سنڌ ۾ ڪرپشن جو عروج، محنت جو قتل ۽ ميرٽ جي تدفين

تحرير: آزاد غلام رسول مزاري

اڄ هڪ اهڙي اونداهيءَ ۾ ڦاسي پئي آهي، جتي هر در وٽ ڪرپشن جو پاڇو بيٺل آهي. اها اونداهي رڳو اکين لاءِ ناهي پر اها ضميرن تي لهندڙ ڪاري چادر آهي. اڄ اها ڳالهه چوڻ به بي معنيٰ لڳي ٿي ته ”سنڌ ۾ ڪرپشن آهي“، ڇو ته هاڻي سوال اهو ناهي ته ڪرپشن ڪٿي آهي؟ اصل سوال اهو آهي ته اها ڪٿي ناهي؟

غريب جو ٻار، جيڪو مٽيءَ جي گهر ۾ ويهي، لالٽين يا موبائيل جي مدهم روشنيءَ ۾ پڙهندو آهي، پنهنجي اکين جا اوجاڳا ڪتابن تي قربان ڪندو آهي. هو سياري جي سرد راتين ۾ به خواب ڏسندو آهي، ۽ اونهاري جي تپندڙ ڏينهن ۾ به اميد نٿو ڇڏي. نائين ۽ ڏهين ڪلاس ۾ ٽاپ ڪرڻ سندس زندگيءَ جو مقصد بڻجي وڃي ٿو، ڇو ته هن کي سيکاريو ويو آهي ته محنت جو ميوو ضرور ملندو آهي،  پر جڏهن هو بورڊ آفيس جي در تي پهچي ٿو، تڏهن سندس اهو خواب رشوت جي ٿلهين ڀتين سان ٽڪرائجي ڀور ڀور ٿي وڃي ٿو.

بورڊ آفيسون جيڪي علم، انصاف ۽ مستقبل جا امين هئڻ گهرجن ها، اڄ دڪان بڻجي ويون آهن. هتي مارڪون وڪرو ٿين ٿيون، گريڊن جون قيمتون مقرر آهن، ۽ ميرٽ کي پيرن هيٺان لتاڙي، رشوت عيوض نااهل کي اي ون گريڊ عطا ڪيو وڃي ٿو. هتي سوال اهو ناهي ته ڪير پڙهيو؟ سوال اهو آهي ته وڌيڪ رشوت ڪير ڏيندو؟ جنهن وٽ پئسو آهي، اهو هوشيار آهي؛ ۽ جيڪو غريب آهي۔اهو ڀلي سڄو سال ڪتابن ۾ دفن رهيو هجي پر آخرڪار پوئتي رهجي وڃي ٿو. هي ظلم رڳو اسڪولن تائين محدود ناهي. يونيورسٽين جا انٽري ٽيسٽ، جيڪي نوجوانن لاءِ مستقبل جا در کولڻ گهرجن ها، اتي به رشوت کي اوليت ڏني وڃي ٿي. امتحان کان اڳ ئي  حل ٿيل پيپر “خاص” اميدوارن تائين پهچايا وڃن ٿا، جڏهن ته غريب شاگرد امتحان هال ۾ ويهي رڳو پنهنجي تقدير سان مقابلو ڪندو رهي ٿو۔هڪ اهڙو مقابلو، جنهن جو نتيجو اڳ ئي لکيل هوندو آهي.

ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ جهڙا شعبا، جيڪي سماج جي ريڙهه جي هڏي آهن، اتي به رٽن ٽيسٽ لکن ۽ ڪروڙن ۾ وڪرو ٿين ٿا. نتيجي ۾ اهو نااهل ڊاڪٽر ڊگري ته کڻي وٺي ٿو، پر ضمير وڃائي ويهي ٿو؛ انجنيئر پل ته ٺاهي ٿو، پر ايمانداريءَ کان خالي. پوءِ جڏهن اسپتال ۾ مريض مري ٿو، يا پل ڪري پوي ٿو۔ته سوال ڪنهن کان پڇجي؟ قصوروار ڪير؟ تعليم کان پوءِ به عذاب ختم نٿو ٿئي. صحت جا ادارا هجن يا روينيو آفيسون۔هر هنڌ واڳون وانگر رشوت لاءِ وات ڦاڙيو ويٺا آهن. بغير “چانهه پاڻي” جي فائيل چري به نٿو، بغير “نذراني” جي ڪم اڳتي نٿو وڌي. نوڪريون، جيڪي قابليت ۽ اهليت تي ملڻ گهرجن ها، هاڻي بازار ۾ نيلام ٿين ٿيون. لکين روپين ۾ وڪرو ٿيندڙ نوڪرين جي سامهون غريب نوجوانن جون سي ويز رڳو ڪاغذ جا ٽڪرا بڻجي وڃن ٿا. اهڙي حالت ۾ سوال پيدا ٿئي ٿو: جڏهن هر در بند هجي، هر رستو رشوت سان ڀريل هجي۔ته غريب ڇا ڪري؟ ڇا هو پنهنجي ٻار کي محنت ڪرڻ کان روڪي؟ ڇا هو کيس سيکاري ته “سچ ۽ ايمانداري بيڪار آهن”؟ يا ڇا هو سماج کان مايوس ٿي، بيحسيءَ جي اونداهيءَ ۾ گم ٿي وڃي؟

