ڪراچي (رپورٽر) ايسوسيئيشن آف بلڊرز ڊيولپرز (آباد) جي چيئرمين محمد حسن بخشي چيو آهي ته صرف ٽن ڏينهن اندر ڪراچيجي سڀني عمارتن ۾ فائر سيفٽي جا اوزار نصب ڪرڻ عملي طور ممڪن ناهي، ڇاڪاڻ ته مارڪيٽ ۾ فائر سيفٽي جو سامان ئي ڪافي مقدار ۾ موجود ناهي. چيئرمين آباد جو چوڻ آهي ته فائر سيفٽي آڊٽ رپورٽ اڱاري شام جاري ڪئي وئي، جنهن ۾ جن عمارتن جي نشاندهي ڪئي وئي، انهن مان ڪيتريون ئي عمارتون 30 کان 35 سال پراڻيون آهن، آباد جي ميمبرن گذريل 15 کان 20 سالن دوران جيڪي عمارتون تعمير ڪيون آهن، انهن مان گهڻين ۾ فائر سيفٽي جا انتظام موجود آهن، جڏهن ته ان کان اڳ تعمير ڪيل عمارتن جي بلڊرز کي به هدايت ڪئي وئي آهي ته فائر سيفٽي قدمن تي عملدرآمد ڪن، پراڻين عمارتن ۾ فائر سيفٽي سسٽم لڳائڻ لاءِ وقت، وسيلن ۽ مناسب منصوبه بندي جي ضرورت آهي، هڪدم الٽي ميٽم ڏيڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو.