يورپ جي اڳوڻين سامراجي طاقتن کي ڏٺو وڃي ته انهن جو زوال ڪٿي وڌيڪ تيز ۽ واضح آهي. برطانيا، فرانس، اٽلي ۽ ٻيون يورپي رياستون جيڪي ڪڏهن عالمي سياست ۽ معيشت تي حاوي هيون، اڄ پاڻ اندروني معاشي بحرانن، صنعتي زوال ۽ سياسي عدم استحڪام جو شڪار آهن. جرمني ڪنهن حد تائين مستثنيٰ آهي جنهن پنهنجو صنعتي ڍانچو وڏي حد تائين برقرار رکيو، پر مجموعي طور تي يورپ جي حيثيت ڪمزور ٿي آهي۔

 آمريڪي زوال کي سمجهڻ لاءِ اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته هي عمل اڄ يا ڪالهه شروع ناهي ٿيو. سوويت يونين جي خاتمي کان پوءِ آمريڪا واحد سپر پاور طور اڀريو ۽ هڪ عرصي تائين اهو تاثر غالب رهيو ته هاڻي ان کي ڪنهن وڏي چيلينج کي منهن نه ڏيڻو پوندو. پر تاريخ مختلف رستو اختيار ڪيو. چين جي معاشي عروج ۽ روس جي تدريجي بحالي هن هڪ قطبي نظام کي چيلينج ڪرڻ شروع ڪيو۔

روس جيتوڻيڪ معاشي طور آمريڪا جي برابر ناهي، پر عسڪري ۽ جغرافيائي سطح تي هن پنهنجو اثر رسوخ ٻيهر قائم ڪيو آهي. شام ۾ روسي مداخلت ان جي واضح مثال آهي، جتي آمريڪا ۽ ان جا اتحادي بشار الاسد جي حڪومت جي خاتمي جا خواهشمند هئا، پر روس عسڪري مداخلت ڪري ان منصوبي کي ناڪام بڻايو. عرب اسپرنگ جي نتيجي ۾ ڪيترين حڪومتن جو خاتمو ٿيو، پر شام ۾ ائين نه ٿي سگهيو. هي روس جي عالمي سياست ۾ واپسي جو هڪ علامتي لمحو هو۔ چين آمريڪا کي سڌي طرح عسڪري چيلينج نه ڏنو، پر معاشي ميدان ۾ ان جي اڳڀرائي ڪٿي وڌيڪ گهري ۽ مؤثر رهي. آمريڪا ۽ يورپ جو اهو خيال هو ته چين کي عالمي نظام ۾ شامل ڪرڻ کان پوءِ اهو تدريجي طور پنهنجي سوشلسٽ ڍانچي کي ڇڏي ڏيندو، ڪميونسٽ پارٽي جو غلبو ڪمزور ٿي ويندو، ۽ آخرڪار چين هڪ لبرل ڪيپيٽلسٽ رياست ۾ تبديل ٿي ويندو. مائيڪ پومپيو سميت ڪيترن آمريڪي پاليسي سازن کليل لفظن ۾ ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته اهو اندازو غلط ثابت ٿيو۔ چين نه صرف ڪميونسٽ پارٽي جي ڪنٽرول کي برقرار رکيو پر رياستي مداخلت کي وڌيڪ مضبوط ڪيو. جيتوڻيڪ هن منصوبا بند معيشت جي ڪلاسيڪي شڪل کي تبديل ڪيو، پر رياست جو ڪردار گهٽ ٿيڻ بدران وڌيڪ فعال ٿي ويو. سرمائيداراڻي پروپيگنڊا اهو دعويٰ ڪري ٿو ته چين جي ترقي صرف مارڪيٽ ريفارمز ۽ نيو لبرل پاليسين جو نتيجو آهي، پر حقيقت ان کان ڪٿي وڌيڪ پيچيده آهي۔ چين جي ترقي کي سمجهڻ لاءِ عالمي سرمائيداري جي تاريخ جو مختصر جائزو ضروري آهي. سورهين صدي کان سرمائيداري جي شروعات ٿي، سترهين ۽ ارڙهين صدي ۾ واپار ۽ غلامي جي نظام وسيلي دولت جا انبار لڳايا ويا، ۽ اوڻيهين صدي ۾ صنعتي انقلاب هن نظام کي نئين طاقت بخشي. ويهين صدي ۾ سرمائيداري سامراجي شڪل اختيار ڪئي، جنهن ۾ صنعتي سرمائي تي مالي سرمائي جي بالادستي قائم ٿي۔

