هڪ ساٿ، هڪ جدوجهد ۽ هڪ ياد

تحرير: زهره شيخ

زندگي ۾ ڪي ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جيڪي شور ناهن ڪندا پر هر قدم تي خاموشي سان ساٿ ڏيندا آهن. شهر بانو جنهن کي اسان شبانه چوندا هئاسين سا به اهڙي ئي ساٿي هئي. هوءَ رڳو دوست نه هئي، پر سماجي جدوجهد، ميدانِي ڪم ۽ ماڻهن جي مسئلن سان جڙيل سفر ۾ خاموش پر مضبوط ڀاڱي ڀائيوار هئي.

ڪي دوست انفرادي طور به تنظيمن جهڙو ڪم ڪندا آهن. شبانه مون سان گڏ ٽي ڀيرا سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ ھلي فائلون، درخواستون، آفيسن جا چڪر اهي سڀ هن لاءِ اجنبي نه هئا. ڇنڇر جي ڏينهن به هوءَ بينڪ اڪائونٽ کولرائڻ لاءِ پهريون ڀيرو مون سان گڏ  گلشن اقبال ھلي . اهڙا ڪم عام نظر ۾ شايد معمولي لڳن، پر زمين تي ڪم ڪندڙ ماڻهن لاءِ اهي ئي قدم تبديليءَ جو آغاز هوندا آهن.

هڪ اخباري ڪالم  جي اسائنمينٽ لاءِ اسان گڏجي فيلڊ ۾ به نڪتاسين. آغا خان اول جي جھرڪ، ٺٽو واري حويلي ڏسڻ جو سفر هجي يا قائداعظم محمد علي جناح جي جنم ڀومي جناح پونجا جو گهر، مڪلي گرل هوٽل تي گڏ لنچ اهي لمحا رڳو يادون نه، پر گڏيل مقصدن سان ڀرپور لمحا هئا. هڪ ڀيرو اسان جي گڏيل تصوير “عوامي آواز” ۾ به ڇپي اها تصوير اڄ به شاهدي آهي ته شبانا رڳو لفظن جي ساٿي نه هئي پر عمل جي ساٿي به هئي.

پوئين آچر تي مان، شبانه۽ سعيدا گوپانگ گڏ ويٺاسين. گلشنِ حديد جا مسئلا بحث هيٺ هئا: پاڻيءَ جي کوٽ، ماڻهن ۾ وڌندڙ خوف، گن پوائنٽ تي ڌاڙن جا واقعا. شبانه ڌيان سان ٻڌندي رهي، سوال ڪندي هئي، ۽ چوندي هئي ته ”اهي ڳالهيون لکڻ گهرجن ته ماڻهو ڄاڻن.“ ڪنهن کي ڪهڙي خبر هئي ته اها اسان جي آخري گڏ جاڻي هوندي.  24 ڊسمبر 2025 تي شبانه جي وڇوڙي جي خبر دل کي ڀڃي لاٿو. اهڙا ماڻهو جلدي وڃن ٿا، ڇو ته هو  پنهنجي حصي جو ڪم پورو ڪري ويندا آهن. پر سندن وڃڻ سان هڪ خال رهجي ويندو آهي اهڙو خال جيڪو صرف ياد سان ڀرجي نٿو سگهي، پر ذميواريءَ سان ڀرڻو پوندو آهي.

هي مضمون رڳو تعزيت ناهي؛.هي هڪ واعدو آهي. واعدو ته شبانه جهڙن ساٿين جو ڪم اڌ ۾ نه ڇڏبو. گلشنِ حديد جا مسئلا، پاڻيءَ جو سوال، عوام جي حفاظت اهي سڀ موضوع اسان جي قلم جو حصو رهندا. ڇو ته شبانه جو ساٿ اسان کي اهو سيکاري ويو ته سماجي خدمت تصويرن يا خبرن تائين محدود نه هوندي آهي؛ اها روزاني محنت، آفيسن جا چڪر ۽ ماڻهن جي درد کي ٻڌڻ سان جڙيل هوندي آهي. الله تعاليٰ شهر بانو (شبانه) کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي، ۽ اسان کي صبر ۽ همت ڏئي ته سندس ڇڏيل واٽ تي هلندا رهون.

شبانا رڳو سماجي ڪمن تائين محدود نه هئي، پر سندس گهريلو زندگي به محبت ۽ خلوص سان ڀريل هئي. شبانا جي اولاد به ڏاڍي پيار ڪندڙ ۽ سُجاڳ آهي اهي پنهنجي والده جي قدرن ۽ سادگيءَ جا عڪس آهن. هڪ ماءُ طور، شبانا پنهنجي ٻارن ۾ انسان دوستي، سچائي ۽ ذميواريءَ جو سبق ڇڏيو، جيڪو هن جي سڀ کان وڏي وراثت آهي.

منهنجي ۽ شبانه جي دوستي جي شروعات 2012ع ۾ فنڪشنل ليگ جي هڪ دعوت دوران ٿي. اُهو رڳو تعارف جو لمحو نه هو، پر هڪ اهڙي ساٿ جو آغاز هو، جيڪو سالن تائين گڏيل سفر بڻجي ويو. شبانه پاڻ فنڪشنل ليگ جي اهم عهدي تي به فائز رهي، جتي هن تنظيم، عوامي رابطن ۽ ذميواريءَ سان ڪم ڪرڻ جو عملي تجربو حاصل ڪيو. سياسي شعور هئڻ باوجود، هن جو انداز هميشه نرم، دليلن تي ٻڌل ۽ ماڻهن کي گڏ کڻڻ وارو رهيو.

اهو سياسي ۽ سماجي تجربو ئي هو، جنهن شبانه کي فيلڊ ورڪ، ادارن سان رابطن ۽ عوامي مسئلن تي سنجيدگيءَ سان ڳالهائڻ جي سگهه ڏني. هوءَ مسئلن کي صرف بيان ڪرڻ تي يقين نه رکندي هئي، پر حل ڏانهن قدم کڻڻ کي اهم سمجهندي هئي ۽ اهو ئي سبب هو جو هوءَ هر سفر، هر ملاقات ۽ هر تحقيق ۾ منهنجي ساٿ ۾ بيهي رهندي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.