اڄ آبپاشيءَ جي انجنيئرنگ جي شاھڪار ”لائيڊ بئراج سکر“ (جنھن کي عام طور تي ’سکر بئراج‘ جي نالي سان سُڃاتو وڃي ٿو) جي سالگرھه جو ڏينھن آهي ۽ اڄ ان جي اڏاوت جي تڪميل ۽ افتتاح کي 94 سال مڪمل ٿي رھيا آهن.
’لائيڊ بئراج‘ سنڌ جي ٽئين وڏي شھر سکّر ۽ ان جي ڀرسان واقع ان جي جاڙي شھرَ روهڙيءَ جي وچ ۾ سنڌو درياءَ تي ٺھيل ملڪ جي سڀ کان ڊگهي ۽ وڏي بئراج آهي، جنھن کي پاڪستان جي آبپاشي نظام جو فخر سمجهيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو دنيا ۾ پنھنجي نوعيت جو سڀ کان وڏو ۽ واحد آبڪلاڻي نيٽ ورڪ آهي. هيءَ بئراج 1923ع کان 1932ع جي وچ ۾، برطانوي راڄ دؤران 9 سالن جي عرصي ۾ تعمير ڪئي وئي. هيءَ بئراج اتر ۾ سکر ضلعي کان شروع ٿي، سنڌ جي ڏکڻ ۾ ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر ۽ حيدرآباد ضلعن سميت صوبي جي لڳ ڀڳ سمورن حصن کي سيراب ڪري ٿي.
سنڌ لڳ ڀڳ مڪمل طور تي سنڌوءَ ــ جلَ تي ئي ڀاڙي ٿي، ڇاڪاڻ ته هتي زمين هيٺ جر تمام محدود آهي. سنڌ ۾ ساليانو سراسري 100 کان 200 ملي ميٽرن تائين مِينھن وسندو آهي. ان لحاظ کان سنڌ ذري گهٽ هڪ غيرآباد خطو آهي ۽ رڳو سنڌو ئي آهي، جيڪو سنڌ جي زمينن کي سيراب ڪري ٿو. سنڌ ۾ زمين هيٺ پاڻيءَ جي موجودگيءَ بابت اڃا تائين ڪا باضابطه ويساهه جوڳي سروي ناهي ڪئي وئي، البته مختلف ذريعن جي اندازي موجب، ان جو ڪاٿو 3 کان 5 ايم اي ايف جي وچ ۾ آهي، جيڪو سنڌ جي ڪُل جاگرافيائي ايراضيءَ جي لڳ ڀڳ 28 سيڪڙو حصي ۾ پکڙيل آهي.
سکر بئراج جو بنيادي تصور، مسٽر ’سي. اي. فائف‘ 1868ع ۾ پيش ڪيو هو، جڏهن ته ان منصوبي تي عمل جي باقاعدي شروعات بمبئيءَ جي گورنر ’سر جارج لائيڊ‘ ڪئي، جنھن کي اڳتي هلي ’لارڊ لائيڊ‘ جي نالي سان سڃاتو ويو. سندس نسبت سان، هن بئراج جو نالو سندس مڃتا ۾ ”لائيڊ بئراج“ رکيو ويو. البته هن منصوبي جي حتمي منظوري 1923ع ۾ ڏني وئي ۽ ان جي اڏاوت مشھور برطانوي سول انجنيئر ’سر چارلٽن هيريسن ــ سِي آءِ اِي‘ جي هدايتن تحت ڪئي وئي، جڏهنته هڪ ٻيو برطانوي ماهر سول انجنيئر ’سر آرنلڊ مستو ــ سِي آءِ اِي‘ هن اسڪيم جو نقشو ٺاھيندڙ (آرڪيٽيڪٽ) ۽ ڊزائنر هو. ’برطانوي امپيريل سروس‘ سان لاڳاپيل انجنيئر، سيد غلام مصطفيٰ شاهه به بئراج جي ڊزائن ۽ اڏاوت ۾ پنھنجو حصو ڳنڍيو. هن بئراج جا هيڊ ورڪس ۽ واھَه 1932ع تائين اَڏجي مڪمل ٿي ويا. جنھن بعد بئراج جو باقاعده افتتاح ان وقت جي وائسراءِ هند، ’هِز ايڪسيلنسي ــ دِي فرسٽ ارل آف وِلنگڊن‘ اڄ کان ٺيڪ 94 سال اڳ، اڄوڪي ڏينھن 13 جنوري 1932ع تي ڪيو.
