لاڙڪاڻو(رپورٽ:نعمت مفيري) لاڙڪاڻي مان امن امان ختم ٿي ويو، پوليس به غير محفوظ بڻيل، لاڙڪاڻو پوليس امن ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، چوريون ڦرون ڌاڙا روز جو معمول بڻجي ويون، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته رتوديرو ٿاڻي جي حد ۾ ٽريننگ لاءِ لاڙڪاڻي ويندڙ 23 پوليس اهلڪارن کان مبينا طور اڻڄاتل هٿياربندن هٿيارن جي زور تي ڦر ڪري فرار ٿي ويا، رتو ديرو ٿاڻي جي حد ڀانڊو قبو ڀرسان اڻڄاتل هٿياربند ڏوهارين جي ٽولي لاڙڪاڻي ٽريننگ تي ويندڙ ضلعي ڪشمور جي 23 پوليس اهلڪارن سوڌو ويگن جي ڊرائيور ۽ ڪنڊيڪٽر کي يرغمال بڻائي سندن کان موبائل فونون، روڪ رقم، بيگس ۽ ويگن ڦر ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي متاثر اهلڪارن کان تفصيل ورتا، ان موقعي تي ٽريننگ تي ويندڙ متاثر اهلڪارن جو چوڻ هو ته ڪشمور کان لاڙڪاڻو ٽريننگ تي وڃي رھيا ھئاسين ته ڀانڊو قبو وٽ هٿياربندن يرغمال بڻائي موبائل فونون، روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان سميت ويگن ڦر ڪري فرار ٿي ويا، هنن پوليس جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري ڦر ٿيل سامان ۽ ويگن ريڪور ڪرائي ڏني وڃي.