پي آءِ اي جي نجڪاري خلاف سراپا احتجاج بڻيل پرڏيهي پاڪستاني

تحرير: عرفان سليم

 دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پي آءِ اي کي 64 روٽن تي هلڻ جا لائسنس حاصل آهن، جتي قومي ايئر لائن جون فلائيٽون هلنديون رهيون ۽ خاص طور انهن ملڪن تائين وينديون رهيون جتي پرڏيهي ملازمتن ۾ ويندڙ اوورسيز پاڪستاني وڏي انگ ۾ رهن ٿا. وچئين اوڀر سميت سموري دنيا ۾ محنت مزدوري ڪندڙ پاڪستانين لاءِ پي آءِ اي هميشه آخري اميد رهي آهي. جيڪڏهن ٻارن جي بهتر مستقبل لاءِ پرڏيهي ڌرتيءَ تي ڪم ڪندي سندن زندگي ختم به ٿي وڃي ته گهٽ ۾ گهٽ پي آءِ اي سندن ميّت کي عزت سان بنا معاوضي وطن پهچائيندي هئي ۽ گڏ هڪ خاندان جي فرد کي به ساڻس گڏ موڪليندي هئي، جيئن وارث آخري ديدار ڪري سڪون حاصل ڪري سگهن. افسوس جو بار بار مطالبن باوجود حڪومت انهن اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ته نه ڏنو پر هاڻي پي آءِ اي جهڙو آخري سهارو به انهن کان کسي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن اهو چيو وڃي ته سرڪار اوورسيز پاڪستانين جي وفات کان پوءِ سندن وارثن کان آخري ديدار جو حق به کسي ڇڏيو آهي ته اهو وڌاءُ نه هوندو.

اوورسيز پاڪستانين جي ميت کي بنا معاوضي وطن آڻڻ جو ڪريڊٽ چوڌري شجاعت حسين کي وڃي ٿو، جنهن ظفرالله جمالِي جي استعيفيٰ کان پوءِ قائم مقام وزيراعظم طور اوورسيز پاڪستانين سان ملاقات کانپوءِ اها سهولت ڏني هئي، پر اڄ جڏهن اوورسيز پاڪستاني پي آءِ اي جي تڪراري نجڪاري ۽ هن سهولت جي خاتمي تي احتجاج ۾ آهن ته ساڳي وقت انهن کي چوڌري شجاعت حسين جي خاموشي به ڏک ڏئي رهي آهي. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ پاڪستاني هاڻي پي آءِ اي سان سفر جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري رهيا آهن. هن ظالماڻي نجڪاري خلاف مختلف آواز اٿڻ شروع ٿي ويا آهن جن مان هڪ آواز پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چوڌري منظور جو آهي، جن چيو آهي ته جڏهن گذريل سال پي آءِ اي کي 22 ارب روپين جو منافعو ٿيو ته پوءِ کيس ڇو وڪرو ڪيو ويو؟ سياستدان ته پنهنجي ڳالهه عوام تائين پهچائي ڇڏين ٿا پر اوورسيز پاڪستاني آخر ڪنهن اڳيان پنهنجو درد پيش ڪن ته پي آءِ اي کي ئي نه پر ان جي لاشن جي حرمت کي به نيلام ڪيو ويو آهي.

پي آءِ اي جي سستي نيلامي کان پوءِ اوورسيز پاڪستانين کي يقيناً هاڻي پرديس جو احساس اڳ کان وڌيڪ ٿئي پيو. 135 ارب روپين ۾ پي آءِ اي کي جيئن وڪرو ڪيو ويو، اهڙي بي دردي سان ته گهر جو ڪٻاڙ به نٿو وڪرو ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.