لائيڊ بئراج کي سنڌوءَ ۾ پاڻيءَ جي وهڪرن کي ڪنٽرول ڪرڻ سان گڏ، آبپاشيءَ ۽ ٻوڏ تي ضابطو آڻڻ جي بنيادي مقصد لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. هيءَ بئراج، 9,923 ڪلوميٽر (6,166 ميل) ڊگهو، ستن واھن تي ٻڌل آبي نيٽ ورڪ آهي، جيڪو ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏيءَ جِي حيثيت رکي ٿو. هي نظام دنيا جو سڀ کان وڏو آبڪلاڻي نظام مھيا ڪري ٿو، جنھن مان 7.63 ملين ايڪڙ فوٽن کان وڌيڪ پاڻي گذري ٿو. ان مان سيراب ٿيندڙ زمينون ملڪ جي ڪل نھري طور سيراب ٿيندڙ ايراضيءَ جو لڳ ڀڳ 25 سيڪڙو (چوٿون حصو) آهن. هن بئراج کي سنڀاليندڙ ڀِت ۾ 66 اسپِن (آئوٽ فال گيٽ) آھن، جيڪي اڌ گول شڪل جا دروازا آھن، جن مان هر هڪ درُ 18 ميٽر (60 فوٽ) ويڪرو ۽ 50 ٽن وزني آھي. انھن 66 دَرن جي ڪري، هن بئراج کي عام طور تي ”66 دروازن وارِي پل“ به سڏيو ويندو آهي. مقامي ماڻھو ان کي ”سکر واري پل“ به چون ٿا.
لائيڊ بئراج رستي مھراڻ مان 7 واھه نڪرن ٿا. ان جي ساڄي پاسي نڪرندڙ ٽن واھن ۾ ’دادو ڪئنال‘، ’رائيس ڪئنال‘ ۽ ’نارٿ ويسٽرن ڪئنال‘ (جنھن کي ’کيرٿر ڪئنال‘ به چيو وڃي ٿو) شامل آهن. جڏهن ته کاٻي پاسي نڪرندڙ چئن واھن ۾ ’نارا ڪئنال‘، ’روهڙي ڪئنال‘، ’خيرپور فيڊر ايسٽ ڪئنال‘ ۽ ’خيرپور فِيڊر ويسٽ ڪئنال‘ شامل آهن. نارا ڪئنال، پاڪستان جو ڊگهي ۾ ڊگهو واھه آهي، جيڪو لنڊن شھر جي وچان وهندڙ ”ٿيمز درياءَ“ جي لڳ ڀڳ برابر پاڻي کڻي هلندو آهي. هن جي پيٽ جي ويڪر 105 ميٽر (346 فوٽ) آهي، جيڪا ’سوئز ڪئنال‘ کان ڏيڍوڻ تي وڏي آهي. درحقيقت نارا ڪئنال انساني هٿن سان کوٽيل واھه ناهي. اهو اصل ۾ سنڌ جي اڳوڻي ’هاڪڙي‘ درياءَ جو ڏاکڻيون وھڪرو هو، جيڪو ستلج درياءَ جي وهڪري مان نڪرندو هو ۽ وچ پنجاب ۽ بھاولپور جي ميداني علائقن مان گذرندو، نئن رستي ناري سان ملي ويندو هو. ان جي باقيات (وهڪري جا نشان) اڄ به گهوٽڪي تعلقي ۾ موجود آهن. نارا ڪئنال 9 لک 30 هزار هيڪٽر (23 لک ايڪڙ) زمين کي پوک لائق بڻائي ٿو. سکر بئراج جو ٻيون وڏو واھه ’روهڙي ڪئنال‘ آهي، جيڪو جيتوڻيڪ ناري کان ٿورو گهٽ ڊگهو آهي، پر ان کان وڌيڪ اهميت وارو آهي. اهو لڳ ڀڳ 11 لک هيڪٽر (26 لک ايڪڙ) زمين کي آباد ڪري ٿو. سکر بئراج سسٽم تي پوکجندڙ اهم فصلن ۾ ڪپھه، ڪڻڪ ۽ ڪمند شامل آهن.
سنڌوءَ جي کاٻي ڪپ وارا چارئي واھَه ۽ ساڄي ڪناري وارا ٻه واھه ٻارهو ئي وهندڙ آهن، جيڪي سڄو سال آبپاشيءَ لاءِ پاڻي مھيا ڪن ٿا. ستون واھه، يعني ’رائيس ڪئنال‘، ساڄي پاسي هڪ موسمي واھه آهي، جيڪو رڳو خريف جي موسم ۾ وھندو آهي ۽ ان کي سنڌ جي اترين ضلعن، خاص طور لاڙڪاڻي ۽ دادوءَ ۾ سارين (چانورن) جِي پوک لاءِ پاڻي ڏيڻ لاءِ ڊزائن ڪيو ويو آهي. ساڄي ڪناري تي هڪ ٻيو واھه، ’اين ڊبليو ڪئنال‘ (کيرٿر ڪئنال)، 3 لک 91 هزار هيڪٽر (9 لک 65 هزار ايڪڙ) زمين کي ٻارنھن ئي مھينا پاڻي پھچائي ٿو، جنھن مان 74 هزار هيڪٽر (1 لک 84 هزار ايڪڙ) زمين بلوچستان صوبي ۾ واقع آهي. سنڌوءَ درياءَ جِي سڃاڻپ، ’انڌي ٻلھڻ‘ (بلائينڊ ڊولفن) عام طور لائيڊ بئراج جي مٿان واري حصي ۾ (بئراج ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ واري پاڻيءَ ۾) رهندِي آهي.
