سنڌ ۾ تباهه ٿيل تعليم جو الميو

حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ٿيل سنڌي شاگرد تحريڪ جي ڪانفرنس رڳو هڪ گڏجاڻي نه هئي، پر اها سنڌ جي مستقبل بابت هڪ گهري، سنجيده  للڪار هئي. تعليمي ماهرن، اديبن، صحافين، وڪيلن، هارين، مزدورن ۽ شاگرد اڳواڻن جي گڏيل آواز ۾ اهو درد صاف نظر آيو ته سنڌ جي تعليم کي منظم نموني سان تباهي ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جهڙو ادارو، جيڪو ميرٽ، شفافيت ۽ اهليت جي علامت هئڻ گهرجي ها، اڄ نوڪرين جي وڪري جي منڊي بڻجي چڪو آهي. جتي امتحان قابليت لاءِ نه، پر سياسي وابستگين، سفارش ۽ پئسي جي بنياد تي پاس ڪرايا وڃن ٿا، اتي قومن جو مستقبل ڪيئن محفوظ رهي سگهي ٿو؟

ساجد حسين مهيسر جڏهن اهو چوي ٿو ته سنڌ ۾ تعليم خلاف هڪ منظم سازش هلي رهي آهي، ته اها ڪا جذباتي تقرير نه پر تلخ حقيقتن تي ٻڌل شاهدي آهي. سنڌ جا اهڙا سوين علائقا آهن جتي سرڪاري اسڪولن جو نالو نشان ئي نه آهي. جتي اسڪول آهن، اتي اڪثر هڪ ڪمرو، ٽٽل ڇت، بغير فرنيچر جي ٻار، بغير استاد جي ڪلاس ۽ بغير واش روم جي انساني وقار جي لتاڙ نظر اچي ٿي. ڪيترن اسڪولن کي وڏيرن جي اوطاقن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، جتي تعليم بدران ذاتي طاقت جو مظاهرو ٿئي ٿو. ان کان به وڌيڪ افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته حڪومت انهن اسڪولن کي بهتر بڻائڻ بدران، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي نالي ۾ تعليم کي ڪاروبار بڻائڻ جي راهه اختيار ڪري چڪي آهي. عالمي سامراجي پاليسين جي غلامي ڪندي، رياست پنهنجي بنيادي ذميواريءَ کان هٿ کڻي رهي آهي. مفت، معياري ۽ برابريءَ تي ٻڌل تعليم ڏيڻ، جيڪا آئين ۾ لکيل آهي، اها ذميواري هاڻي خانگي سيڪٽر جي حوالي ڪئي پئي وڃي. ان جو سڌو نتيجو اهو نڪرندو ته پورهيت، هاري، مزدور ۽ غريب طبقي جا ٻار تعليم جهڙي زيور کان هميشه لاءِ محروم ٿي ويندا.

سرڪاري انگ اکر پاڻ حڪمرانن جي نااهليءَ جو ماتم ڪن ٿا. سنڌ ۾ صرف ڏهه سيڪڙو اسڪولن ۾ هٿ ڌوئڻ جي سهولت آهي، 68 سيڪڙو اسڪول بجلي کان محروم آهن، 46 سيڪڙو ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، جن مان 60 سيڪڙو کان وڌيڪ نياڻيون آهن. پاڪستان اڪنامڪ سروي 2024 مطابق ڏهن سالن کان مٿي عمر وارن جو لٽريسي ريٽ صرف 57 سيڪڙو آهي، جڏهن ته 60 سيڪڙو پرائمري اسڪولن ۾ واش روم تائين موجود ناهي. اهي انگ اکر ڪنهن مخالف ڌر جي بيان جو حصو نه، پر رياستي رپورٽن مان ورتل آهن. تعليم لاءِ بجيٽ ۾ ڪٽوتي پاڻ ۾ هڪ ڏوهه آهي. 2018 ۾ سنڌ حڪومت ٽوٽل بجيٽ مان تعليم لاءِ 2.1 سيڪڙو رکيو، جيڪو 2023 ۾ گهٽائي 1.5 سيڪڙو ڪيو ويو. سوال اهو آهي ته جڏهن آبادي وڌي رهي آهي، مسئلا وڌي رهيا آهن، ته تعليم لاءِ وسيلا گهٽائڻ جو فيصلو ڪهڙي عقل، ڪهڙي سوچ ۽ ڪهڙي قوم پرستيءَ جو نتيجو آهي؟