ڪارل مارڪس گهڻو اڳ ئي هن رجحان جي نشاندهي ڪئي هئي ته سرمائيداري جي ارتقا سان گڏ مالي سرمائي صنعتي سرمائي تي غالب ٿي ويندي. اڄ جي دنيا ۾ اسٽاڪ مارڪيٽون، بينڪنگ سسٽم ۽ مالي ادارا اصل طاقت جو سرچشمو بڻجي چڪا آهن. ان جا سياسي، سماجي ۽ عالمي اثر انتهائي گهرا آهن۔ نوآبادياتي نظام جي خاتمي کان پوءِ جيتوڻيڪ ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جا ملڪ سياسي طور آزاد ٿيا، پر معاشي آزادي انهن کي نصيب نه ٿي سگهي. فزيڪل ڪالونيلزم جي جاءِ تي هڪ اهڙو عالمي مالي نظام قائم ٿيو جنهن وسيلي غريب ملڪن کي بالواسطه طور ڪنٽرول ڪيو ويندو رهيو. عالمي واپاري ادارا، مالي شرطون ۽ قرضن جا ڄار هن عدم مساوات کي وڌيڪ گهرو ڪندا ويا۔ اوڻيهه سئو اسي واري ڏهاڪي ۾ ريگن ۽ ٿئچر جي دور ۾ گلوبلائيزيشن جي نئين لهر اٿي. ان جو بنيادي مقصد اهو هو ته پيداوار کي سستي مزدوري وارن ملڪن ڏانهن منتقل ڪيو وڃي، جڏهن ته منافعو ۽ مالي ڪنٽرول ترقي يافته ملڪن جي هٿ ۾ رهي. آمريڪا ۽ يورپ پاڻ کي تدريجي طور ڊي انڊسٽريلائيز ڪيو ۽ پنهنجون صنعتون چين، ويٽنام، انڊيا ۽ ٻين ملڪن ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيون۔ هن پاليسي جو هڪ غير متوقع نتيجو اهو نڪتو ته چين جهڙا ملڪ رڳو فيڪٽري زون نه رهيا پر مڪمل صنعتي پاور هائوس بڻجي ويا. اڄ دنيا جي لڳ ڀڳ ٽيهن سيڪڙو صنعتي پيداوار چين ۾ ٿئي ٿي، جڏهن ته آمريڪا جو حصو سترهن سيڪڙو جي لڳ ڀڳ رهي ويو آهي. گڏيل قومن جي رپورٽن مطابق ايندڙ ڏهاڪن ۾ هي فرق وڌيڪ وڌندو۔

2007.08 جي عالمي مالي بحران هن عمل کي تيز ڪري ڇڏيو. يورپ ۽ آمريڪا هن بحران مان مڪمل طور نڪري نه سگهيا، جڏهن ته چين پنهنجي ترقي جي رفتار برقرار رکي. ان جي نتيجي ۾ عالمي جي ڊي پي ۾ طاقت جو توازن نمايان طور تبديل ٿيو. يورپي يونين جو حصو گهٽ ٿيو، چين جو ڪيترائي ڀيرا وڌيو، جاپان پوئتي هٽي ويو ۽ انڊيا هڪ نئين اڀرندڙ رانديگر طور سامهون آيو۔ آمريڪا جي اندر هن صورتحال شديد فڪري ۽ سياسي بحران کي جنم ڏنو. حڪمران طبقو ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. هڪ طبقو گلوبلائيزيشن جو حامي رهيو، جڏهن ته ٻيو طبقو ان کي آمريڪي زوال جي بنيادي سبب طور سمجهڻ لڳو. انهيءَ ئي بئڪ ليش مان رائيٽ ونگ پاپولزم، ٽي پارٽي موومينٽ ۽ آخرڪار ڊونلڊ ٽرمپ جو اڀار ٿيو۔ ٽرمپ جو بيانيو اهو هو ته آمريڪا ڊي انڊسٽريلائيزيشن وسيلي پاڻ کي ڪمزور ڪيو، چين کي مضبوط ڪيو ۽ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته آمريڪا کي ٻيهر صنعتي طاقت بڻايو وڃي. انهيءَ مقصد تحت ٽيرف، واپاري جنگيون، معاشي پابنديون ۽ سپلاءِ چين جي ري لوڪيشن جهڙا قدم کنيا ويا۔

