انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل شاعريءَ جي ڪتاب : River is flowing Slowly ( ندي ھوريان وھي ٿي پئي) جو جائزو
محمد علي پٺاڻ جديد سنڌي ادب جي انهن اڻلڀ آوازن مان هڪ آهي، جن جي تخليقي جوت ڪڏهن به جھڪي نٿي ٿئي. سندس ڏيئو، جيئن اسين چئون ٿا، ڪڏهن به نٿو وساميڇاڪاڻ ته هو صرف صفحا ڀرڻ لاءِ نٿو لکي، پر يادگيري، سڃاڻپ ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جي جذباتي سچائين کي محفوظ رکڻ لاءِ لکي ٿو. سندس ڪتاب ”ندي ھوريان وهي ٿي پئي“ اهڙين شاعراڻين شاهدين جو مجموعو آهي، جيڪي سندس دائمي روشنيءَ کي ثابت ڪن ٿيون. ھيءُ ڪتاب رڳو لفظن جو مجموعو نه آهي پر ڪهاڻين جو هڪ درياهه آهي؛ شاعريءَ جو مجموعي اھڙو سفر، جيڪو وقت، ثقافت ۽ انسان جي اندروني تجربن مان وهي ٿو. پٺاڻ صاحب زندگيءَ کي هڪ سانتيڪو، پر لڳاتار وھڪرو سمجهي ٿو بلڪل اهڙي ندي وانگر، جيڪا ڀلي آهستي وھي رهي آهي پر ڪڏهن به بيھي نٿي. ڪتاب جو عنوان خود سنڌ لاءِ هڪ استعارو بڻجي ٿو: هڪ اهڙي تهذيب، جنهن جي رفتار شايد جهڪي لڳي، پر جنهن جي اونھائي ۾ صدين جي دانائي، ڏک، همت ۽ سپنا سمايل آهن.
ڪتاب جي مرڪز ۾ تڪليف ۽ تخليق جو گهرو رشتو موجود آهي. محمد علي پٺاڻ صاحب لاءِ تڪليف رڳو هڪ احساس نه آهي اها ساٿي آهي، استاد آهي، بلڪه هڪ مقدس ورثو به آهي. هو ظاهر ڪري ٿو ته انساني تڪليف ڀٽڪڻ جو سبب نه آهي، پر وڌيڪ طاقت سان اُڀرڻ جو وسيلو آهي. سندس شاعري ٻڌائي ٿي ته درد فن کي ساهه ڏئي ٿو، ڏک روح کي ن کاري ٿي ۽ جذباتي جدوجهد زندگيءَ کي معنيٰ عطا ڪري ٿي. ندي هتي زندگيءَ جي لڳاتار حرڪت جي علامت بڻجي ٿي رڪاوٽون هجن يا سست رفتاري، وهڪرو جاري رهي ٿو.
محمد علي پٺاڻ جي شاعري وڌيڪ سريلي ۽ فڪر انگيز آهي. هو سادگيءَ سان لکي ٿو، پر هر سادي لفظ جي پٺيان جذبن جي هڪ ڪائنات بيٺل آهي. سندس جملا سنڌو درياهه وانگر وهن ٿا ڪڏهن ھوريان، ڪڏهن طوفاني پر هميشه مقصد سان ڀرپور. سندس ڪتاب ادب ۽ جيئري تجربي، ثقافتي ورثي ۽ ذاتي فڪر، فلسفي ۽ شاعراڻين علامتن جي وچ ۾ هڪ پل بڻجي ٿو. هو سنڌ جي ثقافتي روح کي محفوظ رکندي، پنهنجي بيان ۾ جديد ۽ فڪري ڀريو شعور شامل ڪري ٿو.
نظم ”ندي ھوريان وهي ٿي پئي“ اسان کي ياد ڏياري ٿو ته خاموشي ڳالهائيندي آهي، سست سفر به منزل تي پهچندا آهن، اندروني جدوجهد سڃاڻپ جوڙيندي آهي ۽ ثقافت ڀلي جيڪڏهن نظرانداز ٿئي وهندي رهندي آهي. سندس شاعري انهن نازڪ، خاموش رازن کي نروار ڪري ٿي، جن کي ظاهر ڪرڻ کان ماڻهو گهٻرائيندا آهن. اهڙيءَ ريت هو سنڌ جي جذباتي ورثي کي زندهه رکي ٿو.
