” خدا جب حسن ديتا هي تو نذاڪت آ هي جاتي هي“، ڀارتي ڪرڪيٽياڻي جو چپن ۾ ڀڻڪڻ سڀني کي وڻي ويو

ڀارتي وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي اسپنر وشنوي شرما سريلنڪا خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي
ڀارتي وومين ٽيم جي اُڀرندڙ اسپنر وشنوي شرما سريلنڪا خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ ڊيبيو کانپوءِ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي ڇانيل آهي.
سيريز جي چوٿين ميچ دوران وشنوي شرما جوش ۾ هڪ اهڙو ردعمل ڏيکاريو جيڪو ڪيمرا جي اک ۾ محفوظ ٿي وائرل ٿي ويو.
سريلنڪن اننگز جي 15 هين اوور جي ٽئين بال تي هڪ رن آئوٽ جو موقعو وڃائڻ تي وشنوي شرما پنهنجي جذبن تي ظابطو نه رکي سگهي ۽ چپن ۾ هڪ اڻوڻندڙ لفظ ڀڻڪيو، جيڪو اسٽمپ ڪميرا جي اک ۾ محفوظ ٿي ويو.
جئين ئي هن محسوس ڪيو ته منظر وڏي اسڪرين تي ڏيکاريو پيو وڃي، اتي وشنوي فوري طور پنهنجي منهن تي هٿ رکي لڄاري مرڪ مرڪندي ردعمل ظاهر ڪيو.
هن جو اِهو انداز نه رڳو ميدان ۾ موجود تماشائين پر ميدان کان ٻاهر موجود شوقينن جي دلين ۾ به به گھر ڪري ويو.
جيتوڻيڪ وشنوي جو رويو سوشل ميڊيا تي بحث هيٺ آهي، پر ميچ ۾ سندس ڪارڪردگي پڻ ساراهڻ جوڳي رهي.
هاءِ اسڪورنگ ميچ ۾ جتي ٻنهي ٽيمن گڏيل طور تي 400 کان مٿي رنسون اسڪور ڪيون، اتي وشنوي غير معمولي ڊسپلين جو مظاهرو ڪندي في اوور 6 رنسون ڏئي ٻه اهم وڪيٽون پڻ ورتيون. سدس اثرائتي بالنگ ذريعي ڀارت 30 رنسن تان سريلنڪا کي شڪست ڏني، جنهن ۾ سان گڏ ڀارت سيريز ۾ سرسي 0-4 ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.