”مامي جي ڪري ڪم مليو نه ئي شهرت“، عمران خان پهرين زال کي طلاق ۽ انڊسٽري کان پري رهڻ جو ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان جي ڀاڻيجي ۽ اداڪار عمران خان پنهنجي مامي سان لاڳاپن ۽ پنهنجا نوازي واري تاثر تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
42 سالن جا عمران خان چيو ته خانداني تعلقات سبب بالي ووڊ ۾ آسانياڻيون حاصل ڪرڻ جو خيال صحيح نه آهي، ۽ ماموں جي شهرت انهن جي پنهنجي ناهي.
اٽڪل هڪ ڏهاڪي کانپوءِ وڏي پردي تي واپسي ڪندڙ 42 ورهين جي عمران خان ويجهڙ ۾ هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن پنهنجي فني ۽ ذاتي زندگي بابت ويچار ونڊيا.
سال 1988ع ۾ چائلڊ آرٽسٽ طور فلم ”قيامت سي قيامت تڪ“ ذريعي بالي ووڊ انڊسٽريءَ ۾ پير پائيندڙ عمران خان جي هيرو طور 2008ع ۾ ۾ رليز پهرين فلم ” جاني تو يا جاني نا“ سپر هٽ ثابت ٿي.
پوسٽ ڪاسٽ ۾ عمران خان ڪيريئر جي لاهن چاڙهن، شهرت ۽ زوال بابت ڳالهائيندي چيو ته پهرين فلم جي ڪاميابي کانپوءِ رات پيٽ ۾ شهرت ملي، پر ڪم ملڻ گهٽجي ويو، پهرين فلم کانپوءِ ٿوري فيس وڌائي، پر اِهو تاثر ته خانداني لڳ لاڳاپن سبب انڊسٽريءَ ۾ سهولتون مليون حقيقت جي ابتڙ آهي.
عمران خان موجب، ماڻهو سمجهندا آهن ته هو عامر خان جو ڀاڻيجو آهي، مالي ۽ پروفيشنل سهولتون پاڻمرادو حاصل ٿين ٿيون، پر اصل ۾ اِهو سچ ناهي مامي جي ڪمائي تي هن جو ڪو به حق ناهي.
عمران خان فلم انڊسٽري ۾ آمدني واري فرق تي به روشني وڌي ۽ چيو ته رنوير سنگهه ۽ رنبير ڪپور گهڻو ڪمائين ٿا، جڏهن ته ٻين کي مناسب اجورو ملي ٿو.
هڪ ڏهاڪي تائين انڊسٽري کان ڪٽيل رهڻ واري سوال تي هن چيو ته شوبز کان پري رهڻ دوران مالي اثر پيا، ماضيءَ ۾ ڪجهه مسئلا هئا، جنهن ۾ اڳوڻي گهرواري اونتيڪا ملڪ سان طلاق پڻ شامل آهي.
هاڻي عمران خان هدايتڪار وير داس ۽ ڪوي شاستري جي ” هيپي پٽيل: خطرناڪ جاسوس“ ذريعي پنهنجي ڪيريئر جي ٻي اننگز شروع ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.