سعودي عرب جي چتاءُ کان پوءِ متحده عرب امارات ڏکڻ يمن مان پنهنجي سڀني فوجين کي چوويهه ڪلاڪن اندر واپس گهرائڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته يو اي اي سعودي عرب جي سلامتي کي ترجيح ڏئي ٿو. سعودي عرب، ڏکڻ يمن جي مڪلا بندرگاهه تي جنگي سامان جي ترسيل کي روڪڻ لاءِ فضائي حملا ڪرڻ کان پوءِ يو اي اي کي يمن مان فوج واپس گهرائڻ جي وارننگ ڏني هئي۔
متحده عرب امارات واضح ڪيو آهي ته هن 2019ع ۾ طئي ٿيل فريم ورڪ تحت ڏنل ذميواريون مڪمل ڪرڻ کان پوءِ يمن ۾ پنهنجي فوجي موجودگي ختم ڪري ڇڏي هئي. ان کان پوءِ اڄ تائين يمن ۾ امارات جي موجودگي رڳو دهشتگردي خلاف مخصوص ٽيمون تائين محدود هئي، جيڪي لاڳاپيل بين الاقوامي ڀائيوارن سان هم آهنگي ۾ ڪم ڪري رهيون هيون. اماراتي وزارتِ دفاع موجب يمن ۾ تازين حالتن، پنهنجي اهلڪارن جي سلامتي ۽ شراڪتدار ملڪن سان هم آهنگي برقرار رکڻ لاءِ يو اي اي يمن مان پنهنجي دهشتگردي خلاف ٽيمون به ختم ڪري رهيو آهي۔ هن سلسلي ۾ جاري بيان ۾ يو اي اي سعودي عرب جو اهو الزام به رد ڪري ڇڏيو آهي ته بحري جهاز ڪنهن خاص عسڪري گروهه لاءِ جنگي سامان کڻي آيا هئا، ان اهڙي ڪنهن سرگرمي سان مڪمل لاتعلقي جو اعلان ڪيو آهي۔ تنهن هوندي به سعودي عرب جي فضائي حملن، وارننگ ۽ پوءِ متحده عرب امارات طرفان سعودي خواهش موجب ڪارروائي ڪرڻ جي اعلان کان پوءِ ٻنهي امير خليجي ملڪن وچ ۾ سڌي ٽڪراءُ جو امڪان في الحال ٽري ويو آهي، پر ان جي نتيجي ۾ يمن، سوڊان ۽ وچ اوڀر جي ٻين علائقن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ ۽ مقابلي جي فضا برقرار رهندي۔ اهڙين حالتن ۾ امڪان آهي ته يمن ۾ امن جون ڪوششون وڌيڪ متاثر ٿين۔ سعودي عرب جيڪو ايران حمايت يافته حوثي قبيلن سان مفاهمت جي ڪوشش ڪري رهيو هو، ان تي به ممڪن آهي ته مڪمل طور عمل نه ٿي سگهيو، يا جيڪڏهن ڪو معاهدو ٿي به وڃي ته متحده عرب امارات جي حمايت يافته ڏکڻ يمن جي “سدرن ٽرانزيشنل ڪائونسل (STC)” سعودي حمايت يافته قومي حڪومت کي چئلينج ڪندي رهندي۔ يو اي اي ميدان مان نڪري به مالي حمايت جاري رکي يمن ۾ بحران کي زنده رکي سگهي ٿو۔
تازن فضائي حملن ۽ يو اي اي جي بيان کان پوءِ هاڻي واضح ٿي ويو آهي ته سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات وچ ۾ وچ اوڀر ۾ معاشي ۽ حڪمتِ عملي واري سرسي جو مقابلو سامهون اچي چڪو آهي۔ نه سعودي عرب مطمئن ٿيندو ۽ نه ئي يو اي اي تيار آهي ته سعودي عرب کي مشرقِ وسطىٰ ۾ اڪيلو سڀ کان بااثر سياسي، حڪمتِ عملي ۽ معاشي قوت تسليم ڪري۔ هي پاليسي وچ اوڀر ۾ نون ۽ ڊگهي مدي وارن تڪرارن جو سبب بڻجي سگهي ٿي، ۽ سڀ کان وڌيڪ نقصان فلسطين ۾ امن ۽ آزاد فلسطيني رياست جي قيام جي مقصد کي ٿيندو۔ حيرت جي ڳالهه آهي ته ٻئي ملڪ فلسطين جي آزادي جا حامي آهن، پر سندن حڪمتِ عملي بلڪل ابتڙ آهي۔
