آمريڪا جي ”رجيم چينج واري پاليسي“ جي روشني ۾ ڇا پاڪستان کي به خطرو آهي؟

ڪجهه سالن کان آمريڪا جي اها نام نهاد پاليسي رهي آهي ته اهو دنيا اندر ”جمهوريت ڏسڻ چاهي ٿو ۽ آمريت کي پسند نٿو ڪري، ان بنياد تي اهو جيڪا ”مداخلت“ ڪري رهيو آهي تنهن کي جمهوريت جي جو مشن تصور ڪري ٿو. آمريڪا جيئن ته دنيا جو جنگي هٿيارن ٺاهڻ جو سڀ کان وڏو ملڪ آهي تنهن ڪري اهو پنهنجي ان طاقت سان پنهنجا سامراجي مفاد  پڻ حاصل ڪندو رهندو آهي ۽ ان لاءِ اهو ٻين ملڪن جي اندروني معاملن ۾ مداخلت جو بهانو ۽ جواز ڳوليندو وتندو آهي جڏهن ته پنهنجي اندر ۾ اهو ملڪ ڪڏهن به جمهوري نه رهيو آهي. جيئن اوهان ڏسي رهيا آهيو ته ايران ۾ جيڪڏهن عوام مهنگائي جي خلاف مظاهرا ڪري رهيو آهي ۽ ايران جي حڪومت ان خلاف سختي ڪري رهي آهي ته آمريڪا کي ڄڻ موقعو ملي ويو آهي ته اهو عوامي احتجاج  جي حمايت جي بهاني ايران ۾ مداخلت ڪري حڪومت خلاف ڪارروائي ڪري ۽ دنيا کي اهو تاثر ڏئي ته اهو عوام خلاف ڪنهن کي به طاقت استعمال ڪرڻ نه ڏيندو.

جڏهن ته تاريخ شاهد آهي ته آمريڪا هر دور ۾ جمهوريت کي راتاهو ڏئي مارشل لائون مڙهيون آهن. چوڻ جو مقصد اهو آهي ته آمريڪا جون ٻين ملڪن جي اندروني معاملن ۾ مداخلتون خود آمراڻو ۽ سامراجي رويو آهي. اها به تاريخي حقيقت آهي ته پنهنجا جنگي هٿيار وڪرو ڪرڻ لاءِ اهو هر دور ۾ ٻين ملڪن کي ويڙهائيندو رهيو آهي. سو آمريڪا جي نام نهاد جمهوري ۽ ”رجيم چينج“ واري پاليسي مان هاڻي دنيا جي هر حڪومت کي خطرو ڪرڻ گهرجي. آمريڪا هاڻي هٿ ٺوڪي جمهوريت جي آڙ ۾ ڪنهن به حڪومت کي ختم ڪرائي سگهي ٿو ان جو طريقو هن اهو اختيار ڪرڻ شروع ڪيو آهي ته عوام کي روڊن تي آڻي حڪومتن خلاف تحريڪون هلرائي ٿو ۽ پوءِ ان عوام جي جمهوري حق جي ڳالهه ڪر ي ٿو جيئن ايران جي حڪومت چئي رهي آهي ته ايران ۾ پرتشدد احتجاج  ڪرائڻ آمريڪا جي سازش آهي. هو ايران ۾ حڪومت تبديل ڪرڻ چاهي ٿو.

ان عالمي ماحول کي ڏسندي هتي سوال رکجي ٿو ته ڇا ان مان پاڪستان کي خطرو ناهي. بظاهر ته اڄ خاص ڪري صدر ٽرمپ جي دور ۾ آمريڪا جا پاڪستان سان تمام بهترين لاڳاپا آهن پر ٽرمپ جهڙي غير متوقع شخص مان ڪنهن به قسم جو خطرو ڪري سگهجي ٿو تنهن ڪري پاڪستان کي وينزويلا ۽ ايران جي حالتن مان اهو سکڻ گهرجي ته آمريڪا کي ڪنهن به قسم جو موقعو نه ڏجي.  آمريڪا جي سامراجي پاليسيءَ جي روشني ۾ سوچڻ گهرجي ته پاڪستان کي ڪهڙي معاملي ۾ محتاط ۽ خبردار رهڻ گهرجي، اسان جو خيال آهي ته موجوده حالتن ۾ پاڪستان کي پنهنجو جمهوري ۽ پارلياماني نظام غير معمولي طور تي مضبوط ڪرڻ گهرجي پاڪستان جو جمهوري نظام هونئن ته هر دور ۾ ڪمزور رهيو آهي پر موجوده حالتن ۾ ان جو بهترين بچاءُ جمهوريت ۾ ئي آهي.

