اڳتي وڏو خطرو آهي۔ هڪ پاسي ٽيڪنالاجي تمام تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي ۽ ٻئي پاسي بدامني ۽ علائقائي تڪرارن ۾ پڻ واڌارو ٿي رهيو آهي۔ ڊسمبر 2025 ۾ ڪجهه اهڙا واقعا پيش آيا، جن ظاهر ڪيو ته ايندڙ وقت رڳو پاڪستانين لاءِ نه پر عالمي امن لاءِ به خطرناڪ آهي۔ مئي 2025 ۾ پاڪستان هڪ مختصر جنگ ۾ ڀارت کي شڪست ڏئي پوري دنيا ۾ اهم حيثيت حاصل ڪئي ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اوچتو پاڪستان جا وڏا مداح بڻجي ويا۔ پوءِ اسرائيل ايران ۽ قطر تي حملو ڪري ڇڏيو۔ انهن ٻن حملن کان پوءِ سعودي عرب پاڪستان سان هڪ دفاعي معاهدو ڪيو، جنهن تي پاڪستانين وڏي خوشي جو اظهار ڪيو۔ ان معاهدي جي ڪجهه ڏينهن بعد مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ صدر ٽرمپ پاڪستان ۽ ٻين اهم مسلمان ملڪن جي اڳواڻن سان گڏ ”غزه امن پلان“ جو اعلان ڪيو۔ ان موقعي تي حماس ۽ اسرائيل ۾ فائر بندي جو به معاهدو ٿيو ۽ ٻيهر جشن ملهائيو ويو ته هاڻي شايد فلسطيني قتل عام کان بچي ويندا، پر افسوس جو اهو قتل عام بند نه ٿيو۔
اسرائيل طرفان غزه ۾ فلسطيني نسل ڪشي جاري رهي ۽ آهستي آهستي ٽرمپ جو امن پلان حقيقت ۾ غزه کي فلسطيني ماڻهن کان خالي ڪري کين ٻين ملڪن ۾ آباد ڪرڻ جو منصوبو ثابت ٿيو۔ جڏهن مون ٽرمپ کي غزه جي مظلوم قوم جو نئون خريدار قرار ڏئي “گريٽر اسرائيل” واري منصوبي تي تنقيد ڪئي ته مختلف طرفن کان لفظي حملا شروع ٿي ويا ۽ امن پسندي جو لبادو اوڙهي مون تي الزم لڳايو ويو ته ڄڻ ته مان چاهيان ٿو فلسطيني مري ئي رهيا ٿين۔ تنقيد تڏهن وڌيڪ وڌي وئي جڏهن مون پاڪستاني فوج کي غزه موڪلڻ جي مخالفت ڪئي ۽ التجا ڪئي ته پنهنجي فوج کي فلسطيني عوام جي سامهون نه آندو وڃي۔ پوءِ ڊسمبر 2025 اچي ويو۔
پاڪستان جي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار اعلان ڪيو ته پاڪستاني فوج حماس کي غيرمسلح ڪرڻ لاءِ غزه نه ويندي۔ پاڪستان هي فيصلو اڪيلي نه ڪيو، سعودي عرب ۽ ترڪي سميت ڪيترن ئي ملڪن گڏجي اهو فيصلو ڪيو ته پاڪستان اسرائيل جي هٿن ۾ هٿ نه ڏيندو۔ هي صحيح فيصلو ٽرمپ انتظاميه لاءِ سخت ناگوار هو، ڇو ته ٽرمپ غزه امن پلان ڪامياب ڪري پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن کي “معاهدو ابراهيمي” ۾ آڻڻ چاهيندو هو۔ پاڪستان طرفان غزه فوج نه موڪلڻ جي ڪجهه ئي وقت بعد اسرائيل صومالي لينڊ کي تسليم ڪرڻ جو متنازعو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن جو اصل مقصد اهو هو ته غزه جي فلسطيني عوام کي اُتي آباد ڪيو وڃي۔
او آءِ سي جي ملڪن سميت پاڪستان هن عمل کي صوماليا جي سيلميت تي حملو قرار ڏنو ۽ گڏيل قومن ۾ واضح ڪيو ته فلسطينين کي غزه مان ڪڍي صومالي لينڊ ۾ آباد ڪرڻ جو منصوبو ناقابل قبول آهي۔ اڃا اسان هي خوفناڪ منصوبي تي احتجاج ڪري رهيا هئاسين ته ڊسمبر 2025 هڪ ٻي خراب خبر آڻي ڇڏي سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات آمهون سامهون اچي ويا۔ سعودي عرب الزام لڳايو ته امارات يمن جي عليحدگي پسندن جي مدد ڪري رهيو آهي، جيڪو سعودي سالمت لاءِ به خطرو آهي۔ پوءِ عالمي توجهه يمن ڏانهن منتقل ٿي وئي جتي سعودي فورسز هڪ هٿيار کڻي ويندڙ بحري جهاز تي حملو ڪيو۔ پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف ۽ ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار به وچ ۾ آيا ۽ ڪوششن کان پوءِ امارات يمن مان فوج واپس بلائڻ تي آمادگي ظاهر ڪئي، پر ڳالهه هتي ختم نه ٿي۔
امارات ۽ سعودي تڪرارن جي تاريخ پراڻي آهي، جنهن کي 1974 ۾ جدہ معاهدي سان سلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن ۾ پاڪستان جو به خاموش ڪردار رهيو۔ ٻنهي ملڪن گهڻي وقت گڏ گڏ رهيا، يمن ۾ گڏ فوجي ڪارروايون ڪيون، قطر تي دٻاءُ وجهيائون، پر جڏهن امارات 2020 ۾ اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا بحال ڪيا ته رستا جدا ٿيڻ شروع ٿيا۔ پوءِ يمن، سوڊان ۽ ٻين معاملن ۾ اختلاف وڌيا۔ هاڻي اها تلخي عالمي سامهون اچي چڪي آهي۔ پاڪستان کي گهرجي ته او آءِ سي ذريعي اهي اختلاف ختم ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري، ڇوتہ هن صورتحال جو سڀ کان وڏو فائدو اسرائيل کي ملي رهيو آهي۔
اسرائيلي تاريخدان ايلان پاپي پنهنجي نئين ڪتاب “Israel on the brink” ۾ اڳڪٿي ڪئي آهي ته اسرائيل زوال جي ڪناري تي آهي۔ سندس خيال ۾ اسرائيل هڪ صهيوني رياست آهي ۽ صهيونيت زوال پذير آهي، تنهنڪري اسرائيل به ڊهي سگهي ٿو۔ نتن ياهو غزه ۾ قتل عام روڪڻ بدران ان کي وڌائي رهيو آهي ۽ فلسطيني عوام کي صومالي لينڊ جهڙن وڏن کليل قيد خانن ۾ قيد ڪرڻ چاهي ٿو۔ نتيجي ۾ وڏيون عالمي طاقتون به هڪٻئي جي سامهون بيهڻ جون امڪانون وڌن ٿيون ۽ لڳي ٿو دنيا ٽئين عالمي جنگ ڏانهن وڌي رهي آهي، جنهن جو ذميوار نتن ياهو هوندو۔ جيڪڏهن 2026 کي محفوظ بڻائڻو آهي ته نتن ياهو کي روڪڻو پوندو۔
نيتن ياهو ۽ سندس اتحادي مودي جي خلاف پاڪستان جي ڳالهه تڏهن وزن رکندڙ ٿيندي، جڏهن پاڪستان اندر به سياسي استحڪام ظاهر ٿيندو۔ جيڪو ڪردار پاڪستان عالمي سطح تي ادا ڪري رهيو آهي، اهو ئي ڪردار ملڪ جي اندر به نظر اچڻ گهرجي۔ رڳو حڪومت ۽ اپوزيشن جي وچ ۾ سيس فائر ڪافي ناهي، بلوچستان، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي ماڻهن جا شڪايتون به حل ڪرڻيون پونديون۔ جيڪڏهن اهي شڪايتون ختم نه ڪيون ويون ته ايندڙ وقت ۾ وڏي گڙبڙ ٿي سگهي ٿي، جيڪا ڪنهن ڪمزور سياسي حڪومت لاءِ سنڀالڻ ڏکيو ٿي پوندو۔