گل پلازا واري انتهائي افسوس جوڳي واقعي تي تمام گهڻو ردعمل ظاهر ٿيو آهي يعني ان واقعي ۾ حڪومتي، انتظامي ۽ ادارن جي بدترين ڪارڪردگيءَ تي جيترو ڳالهايو ويو آهي، بحث ڪيو ويو آهي، تجويزون ڏنيون پيون وڃن. ڪو بحث تعميري ٿيو آهي ته ڪو موقف وري نفرت ۽ تعصب کي به ڦهلائي رهيو آهي. عام ماڻهو ته جذباتي ۽ سطحي ردعمل به ڏئي سگهن ٿا پر جڏهن سياسي جماعتون ۽ انهن جماعتن جا اڳواڻ جذباتي، مخالفت براءِ مخالفت، سياسي اسڪورنگ ڪندڙ ۽ ڪنهن واقعي جو ناجائز فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪندي سياسي دڪان چمڪائڻ جي ڪوشش ڪن ته سندن سوچ ۽ ڪردار تي افسوس ٿئي ٿو. جڏهن ته ٿيڻ ايئن گهرجي ته سياسي جماعتن ۽ سياسي اڳواڻن جو اهڙو پارلياماني، اخلاقي، تهذيب يافته اڪيڊمڪ ۽ نظرياتي ردعمل هجي جو جيڪر عام ماڻهو کي ان مان سکڻ جو موقعو ملي. پر افسوس ته سياسي جماعتن ۽ سياسي اڳواڻن جو موقف بيان ڪرڻ جو طريقو انتهائي غير معياري ۽ بازاري ٿيندو ٿو وڃي. ٽي وي چينلن تي هلندڙ ٽاڪ شوز ۾ جيڪا ڪريل ٻولي استعمال ٿيندي آهي تنهن کي ڏسندڙ مٿن کلندا آهن. اهڙو ئي ماحول گل پلازا واري سانحي جي موقعي تي ڏسڻ ۾ آيو.
اسان سمجهون ٿا ته ”حادثا“ دنيا جي ڪهڙي به ملڪ، شهر ۽ حڪومت ۾ ٿي سگهن ٿا. ڪير به نٿو چئي سگهي ته گل پلازا کي لڳل باهه ۽ ان ۾ انسانن جو جيئري سڙي وڃڻ وارو قيامت نما واقعو ڪو پهريون ڀيرو ٿيو آهي يا اهڙو واقعو وري ڪٿي نٿو ٿي سگهي. حادثا ڪٿي به ٿي سگهن ٿا، ها باقي ٿيڻ ايئن گهرجي ته انهن حادثن جي غير جانبدراڻي جاچ ڪرائڻ گهرجي ۽ ان مان سکڻ گهرجي. جاچ ڪرائڻ جو مقصد ئي اهو هوندو آهي ته سانحي ٿيڻ جا سبب معلوم ڪجن ته جيئن اڳتي وري اهڙي حڪومتي، انتظامي، ادارتي غلطي، غفلت يا لاپرواهي نه ڪجي ۽ ان واقعي مان اڳتي لاءِ سبق سکجي. پر اها به حقيقت آهي ته هتي واقعاتي جاچن جي رڳو فارملٽي پوري ڪئي ويندي آهي، ان مان سکيو ناهي ويندو، عمارتن کي باهه لڳڻ جا واقعا سڄي دنيا ۾ ٿيندا آهن پر انهن جي واقعن کي روڪڻ لاءِ خاص ڪري ترقي يافته ملڪن ڪهڙا جديد انتظام ڪيا آهن تن جو علم حاصل ڪرڻ لاءِ باهه وسائيندڙ ادارن کي ترتيب ڏيارڻ جو به انتظام ڪرڻ گهرجي. ٻي ڳالهه ته اسان وٽ مانيٽرنگ جي روايت ناهي جڏهن ته هر اداري کي پنهنجن ادارن ۽ ڪمن جو وقت به وقت معائنو ڪرڻ گهرجي. اهو سڀ احساس ذميواري محسوس ڪرڻ سان ٿيندو آهي اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ جي حڪومتن ۾ احساس ذميواري جو به فقدان وڌي ويو آهي.