 هن وقت ڏسجي ته پاڪستان جون اندرويون سياسي حالتون تسلي بخش ناهن خاص ڪري پي ٽي آءِ جي حوالي سان حالتون سواليه نشان آهن. مسلم ليگ (ن) پ پ ۽ ايم ڪيو ايم  سان پي ٽي آءِ ۽ خيبر پختوخواه جي صوبائي حڪومت جا لاڳاپا انتهائي خراب آهن. پي ٽي آءِ خاص ڪري 9 مئي واري واقعي کان پوءِ مسلسل اسٽيبلشمينٽ جي عتاب ۾ آهي. پي ٽي آءِ جو باني جيل ۾ آهي ۽ سزا يافته قيدي آهي، سينئر قيادت تي ڪيس هلي رهيا آهن،  ان جي ڪافي اڳواڻن کان پارٽي ڇڏائي وئي آهي، پارٽي جي سياسي سرگرمين تي ڪڙي نظر آهي ۽ هاڻي پي ٽي آءِ 8 فيبروري  تي 2024ع واري عام چونڊ جي تاريخ تي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. جيڪڏهن پي ٽي آءِ جي ان سياسي صورتحال جو آمريڪا نوٽيس ٿو ته  پوءِ ان خطري کي رد نٿو ڪري سگهجي ته آمريڪا، پاڪستان ۾ به نام نهاد حقيقي جمهوريت لاءِ مداخت ڪري. آمريڪا بابت جڏهن اسان ”نام نهاد جمهوريت“ جو لفظ ٿا استعمال ڪريون ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته آمريڪا جو وجود ۽ سندس تاريخ ڪنهن به درو ۾ جمهوري ناهي رهي. هو جمهوريت جو نالو وٺي پنهنجا مختلف سامراجي مفاد ماڻڻ چاهي ٿو.

سو پاڻ هتي آمريڪا جي موجوده صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي جنهن ”رجيم چينج پاليسي“ جو ذڪر ڪري رهيا آهيون تنهن مان پاڪستان کي به خطرو آهي ۽ اهو خطري وارو چئلينج صرف وفاقي حڪومت لاءِ نه پر اسٽيبلشمينٽ لاءِ به چئلينج آهي تنهن ڪري اسٽيبلشمنيٽ کي ئي پنهنجي  موجوده پاليسي جنهن کي اڄ ڪلهه ”هائبرڊ نظام“ طور سڃاتو وڃي ٿو تنهن حوالي سان ۽ خاص ڪري پي ٽي آءِ ۽ عمران خان جي معاملي ۾ نظرثاني جي ضرورت آهي. پاڪستان جي مفاد ۾ اهو آهي ته پي ٽي آءِ ۽ عمران خان سان ”نئون ميثاق جمهوريت“ ڪيو وڃي جنهن جو هاڻي آواز به ٻڌجڻ ۾ اچي رهيو آهي جيئن مسلم ليگ (ن) جي سينئر اڳواڻ رانا ثناءَ الله ملڪ جي پنجن وڏن ۾ ڳالهيون ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي. انهن پنجن وڏن مان سندس مراد آهي آصف زرداري، نواز شريف، عمران خان، مولانا فضل الرحمان ۽ عاصم منير. اهڙي قسم جو اظهار بلاول ڀٽو زرداري به شهيد بينظير ڀٽو جي تازي ورسي تقريب ۾ ڪيل خطاب ۾ ڪيو هو ته ملڪ کي سياسي مفاهمت جي ضرورت آهي ۽ ان لاءِ مفاهمت جو بادشاهه صدر آصف زرداري بهترين ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. مطلب ته سول حڪمران ان ڳالهه تي راضي آهن ته هن جمهوري نظام کي مضبوط ڪيو وڃي ۽ ان لاءِ اهي سڀ پاڻ ۾ گڏجڻ لاءِ تيار آهن.

 هاڻي بال آيل آهي اسٽيبلشمينٽ جي ڪورٽ ۾. آخري فيصلو اسٽيبلشمينٽ کي ڪرڻو آهي ۽ جيئن ته ان ڏس ۾ فيصلائتو قدم اسٽيبلشمينٽ کي کڻڻو آهي ته اسان جو زور به ان تي آهي ته اها ”پهريون پاڪستان“ جي بنياد تي پنهنجي موجوده پاليسي تي نظرثاني ڪري ۽ خاص ڪري پي ٽي آءِ ۽ ان جي قيادت کي ٻيو موقعو ڏئي ۽ اهو ثابت ڪري ته رياست جي دل وڏي هوندي آهي، اها رياست  مفاد ۾ جيئن ته  ماضيءَ ۾ به پنهنجيون پاليسيون تبديل ڪندي رهي آهي ته اها هاڻي به ڪري سگهي ٿي ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪري اها آمريڪا جي مداخلت کان بچڻ جي بهترين حڪمت عملي جوڙي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.