هر ليکڪ يا ته پٺيان مس ڇڏيندو آهي يا روشني. محمد علي پٺاڻ روشني ڇڏي ٿو؛ اهڙي شعلي کي جيڪو سچ کڻي هلي ٿو ڪڏهن به وسامي نٿو سگهي.
محمد علي پٺاڻ نظم ”افسوس! منهنجي زندگي اڌو اڌ آهي“ محبوب کان وڇوڙي سبب پيدا ٿيل گهري ڏک جو شديد سريلو اظهار آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته اها محبوبه شاعر جي زال آهي. ھيءُ نظم وڇوڙي کي عارضي غيرموجودگي نه، پر هڪ وجودي طرح ٽٽڻ کي پيش ڪري ٿو، جيڪو زندگيءَ کي احساسن ۾ بدلائي ڇڏي ٿو.
ورجائيندڙ سٽ ”مون کي پنهنجي زندگيءَ ۾ جيئرو لاش بڻائي ڇڏيو“ نظم جو جذباتي مرڪز آهي. اها اهڙي حالت بيان ڪري ٿي، جتي شاعر جسماني طور تي ته زندهه آهي، پر اندروني طور معنيٰ، ساهه ۽ خوشيءَ کان خالي ٿي چڪو آهي.
زندگيءَ کي ”اڌ“ سڏڻ شاعر جي ان عقيدي کي ظاهر ڪري ٿو ته محبت انساني وجود کي مڪمل بڻائي ٿي. محبوب کانسواءِ ذات ٽٽل ۽ اڻپوري رهجي وڃي ٿي. هيءَ سوچ وجوديت جي ان فهم سان هم آهنگ آهي، جنهن ۾ سڃاڻپ لاڳاپي ذريعي جنم وٺي ٿي محبت ۽ گڏيل موجودگيءَ سان ذات کي صورت ملي ٿي.
تصويرڪشي نظم ۾ گهري علامتي اهميت رکي ٿي. محبوب جو هٿ هلائڻ ۽ ڪڪرن ڏانهن نهارڻ فاصلي، الوداع ۽ ناقابلِ رسائي ويجهڙائيءَ جو احساس پيدا ڪري ٿو. هي منظر اميد ۽ نقصان جي وچ ۾ معلق لمحي کي ظاهر ڪري ٿو، جتي وابستگي چاهي وڃي ٿي، پر ممڪن نٿي رهي. اهڙي تصوير تڙپ کي وڌائي ٿي ۽ آخري وڇوڙي کي قبول به ڪري ٿي.
شهر جو ويران ٿي وڃڻ شاعر جي اندروني اجاڙپ جو عڪس آهي. جيئن شهر، ماڻهن کان خالي ٿي، پنهنجو روح وڃائي ويهي ٿو، تيئن شاعر جي اندروني دنيا به محبوب کانسواءِ بنجر بڻجي وئي آهي. ٻاهريون جهان اندروني ڏک جو آئينو بڻجي ٿو.نظم ۾ ورجاءُ ڄاڻي واڻي ۽ اثرائتو آهي. اهو غم جي ان وسواسي واپسيءَ کي ظاهر ڪري ٿو، جتي نقصان بار بار پاڻ کي مڙهي ٿو ۽ ڪنهن به حل کي قبول نٿو ڪري. هر ورجاءُ نااميدي جي احساس کي وڌيڪ گهرو ڪري ٿو.
مجموعي طور هيءُ نظم محبت، نقصان ۽ وجودي خالي پڻي پاسي ڌيان ڇڪائي ٿو. سادي ٻولي، ورجاءُ ۽ علامتي تصويرڪشيءَ ذريعي محمد علي پٺاڻ وڇوڙي کي اهڙي قوت طور پيش ڪري ٿو، جيڪو زندگيءَ کي معنيٰ ڏئي ٿو ۽ شاعر کي جذباتي طور مايوسي جي حالت ۾ به اميد جو ڪرڻو ڏيکاري ٿو.