باني پي ٽي آءِ مائنس ٿيڻ لاءِ تيار؟

تحرير: رفيق پٽيل

عمران خان جا مخالف غير ضروري طور تي عمران خان جي آزادي جي ڊپ ۾ ورتل آهن. باني پي ٽي آءِ پاڻ آزاد ٿيڻ لاءِ تيار ئي ناهن. جيڪڏهن معاملن تي ڪو راضپو ٿي وڃي ته هو جيل ۾ ئي رهڻ لاءِ به تيار ٿي سگهن ٿا. اها صرف خام خيالي آهي ته باني تحريڪ انصاف ڪنهن ڳالهه تي راضي ناهن پيا ٿين يا هو جيل مان ٻاهر اچڻ چاهين ٿا. تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جا اڳواڻ ڪجهه معمولي شرطن تي عمران خان کي خاموش رهڻ ۽ ڊگهي عرصي تائين جيل ۾ رهڻ لاءِ تيار ڪري سگهن ٿا. اهي شرط ممڪن طور هي ٿي سگهن ٿا ته ملڪ ۾ گڏيل قومن جي مقرر ڪيل اصولن موجب جمهوريت، انساني حقن ۽ منصفاڻي، آزاد ۽ شفاف چونڊ نظام کي بحال ڪيو وڃي. فيبروري 2024ع جي چونڊن ۾ بيقاعدگين بابت عالمي مبصرن ۽ عالمي ميڊيا جي راءِ کي تسليم ڪيو وڃي. تازي آئيني ترميمون واپس ورتيون وڃن. عدالتي نظام کي ميرٽ تي ٻيهر ترتيب ڏئي مڪمل آزاد عدليه قائم ڪئي وڃي. تحريڪ انصاف جو چونڊ نشان بحال ڪيو وڃي. قاعدن موجب پي ٽي آءِ کي جلسن ۽ سياسي سرگرمين جي اجازت ڏني وڃي. اهڙي صورت ۾ هو سڄي زندگي جيل ۾ گذارڻ لاءِ به تيار آهن ۽ تڏهن تائين ڪو بيان نه ڏيندا، جيستائين ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي حقيقي حڪمراني قائم نه ٿيندي ۽ ڪرپشن، رشوت، بي انصافي، بيروزگاري ۽ غربت جي خاتمي لاءِ نتيجو خيز قدم نه کڻبا. هي اهي ”معمولي“ شرط آهن، جن سان عمران خان مائنس ٿي سگهن ٿا.

اهي ئي “معمولي” شرط آهن جن سان ملڪ به تيز رفتار ترقي ڪري سگهي ٿو، پر حڪمران جماعتن ۽ اعليٰ اهلڪارن کي اهي شرط ان لاءِ تمام ڳرا محسوس ٿين ٿا جو جيڪڏهن جمهوريت بحال ٿي وڃي ۽ انصاف تي ٻڌل معاشرو قائم ٿي وڃي ته انهن جي سياست لاءِ ڪا جاءِ نه بچندي. نئين نوجوان قيادت سامهون ايندي، سندن زندگي سادگي تي ٻڌل هوندي. کين وڏن پروٽوڪولن ۽ گاڏين جي ڊگهي قطارن جي ضرورت نه هوندي. سمورن سرڪاري آفيسن ۾ آن لائين شفاف نظام رائج ٿيندو. پوليس جو رويو عوام دوست هوندو. هو غريبن سان به عزت سان پيش ايندي. عورتون به اهڙي آزادي سان رات جي ڪنهن به وقت سفر ڪري سگهنديون، جيئن دبئي ۾ ڪن ٿيون، ۽ کين خطري جو احساس نه ٿيندو. ماڻهو ڪيترائي ٽولا سون کڻي به ڪنهن به هنڌ اچي وڃي سگهندا. پاڪستان ۾ به اهڙو تحفظ هوندو. حڪومت عوام جي خواهشن، اميدن ۽ مفادن مطابق ڪم ڪندي ۽ کين وڌ کان وڌ سهولتون مهيا ڪندي. سنگاپور جو طرزِ حڪمراني ان جي واضح مثال آهي. رڳو حڪمرانن کي پڪو ارادو، اعتماد ۽ ڪوڙي شان و شوڪت جي قرباني ڏيڻ جي ضرورت آهي. عوام کي به ڪجهه وقت لاءِ سادي زندگي قبول ڪرڻي پوندي. پوءِ ترقي جي صورت ۾ دولت پاڻ وهندي. سنگاپور اهو ڪري ڏيکاريو آهي. پاڪستان جي ماڻهن ۾ به زبردست صلاحيت موجود آهي، هتي وسيلا آهن، دولت آهي. ايماندار ۽ مقبول قيادت ماڻهن کي وڌيڪ محنت طرف آڻي سگهي ٿي. رڳو اهڙي مخلص قيادت جي ضرورت آهي، جنهن کي دولت ۽ عهدي جي لالچ نه هجي ۽ جنهن جون ساريون صلاحيتون ملڪ کي ترقي ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ وقف هجن.

