مٽياري ۾ قتل ڪيل سلمان ملاح جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو

مٽياري (رپورٽ: ضمير خاصخيلي) مٽياري جي موبائيل مارڪيٽ ۾ گوليون هڻي قتل ڪيل نوجوان سلمان ملاح جي وارثن پاران لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو هنيو ويو، شهر جي موبائيل مارڪيٽ ۾ سرعام گوليون هڻي قتل ڪيل نوجوان سلمان ملاح جي وارثن پاران نوجوان جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي مقتول جي والد ڦوٽو ملاح چيو ته منهنجو پٽ بيگناهه ماريو ويو آهي، ظالمن مٽياري وچ شهر ۾ منهنجي ٻچي کي گولين جو کاڄ بڻائي ڇڏيو، اسان شريف ماڻهو آهيون ڪنهن سان به ڪا دشمني ناهي جوابدارن جو ڀاءُ ڪجهه مهينا اڳ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيو جنهن کي منهنجي پٽ سلمان انساني همدردي جي بنياد تي اسپتال پهچايو ۽ بگهڙ برادري جا ماڻهو منهنجي پٽ کي چنبڙي ويا جنهن کانپوءِ هنن منهنجي پٽ کي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي ٽي مهينا جيل موڪلائي ڇڏيو جيڪو ڪيس هلندڙ هو پوليس مک جوابدار بابو بگهڙ ۽ عاشق بگهڙ ۽ ٻين کي پيش نٿي ڪري ان موقعي تي ملاح برادري جي اڳواڻن پپو ملاح، مهر الساءِ ملاح، سڪندر علي ملاح اظهر علي ملاح ۽ ٻين ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته اسان جي نوجوان سلمان ملاح سان ظلم ٿيو آهي، هن کي وچ اسٽاپ تي موبائيل مارڪيٽ ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، اسان جو مطالبو آھي ته بڇ ڪندڙ مک جوابدار بابو بگهڙ عاشق بگهڙ سميت ٻين جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري سندس مٿان قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي پر پوليس بااثر شخص بابو بگهڙ کي بچائڻ چاهي ٿي، واقعي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي قانون جي دائري ۾ آڻي سزا ڏني وڃي، هوڏانهن ڊي ايس پي مٽياري مشتاق احمد شيخ ۽ ايس ايڇ او مٽياري شاهزمان چانڊيو قومي شاهراهه تي پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري قومي شاهراهه کولرائي ڇڏيو جنهن بعد سندس مڙهه کي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.