ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جيڪب آباد جي نابين قلي اڪبر علي جي وڊيو جو نوٽس وٺي ڇڏيو.
جيڪب آباد جي قلي اڪبر علي جي پٽ کي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ سب ڊويزن ۾ چوڪيدار طور مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سندس ڌيءَ کي به بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب،اڪبر علي جمالي کي هڪ لک رپيا مالي مدد پڻ فراهم ڪئي ويندي.
ياد رهي ته اڪبر جمالي 25 ورهين کان ريلوي ڪوارٽر ۾ رهندڙ آهي، ۽ گذريل اٺن ورهين کان اکين جي نور کان محروم آهي.
وڏي وزير جو نابين قلي جي وائرل وڊيو تي نوٽيس، مالي مدد سان گڏ پٽ کي نوڪري ڏئي ڇڏيائين
You might also like