موجوده حڪمران به اهو ڪم ڪري سگهن ٿا. اهي پنهنجي سڄي دولت ڪنهن اهڙي ٽرسٽ حوالي ڪري ڇڏين، جيڪو مڪمل طور عوامي فلاحي مقصدن لاءِ وقف هجي ۽ جنهن ۾ سندن ذاتي مفاد يا ڪو عهدو شامل نه هجي. هو پاڻ سادي زندگي اختيار ڪن، وڏن پروٽوڪول کانسواءِ هلي. ٿي سگهي ٿو شروع ۾ کين چونڊن ۾ وڏي شڪست به ٿي وڃي، پر اها عارضي هوندي. هن وقت حڪمران جماعتن جي ساک عوام ۾ تقريبن ختم ٿي چڪي آهي ۽ هر گذرندڙ ڏينهن سان انهن جي مقبوليت گهٽجي رهي آهي. اهي مختلف مصنوعي طريقن، رياستي طاقت ۽ انتظامي مشينري جي مدد سان پنهنجي اقتدار کي ڊگهو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جيڪو رويو عوام ۾ نفرت پيدا ڪري رهيو آهي ۽ مستقبل ۾ وڏي ٽڪراءُ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. حڪمران جماعتون عوام ۾ لساني ورهاءُ ۽ مذهبي جماعتن کي استعمال ڪري پنهنجي سياست ۽ مفادن جو تحفظ چاهين ٿيون. طاقتور حلقن سان سازباز ۽ مختلف سازشون به انهن ئي مقصدن جو حصو آهن، جن جا ڏور رس نتيجا تمام خطرناڪ ٿي سگهن ٿا.

دنيا جي وڏي مالي اداري آءِ ايم ايف پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ پاڪستان ۾ ناقص حڪمراني ۽ بدعنواني جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. اها رپورٽ آگسٽ ۾ ئي حڪومت کي ملي وئي هئي، پر ان کي لڪائي رکيو ويو ته جيئن اها خبر نه بڻجي سگهي. آءِ ايم ايف شرط رکي هئي ته اها رپورٽ عوام اڳيان آندي وڃي. هاڻي مجبورن اها رپورٽ شايع ڪئي وئي آهي.

حڪومت کي به احساس آهي ته راءِ عامه جي وڏي اڪثريت پي ٽي آءِ جي حمايتي آهي. حڪمران جماعتون گذريل ٽن سالن کان انتظاميا جي مدد سان پي ٽي آءِ کي ٽوڙڻ ۽ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳل آهن، پر کين ڪا وڏي ڪاميابي نه ملي. هاڻي جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم کي به اشارا ملي ويا آهن ته اهي پنهنجي سياسي سرگرميون تيز ڪري پي ٽي آءِ جي حمايت ڪندڙن کي پنهنجي ڏانهن آڻين ۽ طاقتور حلقن جي مدد سان پي ٽي آءِ کي ڪمزور ڪن. هڪ طرف جماعت اسلامي ”نظام بدلائڻ“ جي مبهم ڳالهه ڪري رهي آهي، پر ان جو ڪو واضح لائحه عمل ناهي. نظام رڳو هڪ نئين آئين تحت بدلائي سگهجي ٿو. جيڪڏهن جماعت اسلامي عوام سان واقعي مخلص هجي ها ته عوام جي ووٽ جي حق جي بحالي لاءِ آواز اٿاري ها ۽ فيبروري 2024ع جي اصلي نتيجن کي سامهون آڻڻ جي ڪوشش ڪري ها. پر جنهن طرح مينارِ پاڪستان تي جماعت اسلامي لاءِ وڏي سرڪاري سهائتا سان جلسو ڪرايو ويو، اهو پس پرده قوتن جي بنا ممڪن نه هو.

متحده قومي موومينٽ جو الڳ صوبي جو نعرو به حقيقتن جي ابتڙ آهي ۽ ڪراچي جي عوام کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش آهي. جيڪڏهن سنڌي – مهاجر فساد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اها سازش به عوام جي راءِ تبديل نه ڪري سگهندي. ”سنڌ ڪارڊ“ ۽ ”مهاجر ڪارڊ“ جو سياسي تماشو هاڻي ناڪام ٿي چڪو آهي. سنڌ جا ماڻهو هاڻي اهڙين سياسي چالبازين کي سمجهي چڪا آهن. عوام ڄاڻي ٿو ته هر فساد ۾ معصوم ماڻهو مري وڃن ٿا، جڏهن ته اهڙيون سياستون ڪندڙ اڳواڻن جي بنگلن، گاڏين ۽ دولت ۾ واڌارو ٿي وڃي ٿو. هاڻي اهي اهڙي ڪنهن ڌوڪي ۾ اچڻ لاءِ تيار ناهن.

جمعيت علماءِ اسلام به شريف ۽ زرداري خاندان جي اقتدار کي ڊگهو ڪرڻ واري آئيني ترميمن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ نتيجي طور پي ٽي آءِ کان کسيل ڪجهه سيٽون انهن کي ملي ويون. پاڪستان جي عوام جي پسماندگي ۾ انهن مذهبي جماعتن جي مفاد پرست سياست جو به وڏو هٿ آهي. حڪمران مسلم ليگ جي پوري ڪوشش آهي ته هو تحريڪ لببيڪ جي ووٽ بينڪ کي پنهنجي حق ۾ استعمال ڪن، پر اهو ڪم انتهائي مشڪل ۽ تقريبن ناممڪن آهي. موجوده حڪمراني جو طريقيڪار ملڪ کي ڪنهن وڏي حادثي ڏانهن وٺي وڃي سگهي ٿو، جنهن جو کين احساس ئي ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.