چوڻ جو مقصد اهو آهي ته گل پلازا جي باهه لڳڻ سبب سڙي رک ٿيڻ واري واقعي تي بلڪل به ڳالهائي سگهجي ٿو، حڪومت، ادارن ۽ انتظاميا تي سخت تنقيد به ڪري سگهجي ٿي پر ان تنقيد کي نفرت ۽ تعصب جي ور نه چاڙهڻ گهرجي. پ پ جي حڪومت تي تنقيد ڪرڻ بدران ان جي باهه سنڌ مان ڪڍڻ درست ناهي. سياسي جماعتن کي چڱي ريت خبر آهي ته سنڌ، سنڌي قوم جو جذباتي معاملو آهي تنهن ڪري سنڌ کي نشانو بڻائڻ بدران گل پلازا جي واقعي جي حدن ۾ رهي ڪري تنقيد ڪرڻ گهرجي. گل پلازا جي واقعي جي اوٽ ۾ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي واويلا ٻڌائي ٿي ته سياست کي نفرت ۽ تعصب ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي جيڪو معاملو انتهائي حساس آهي. اها نفرت واري سياست به هڪ باهه آهي جيڪا پڻ سڀني سياسي قدرن کي گل پلازا وانگر ساڙي رک ڪري سگهي ٿي. اهو سياسي رويو به باهه جي چڻنگ کي هوا ڏئي ڪري ڀڀڙ بڻائي سگهي ٿو ۽ پوءِ نفرت جي ان باهه ۾ ممڪن آهي ته اهي به محفوظ نه رهن جن اها باهه ٻاري هجي.
نفرت ۽ تعصب جي ان باهه جي به تاريخ پڙهڻ گهرجي ۽ ان مان سکڻ گهرجي. اصل ۾ سياست ڪرڻ جا به اصول، قائدا ۽ آداب ٿيندا آهن. انهن اصولن، قاعدن ۽ آدابن جي دائري ۾ سياست ڪرڻ گهرجي. اهو رويو ڪنهن ريت به درست ناهي ته سڀاڻي لاهور ۾ خدانخواسته ڪنهن عمارت کي باهه لڳي ته اهو مطالبو ڪجي ته لاهور کي پنجاب کان ڌار ڪري ان کي الڳ صوبو بڻايو وڃي. اسان کي بهرحال اها به خبر آهي ته اهڙو مطالبو اتي نه ٿيندو ۽ نه ئي ايئن ٿيڻ گهرجي. واقعن ۽ حادثن کي انهن جي ڪارڻن جي روشني ۾ ڏسڻ گهرجي پر جيئن ته سنڌ ڏانهن روايتي طور هڪ تعصب رکيو ويندو آهي سو تعصب ٿوري ٿوري ڳالهه تي سنڌ کي نشانو بڻائيندو رهيو آهي.
اها به حقيقت آهي ۽ ان حوالي سان چوڻي به آهي ته جيڪڏهن اوهان هڪ ڏانهن آڱر کڻندئو ته ڏهه آڱريون اوهان ڏانهن به کڄنديون. اوهان سنڌ جي حساس ۽ جذباتي وجود ڏانهن آڱر کڻندئو ته پوءِ اوهان ڏانهن به کڄنديون. اوهان ڪنهن جي عزت ۽ جذبات تي وار ڪندئو ته توهان جي عزت ۽ جذبات به پوءِ محفوظ نه رهندي. تنهن ڪري هڪٻئي جي عزت ۽ جذبات جو خيال ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن سياستدان ذاتي طور پاڻ ۾ سٺا لاڳاپا رکي سگهن ٿا ۽ هڪٻئي جي خوشين ۽ غمن ۾ شريڪ ٿين ٿا ته پوءِ انهن کي ٻين قومن، ذاتين، عقيدن ۽ سندن وڏن جو به احترام ڪرڻ گهرجي ۽ اهڙي ڪا ڳالهه نه رکڻ گهرجي جنهن سان نفرت جي باهه لڳي ۽ پوءِ اها ايتري وڏي وڃي جو ڪنٽرول ۾ نه اچي سگهي.
سو پنهنجو خيال اهو آهي ته سياست کي تعصب ۽ نفرت جو ٻارڻ نه بڻائڻ گهرجي. سياست، سياسي اصولن، قاعدن ۽ آدابن جي دائري ۾ رهي ڪري پارلياماني ۽ عقلي بنيادن تي ڪرڻ گهرجي سياسي اخلاقيات کي مٿانهون رکڻ گهرجي ۽ نظرياتي سياست ڪرڻ جي تربيب حاصل ڪرڻ گهرجي.