لائيڊ بئراج سکر جي اڏاوت کان 72 ورهه بعد، 2004ع ۾ ان جي پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت ۽ ورڇ جي ڪارڪردگيءَ کي بحال ڪرڻ لاءِ، حڪومتِ پاڪستان، سکر بئراج جي وڏي پئماني تي بحاليءَ جو ڪم شروع ڪيو. هي ڪم شروع ڪيو ويو، جيڪو ڏيڍ ڪروڙ امريڪي ڊالرن جي لاڳت سان جولاءِ 2005ع ۾ پورو ٿيو. ان مرمت کانپوءِ اها دعويٰ ڪئي وئي هئي ته بئراج جي ان بحاليءَ سان ان جي ڪارڪردگيءَ ۾ واڌ ٿي، جنھن سان اهو اڃا 60 کان 70 سالن تائين وڌيڪ استعمال لائق ٿي ويو، پر اها دعويٰ ان مرمت جي 19 سالن اندر ئي غلط ثابت ٿي، جڏهن 2 سال اڳ 2024ع ۾ بئراج جو گيٽ نمبر 47 پاڻيءَ ۾ لُڙهي ويو. 20 جون 2024ع تي پاڻيءَ جي وھڪري جي زور سبب، سکر بئراج جي گيٽ نمبر 44 کي سخت نقصان رسيو. جنھن سبب ان کي هيٺ مٿي ڪرڻ (کولڻ ۽ بند ڪرڻ) تڪنيڪي طور ممڪن نه رهيو. جڏهن ته گيٽ نمبر 47 مڪمل طور درياءَ ۾ وهِي ويو هو. ان ڳڻتيءَ جوڳي صورتحال جي نتيجي ۾ بئراج جي ”پونڊ ليول“ کي برقرار رکڻ لاءِ بئراج جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي وهندڙ ستن ئي واھن کي پاڻي ڏيڻ عارضي طور بند ڪيو ويو هو. اِهو اُهو وقت هو، جڏهن اُن سال خريف جي فصلن تي لکين روپيه لڳائي ان حد تائين تيار ڪيو ويو هو، جو ان وقت اهي پاڻيءَ جي فراهميءَ لاءِ مڪمل طور تيار هئا. ٻه سال گذري وڃڻ باوجود بئراج جي سمورن دروازن جي ٻيھر لڳائڻ جو ڪم اڃا مڪمل ڪونھي ٿي سگهيو. شايد اسانکي ان جي اڃا ڪنھن ٻئي دروازي وھِي وڃڻ جو انتظار آهي.
سکر بئراج، گذريل 94 ورهن ۾ رڳو آبپاشيءَ جي وسيلي طور ئي نه، پر سنڌ جي ثقافت جي هڪ اهم اهڃاڻ طور به سڃاتي وڃي ٿي. ان جو ذڪر هن لڳ ڀڳ هڪ صديءَ جي مقامي ادب ۾ به ملي ٿو، جيڪو سنڌ جي نثر ۽ نظم ٻنھي ۾ مختلف هنڌن تي پڙهڻ لاءِ ملي ٿو. سنڌ جو صديون پراڻو لوڪ گيت ”جمالو“، جيڪو لڳ ڀڳ سومرن جي دؤر جي آسپاس پھريون ڀيرو ڳايل ٻڌايو وڃي ٿو ۽ اڄ تائين سنڌ جي هر خوشيءَ جي محفل جي پڄاڻيءَ تي ڳايو ويندو آهي. هن گيت ۾ ٻين لوڪ گيتن وانگر وقت جي تغيّر سان مختلف دؤرن ۾ نيون سٽون شامل ٿينديون رهيون آهن. انھيءَ جمالي ۾ به لائيڊ بئراج جي اڏاوت کانپوءِ هڪ نئين سٽ جو واڌارو ٿيو، جيڪا هئي: ”جيڪو سکر واريءَ پل تي ــ هو جمالو!!“ ان کانسواءِ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ڪھاڻيڪار، نسيم کرل جي مشھور ڪھاڻي ”چوٽيھون در“ جو پسمنظر به سکر بئراج آهي.
لائيڊ بئراج سکر، سنڌ جي آبڪلاڻي، آمد و رفت، معيشت، تاريخ، ثقافت ۽ ادب جو هڪ اهم حصو آهي، جنھن کي جيڪڏهن مھراڻ جي واديءَ جي سڃاڻپ بڻيل علامتن مان هڪ اهم اهڃاڻ چيو وڃي، ته وڌاءُ نه ٿيندو.