چوٽياريون ٿاڻي جي حد ۾ بااثر جي پٽ پاران نينگري سان مبينا زيادتي، وحشياڻو تشدد

سانگهڙ (رپورٽ: محمد حسين بلوچ) چوٽياريو ٿاڻي جي حد ۾ بااثر جي پٽ پاران 16 ورهين جي نينگري تي وحشيانه تشدد، سانگهڙ جي علائقي چوٽياريون ٿاڻي جي حد ۾ بااثر شخص جي پٽ پاران 16 ورهين جي نينگري شاد بانو تي مبينا طور وحشيانه تشدد ڪري سندس زبان جسم ۽ چهري تي بليڊ جا تمام گهڻا جهير ڏئي زخمي ڪرڻ بعد جوابدار فرار ٿي ويو، هي  واقعي گذريل رات دير سان چوٽياريو واسي محرم ملاح جي گهر اندر پيش آيو، جتي جوابدار زبردستي گهڙي نينگري سان تشدد ڪيو ۽ بليڊ سان سندس چهرو ۽ جسم نوچي زخمي ڪري فرار ٿي ويو. چوٽياريون پوليس موجب رات دير سان نينگري جي وارثن ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته اڻڄاتل چور گهر ۾ داخل ٿي نينگري تي تشدد ڪري فرار ٿي ويا، زخمي نينگري کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال سانگهڙ منتقل ڪيو ويو، جتي کيس ابتدائي طبي امداد ڏيڻ بعد وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو. سول سرجن موجب صبح جو نينگري ۽ سندس والد اسپتال مان واپس گهر روانا ٿي ويا، جڏهن ته نينگري جو ايڪسري ۽ ٻيا ضروريطبي ٽيسٽ ٿيڻا هئا، ليڊي ڊاڪٽر سحرش شروعاتي طبي جائزي دوران ايڪسري ڪرائڻ جي صلاح ڏني هئي پر علاج ڪرائڻ بجاء واپس روانا ٿي ويا، ٻئي پاسي جڏهن معاملو سوشل ميڊيا تي هاءِ لائٽ ٿيو ته متاثر نينگري جي ماءُ جو بيان به سامهون آيو. نينگري جي ماءُ وڏيري وارث راجڙ جي پٽ وزير راجڙ تي سنگين الزام لڳائيندي چيو ته سندس ڌيءَ تي وزير راجڙ وحشيانه تشدد ڪيو، هن ٻڌايو ته نينگري جي تمام گھڻا بليڊ جا جهير آهين چهري تي ڪيترائي ٽانڪا لڳل آهن، جڏهن ته اکيون ۽ سڄو چهرو سخت زخمي آهي، متاثر نينگري جي ماءُ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسين وارث راجڙ جا هاري آهيون، سندس پٽ وزير راجڙ منهنجي ڌيءَ سان ظلم ڪيو آهي، اسين غريب آهيون، اسان سان انصاف ڪيو وڃي. اسان جي ڪا به ٻڌڻ وارو ناهي، هن چيو واقعي ڪافي ڪلاڪ گذري چڪا آهين پر  چوٽياريون پوليس اڃا تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ڪيو آهي ۽ نه ئي جوابدارن کي گرفتار ويو آهي، سوشل ميڊيا تي هلي رهيو آهي ته نينگري کي اجتماعي زيادتي بعد تشدد ڪري مرڻينگ ڪيو ويو آهي، معاملي کي  لِڪايو پيو وڃي، سڄاڻ ڌرين پاران معاملي جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.