ٽرمپ جي پاليسي کي رڳو پاڳلپڻو يا غير سنجيدگي چوڻ حقيقت کان فرار آهي. هي دراصل آمريڪي حڪمران طبقي جي ان حصي جي نمائندگي ڪري ٿي جيڪو آمريڪي زوال جي رفتار کي سست ڪرڻ چاهي ٿو، ڀلي ان لاءِ عالمي نظام کي عدم استحڪام ڏانهن ڇو نه ڌڪڻو پوي۔ چين جي خلاف آمريڪي حڪمت عملي جو هڪ اهم پهلو توانائي تائين ان جي رسائي کي محدود ڪرڻ آهي. وينزويلا، ايران ۽ وچ اوڀر ۾ آمريڪي سرگرمين جو مقصد رڳو وسيلن تي قبضو ناهي، پر چين کي انهن وسيلن کان پري رکڻ به آهي. انهيءَ پس منظر ۾ لاطيني آمريڪا، آفريڪا ۽ ايشيا ايندڙ سالن ۾ وڏين طاقتن جي ڇڪتاڻ جو ميدان بڻجي سگهن ٿا۔ ڊي ڊالرائيزيشن پڻ آمريڪي زوال جي هڪ علامت آهي. جيتوڻيڪ ڊالر اڄ به دنيا جي مضبوط ترين ڪرنسي آهي، پر ڪيترائي ملڪ باهمي واپار ۾ متبادل ڪرنسين ڏانهن وڌي رهيا آهن. چين، روس ۽ ٻين ملڪن جي وچ ۾ هي رجحان مستقبل ۾ عالمي مالي نظام کي بنيادي طور تبديل ڪري سگهي ٿو۔ ٽيڪنالاجي اهو ميدان هو جتي آمريڪا جي برتري مسلم هئي، پر هاڻي هتي به چين تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي. ريسرچ، تعليم ۽ آر اينڊ ڊي ۾ چين جي سيڙپڪاري آمريڪا ۽ يورپ جي مجموعي کان به وڌيڪ ٿي چڪي آهي. سيمي ڪنڊڪٽرز جي شعبي ۾ پابندين باوجود چين ڪجهه ئي سالن ۾ خودڪفالت حاصل ڪري ورتي، جيڪا ان جي رياستي منصوبا بندي ۽ صنعتي حڪمت عملي جو ثبوت آهي۔

چين جو ملٽري انڊسٽريل ڪمپليڪس قومي ملڪيت ۾ آهي، جنهن سبب اهو گهٽ لاڳت ۾ جديد هٿيار تيار ڪري سگهي ٿو. ان جي مقابلي ۾ آمريڪا جو نجي شعبي تي ٻڌل نظام انتهائي مهانگو ۽ منافع خور آهي. اهوئي فرق مستقبل جي طاقت جي توازن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو۔ مجموعي طور دنيا هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي رهي آهي جتي طاقت جو توازن بدلجي رهيو آهي. آمريڪا پنهنجي زوال کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، چين پنهنجي عروج کي برقرار رکڻ چاهي ٿو، ۽ روس پنهنجي عسڪري ۽ جغرافيائي حيثيت کي مضبوط ڪري رهيو آهي. هن ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ ايندڙ سالن ۾ عالمي سياست وڌيڪ غير يقيني، تڪرارن سان ڀرپور ۽ ممڪن طور وڌيڪ خطرناڪ ٿي سگهي ٿي۔ هي عمل اڃا پنهنجي شروعاتي مرحلي ۾ آهي. تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته اهڙن دورن ۾ جنگيون، اتحادين جون تبديليون ۽ عالمي نظام جي ٻيهر جوڙجڪ اڻٽر بڻجي ويندي آهي. سوال اهو ناهي ته تبديلي ايندي يا نه، پر اهو آهي ته ان تبديلي جي قيمت ڪير ادا ڪندو ۽ ڪيتري حد تائين۔

(کاٻي ڌر سان سلهاڙيل ترقي پسند دانشور خالد ڀٽي جي  ”حب انٽليڪچوئل“  طرفان ڪرايل ليڪچر تان ورتل)

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.