سنڌ جا اعليٰ تعليمي ادارا، جيڪي تحقيق، تنقيد ۽ نئين فڪر جا مرڪز هئڻ گهرجن ها، اڄ دهشتگردي، ڪرپشن ۽ بدانتظاميءَ جا مثال بڻجي ويا آهن. نويد عباس ڪلھوڙي جو اهو چوڻ ته يونيورسٽين ۾ هٿ وٺي دهشتگرديءَ جو ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي، ڪنهن مبالغو آرائيءَ کان خالي ناهي. آئي ڏينهن فائرنگ، جهيڙا، ڌمڪيون ۽ عدم تحفظ جا واقعا رپورٽ ٿين ٿا. افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته يونيورسٽين جي انتظاميا، جيڪا شاگردن جي حفاظت جي ذميوار آهي، يا ته بيخبر آهي يا ڀاڱيدار. ڪرپشن جي باهه سنڌ جي اعليٰ تعليم کي ساڙي رهي آهي. سنڌ يونيورسٽي ۾ 2020 ۾ 80 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ظاهر ٿيڻ، پوءِ ان جي جاچ لاءِ اجازت نه ملڻ، ۽ 2021 ۾ 71 ڪروڙ جي ڪرپشن ڪيس ۾ ملوث ماڻهن جو معمولي ضمانتن تي آزاد ٿي وڃڻ، اهو سڀ ڪجهه ٻڌائي ٿو ته قانون، احتساب ۽ انصاف صرف غريب لاءِ آهي. وي سي ۽ رجسٽرار جهڙا اهم عهدا، جيڪي علمي قيادت جا مرڪز هئڻ گهرجن، اتي ڪرپشن جا الزام پاڻ ادارن جي ساک کي دفن ڪري رهيا آهن.

عمره سمون جو اهو الزام ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي نوڪرين جي وڪري جي منڊي بڻايو ويو آهي، ڪو نئون انڪشاف نه آهي. وي سي، بورڊ چيئرمين ۽ ايس پي ايس سي جهڙن ادارن جي سربراهن لاءِ حڪمران جماعت وٽ نيلامي لڳڻ جون ڳالهيون سالن کان هلنديون پيون اچن. وڌيڪ افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته اسيمبليءَ ۾ ويٺل نام نهاد اپوزيشن به هن ڏوهن واري نظام تي مجرماڻي ماٺ اختيار ڪري ويٺي آهي. جڏهن اقتدار ۽ مفاد گڏجي وڃن، ته پوءِ قومون ئي قيمت ادا ڪن ٿيون.

يونيورسٽين ۾ تعليمي ماهرن بدران ڪرپٽ ڪامورن کي وي سي مقرر ڪرڻ، ادارن کي شاگرد دشمن مافيائن حوالي ڪرڻ برابر آهي. علمي آزادي، تحقيق ۽ تنقيد اهڙي ماحول ۾ ممڪن ئي نٿي رهي. نتيجي ۾ يونيورسٽيون ڪارخانا بڻجي وڃن ٿيون، جتي ڊگريون ته ورهايون وڃن ٿيون، پر شعور پيدا نٿو ٿئي. بلاول- شهباز اتحادي سرڪار بابت اڳواڻن جو اهو چوڻ ته ملڪ کي چوريءَ جو مال سمجهي وڪرو ڪيو پيو وڃي، رڳو سياسي نعرو نه، پر عوامي احساسن جي عڪاسي آهي. تعليم، صحت، روزگار ۽ وسيلن جي نيلامي هڪ اهڙي پاليسي آهي، جنهن جا نتيجا ايندڙ نسلن کي ڀوڳڻا پوندا.

اڄ سنڌ جي شاگرد تحريڪن، وڪيلن، اديبن ۽ شعور وارن ماڻهن جي ذميواري آهي ته هو رڳو بيانن تائين محدود نه رهن، پر هڪ منظم، مستقل ۽ فڪري جدوجهد جو آغاز ڪن. تعليم رڳو شاگردن جو مسئلو ناهي، اها پوري سماج جو سوال آهي. جيڪڏهن اڄ ميرٽ جو قتل ٿيندو رهيو، ادارا ڪرپشن ۾ ٻڏندا رهيا ۽ تعليم کي هٿياربند گروهن ۽ مافيائن حوالي ڪيو ويو، ته سڀاڻي سنڌ وٽ رڳو افسوس، احتجاج ۽ خالي تقريرون بچنديون. سنڌ جي تاريخ شاهد آهي ته جڏهن به هن ڌرتيءَ تي علم، ٻولي ۽ سڃاڻپ تي وار ٿيا آهن، تڏهن مزاحمت جنم ورتو آهي. اڄ به اها مزاحمت درڪار آهي منظم، باشعور ۽ اصولي. ڇو ته تعليم بچائڻ، اصل ۾ سنڌ بچائڻ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.