هيءَ صورتحال رڳو هڪ فرد جو مسئلو ناهي، هي هڪ اجتماعي تباهي آهي. جڏهن ميرٽ جو قتل ٿئي ٿو، تڏهن سماج جو مستقبل قتل ٿئي ٿو. جڏهن نااهل اڳتي اچن ٿا، تڏهن ادارا اندر کان کوکلا ٿي وڃن ٿا. ۽ جڏهن غريب مايوس ٿئي ٿو، تڏهن يا ته هو خاموش ٿي وڃي ٿو۔يا بغاوت جي رستي تي نڪري اچي ٿو؛ يا وري مايوسيءَ جي ور چڙهي، زندگيءَ کان ئي هٿ کڻي ويهي رهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو آپگهات جا واقعا روز جو معمول بڻجي چڪا آهن ۽ سماج خاموش تماشائي بڻيل آهي.

سنڌ کي جيڪڏهن بچائڻو آهي، ته ڪرپشن خلاف رڳو نعرا ڪافي ناهن عمل گهرجي. ميرٽ کي مقدس بڻائڻو پوندو، تعليم کي بازار مان ڪڍڻو پوندو، ۽ غريب جي ٻار کي اهو يقين واپس ڏيڻو پوندو ته هن جي محنت ضايع نه ويندي. پر افسوس! اهو سڀ ڪجهه اڄ ناممڪن ٿو لڳي. جڏهن ميرٽ رشوت عيوض سربازار وڪرو ٿيڻ لڳي، جڏهن قابليت جي جاءِ تي ڪرنسي ڳالهائڻ لڳي، تڏهن محنت جو فلسفو ڪتابن تائين محدود ٿي وڃي ٿو. اهڙي سماج ۾ ايمانداري عيب بڻجي وڃي ٿي، ۽ بي ايماني کي “هوشياري” جو نالو ڏنو وڃي ٿو. ماڻهو ڏسي ٿو ته جيڪو پڙهيو، جاڳيو، سچ سان بيٺو۔سو پوئتي رهجي ويو؛ ۽ جنهن ضمير وڪڻي ڇڏيو سو اڳتي نڪري ويو. پوءِ سوال پيدا ٿئي ٿو: جڏهن سچ هارائي وڃي ۽ ڪوڙ کٽي وڃي۔ته ماڻهو پنهنجي ٻار کي ڇا سيکاري؟

مايوسي رڳو دلين کي اداس نٿي ڪري، اها ذهنن کي به ويران ڪري ڇڏي ٿي. اهڙي ماحول ۾ ماڻهو غلط ڌنڌن ڏانهن لاڙو ڪري ٿو، ڇو ته کيس هر پاسي کان جيئڻ جا گس، پيچرا ۽ در بند نظر اچن ٿا. پوءِ هو چوري کي ڏوھ نٿو سمجهي، ڇو ته پيٽ جي بک کيس قانون کان وڏو ڏوهاري لڳي ٿي. هو رشوت کي گناهه نٿو سمجهي، ڇو ته سسٽم کيس سيکاري ڇڏيو آهي ته ميرٽ نه، ڏوڪڙ هلندا آهن

جڏهن رياست انصاف مهيا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿئي، تڏهن ماڻهو پنهنجا قانون پاڻ ٺاهڻ لڳي ٿو ۽ اتي ئي سماج جي اخلاقي ڍانچي ۾ دراڙ پئجي وڃي ٿي. جڏهن معيار جو قدر ختم ٿي وڃي، تڏهن ادارا رڳو عمارتون رهجي وڃن ٿا. اسڪول علم جا مرڪز نٿا رهن، اسپتالون شفا جا گهر نٿيون رهن، ۽ آفيسون خدمت بدران سوديبازيءَ جا اڏا بڻجي وڃن ٿيون. اهڙي سماج ۾ نه استاد استاد رهندو آهي، نه ڊاڪٽر مسيحا، نه آفيسر خادم سڀئي ڪنهن نه ڪنهن طرح نظام جا واپاري بڻجي وڃن ٿا. ۽ جڏهن محنتن جو ڦل نه ملي، تڏهن معاشرو پنهنجي اندر ئي اندر ٽٽي پوي ٿو. اها تباهي ڪنهن هڪ ڏينهن ۾ نٿي اچي؛ اها آهستي آهستي ضميرن کي کائي ٿي، اميدن کي نااميديءَ جي انڌيرن ۾ ڦٽو ڪري ٿي، ۽ آخرڪار نسلن کي مايوس بڻائي ٿي. پوءِ اهڙي سماج لاءِ تباهيءَ کانسواءِ ڪو ٻيو رستو بچي ئي ڪٿي ٿو؟ جيڪڏهن اڄ به اسان نه جاڳياسين، جيڪڏهن اڄ به ميرٽ کي زنده نه ڪيوسين، جيڪڏهن اڄ به غريب جي محنت کي عزت نه ڏني سين۔ ته سڀاڻي اسان وٽ شڪايت ڪرڻ جو به حق نه رهندو ڇو ته تاريخ اهو لکندي: هي اهو سماج هو، جنهن محنت کي ماريو ۽ پوءِ پاڻ دفن ٿي ويو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.