سعودي عرب واضح ڪري ڇڏيو آهي ته جيستائين اسرائيل ٻن رياستن واري حل کي تسليم ڪري عملي معاهدي تي تيار نٿو ٿئي، تيستائين سعودي عرب ”ابراهام اڪارڊ“ جو حصو ٿي اسرائيل کي تسليم نه ڪندو۔ جڏهن ته متحده عرب امارات اڳ ئي ٽرمپ دؤر ۾ ابراهام اڪارڊ تحت اسرائيل کي تسليم ڪري چڪو آهي، ۽ ٻنهي ملڪن جا تجارتي ۽ حڪمتِ عملي جا لاڳاپا مضبوط ٿي چڪا آهن، جيڪي غزه جي جنگ باوجود به متاثر نه ٿيا۔ هن ڀائيواري سان اسرائيلي حڪومت مضبوط ٿي آهي ۽ هو غزه ۾ امن معاهدي ۾ رڪاوٽون وجهندو رهيو آهي۔
ٽرمپ امن معاهدي ۾ سعودي عرب ۽ پاڪستان جهڙن ملڪن جي دٻاءَ تي اها شرط شامل ڪئي وئي هئي ته جنگ بندي کان پوءِ غزه جي شهرين کي ٻاهر نه ڪڍيو ويندو، رڳو حماس کي غير مسلح ڪيو ويندو ۽ ان جا ڪارڪن يا ته پرامن نموني غزه ۾ رهندا يا ٻئي ملڪ هليا ويندا۔ پر ان دوران اسرائيل صومالي لينڊ کي تسليم ڪري ڇڏيو آهي ۽ خبرون آهن ته غزه مان ماڻهن کي اتان منتقل ڪرڻ جون ڪوششون ٿي سگهن ٿيون۔ اسرائيل غزه مان مڪمل نڪرڻ ۽ انساني امداد جي آزاد فراهمي کان انڪار ڪري رهيو آهي، جڏهن ته حماس به اڃا تائين هتي هٿيار ڇڏڻ واري طريقه ڪار تي متفق نه ٿي آهي ۽ عبوري حڪومت به قائم نه ٿي سگهي آهي۔ عالمي امن فورس به اڃا ممڪن نه ٿي سگهي آهي، ڇو ته ڪو مسلمان ملڪ حماس کي غير مسلح ڪرڻ جي ذميواري کڻڻ لاءِ تيار ناهي۔ پاڪستان عالمي فورس ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي، پر اهو به حماس سان سڌي ٽڪراءُ لاءِ تيار ناهي۔ اهڙي ماحول ۾ جيڪڏهن سعودي عرب ۽ يو اي اي پاڻ ۾ ٽڪراءَ ڪن ٿا ته نوان محاذ کولبا ۽ فلسطيني مسئلو وڌيڪ تعطل جو شڪار ٿيندو۔ يو اي اي جو اسرائيل تي وڌيڪ ڀاڙڻ مشرقِ وسطىٰ ۾ نئين صورتحال پيدا ڪندو۔
هن پس منظر ۾ پاڪستان جو ڪردار تمام اهم ٿيندو۔ ڏسڻو پوندو ته پاڪستان ٻنهي دوست ملڪن وچ ۾ واسطا بحال ڪرائڻ ۾ ڪيترو ڪامياب ٿئي ٿو۔ پاڪستان سعودي عرب سان دفاعي معاهدو ڪري چڪو آهي ۽ مالي مدد به وٺي ٿو، جڏهن ته يو اي اي سان به مضبوط تعلق رکيو آهي۔ يو اي اي جي صدر حال ۾ پاڪستان اچي وزيراعظم سان ملاقات ڪئي، جيڪا پاڪستان جي سفارتي اهميت کي ظاهر ڪري ٿي۔ پاڪستان ٻنهي سان توازن رکڻ چاهي ٿو، ڇو ته لکين پاڪستاني انهن ملڪن ۾ ڪم ڪن ٿا .
بنيادي مقابلو معاشي اثر رسوخ جو آهي۔ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان معيشت کي تيل کان هٽي نون شعبن ڏانهن کڻي وڃي رهيو آهي، جنهن سان دبئي ۽ ابوظهبي جي معاشي حيثيت کي چئلينج ٿيو آهي۔ يو اي اي سوڊان ۽ يمن ۾ اثر رسوخ وڌائي پنهنجو معاشي دائرو وڌائڻ چاهي ٿو۔ ٻنهي ملڪن جو مقابلو معاشي مفادن جو آهي، پر ممڪن ناهي ته اهي سڌي جنگ ڪن يا مڪمل لاڳاپا ٽوڙين البت اهو خطرو رهندو ته جيڪڏهن ايم بي ايس ۽ ايم بي زيڊ پنهنجا اختلاف خوش اصلوبي سان حل نه ڪري سگهيا ته لڪل ڇڪتاڻ ٻنهي لاءِ نقصانڪار بڻجندي۔ ڏسڻو پوندو ته پاڪستان جهڙو غيرجانبدار ملڪ ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو يا آخرڪار کيس به ڪنهن هڪ پاسي وڃڻو پوندو۔