جيڪڏهن پاڪستان جي سياست کي هڪ لفظ ۾ سمجهائڻو هجي ته اهو لفظ ”نعرو“ هوندو. هتي نظريو گهٽ ۽ نعرو وڌيڪ وڪامي ٿو، هتي پروگرام کان اڳ تقرير تيار ڪئي ويندي آهي ۽ پاليسي کان اڳ جلسو. ذوالفقار علي ڀٽو، ميان نواز شريف ۽ عمران خان ــ اهي ٽيئي شخصيتون انهيءَ سياست جون علامتون آهن، ٽي مختلف دورن جون نمائندا ۽ ٽي مختلف بيانين جا علمبردار. فرق رڳو اهو هو ته هر هڪ عوام سان ڳالهائڻ لاءِ الڳ زبان، الڳ جذبو ۽ الڳ نعرو استعمال ڪيو. ڪنهن بکئي کي ماني ڳڀو ڏيکاري، ڪنهن ٽٽل سڙڪ تي موٽر وي بڻائڻ ۽ ڪنهن غلامي جي احساس جي مقابلي ۾ ”حقيقي آزادي“ جو واعدو ڪيو. پر انجام ٽيهن جو ساڳيو نڪتو: اقتدار کان بي دخلي، ٽڪراءُ ۽ اڪيلائي۔
اها هڪ تلخ حقيقت آهي ته جن ٽن اڳواڻن پاڻ کي عوام جو نمائندو چيو، اهي ٽئي اشرافيه جي پيداوار هئا۔ ڀٽو سنڌ جي وڏي زميندار گهراڻي ۾ پيدا ٿيو، جتي اقتدار وراثتي شيءِ هئي۔ برڪلي ۽ آڪسفورڊ جي تعليم هن کي عالمي سطح جي سوچ ڏني، پر ساڳي تعليم هن کي اهو به يقين ڏياريو ته هو سڀني کان وڌيڪ سمجهه وارو آهي۔ اهو ئي اعتماد پوءِ هن جي آمرانه فيصلن ۾ نظر آيو۔ نواز شريف هڪ صنعت ڪار جي پٽ هو، جنهن لاءِ رياست هميشه سهولت رهي، سوال نه۔ هن جي سياست ۾ جذبو گهٽ، حساب ڪتاب وڌيڪ رهيو۔ عمران خان اشرافيه جي تعليمي ادارن مان نڪتو، ڪرڪٽ جي شهرت هن کي عوام ۾ مقبول بڻايو ۽ سماجي خدمت هن ۾ اخلاقي برتري جو احساس پيدا ڪيو۔ ٽيئي مختلف هئا، پر هڪ ڳالهه ۾ هڪجهڙا: هنن عوام جي درد کي نعرو بڻايو، نظام کي نه بدليا۔
ڀٽو اقتدار جي ايونن مان نڪري عوام ۾ آيو۔ ايوب خان جي ڪابينا ۾ ويهندڙ نوجوان وزير جڏهن اوچتو روڊن تي نڪتو ته پاڪستان جي سياست جو لهجو بدلجي ويو۔ پهريون دفعو غريب کي محسوس ٿيو ته ڪو سندس زبان ۾ ڳالهائي رهيو آهي۔ ”ماني، ڪپڙو ۽ اجهو“ رڳو لفظ نه هئا، اها انهيءَ طبقي جي دانهن هئي، جيڪو پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به رياست جي ڪناري تي بيٺو رهيو۔ ڀٽو سياست کي ڊرائنگ روم مان ڪڍي فٽ پاٿ تائين آندو۔ پر مسئلو اهو هو ته جنهن رياست کي هو بدلائڻ ٿو چاهي، ساڳئي رياست جي فرسودا ڍانچي تي ئي ڀاڙيل هو۔
عوامي انصاف جي نالي تي ڪئي وئي، پر ان رياست جي نااهلي کي وائکو ڪري ڇڏيو۔ صنعتون حڪومت وٽ اچي ويون، پر حڪومت کي صنعت هلائڻ نه ايندو هو۔ بئنڪ قومي ڪيا ويا، پر قرض صلاحيت بدران لاڳاپن تي ملڻ لڳا۔ سرمائيدار بددل ٿيا، سرمايو ٻاهر ويو، ۽ جيڪو غريب لاءِ نعرو هنيو ويو هو، اهو وڌيڪ بيروزگار ٿي ويو۔ ڀٽو جو جرم اهو نه هو ته هو عوام لاءِ هو، جرم اهو هو ته هو سمجهي ويٺو ته نيت ئي ڪافي آهي۔ پر خارجا پاليسي ۾ هو سڀني کان اڳتي هو۔ هن شڪست کائيندڙ قوم کي وقار ڏنو، اسلامي دنيا کي هڪ ميز تي گڏ ڪيو، ۽ ايٽمي پروگرام جي بنياد رکي هي پيغام ڏنو ته پاڪستان رڳو امداد وٺندڙ ملڪ نه رهندو۔ پر خودداري واري اها سياست طاقت جي مرڪزن کي پسند نه آئي، ۽ ڀٽو تاريخ جي سڀ کان المناڪ باب جو حصو بڻجي ويو
نواز شريف اصل ۾ ڀٽو جي سياست جو ردعمل هو جتي ڀٽو نعرو ڏنو، اتي نواز شريف سر رکي۔ هن جي سياست انقلاب نه پر استحڪام جو واعدو هئي۔ موٽر وي، بجلي گهر، پل ۽ رستا ــ اها ترقي هئي جيڪا اکين سان ڏسي سگهبي هئي، تنهن ڪري ووٽ به مليو۔ پر انهي ترقي جي بنياد ڪمزور هئي۔ ”قرض اتارو، ملڪ سنوارو“ هڪ خوبصورت نعرو هو، پر حقيقت اها آهي ته پاڪستان جي معيشت قرض تي ئي هلي۔ پائيدار سڌارا، ٽيڪس نيٽ جي واڌ ۽ ادارن جي بهتري فائلن تائين محدود رهي۔
نواز شريف جو سڀ کان وڏو فيصلو ايٽمي ڌماڪا هئا۔ عالمي دٻاءَ آڏو نه جهڪڻ هڪ تاريخي لمحو هو، پر ان کان پوءِ رياست جي اندر طاقت جي ڇڪتاڻ هن جي حڪومت کي ڪمزور ڪري ڇڏيو۔ ڪارگل ثابت ڪري ڇڏيو ته سول حڪومت اڃا به مڪمل اختيار واري نه آهي۔ پوءِ ”ووٽ کي عزت ڏيو“ رڳو انتخابي نعرو نه رهيو، پر اهو هڪ تلخ اعتراف بڻجي ويو ته اصل طاقت ڪٿي آهي۔ پر پاڪستان جي سياست ۾ جيڪو هي سچ کلي ڪري ٻولي، ان لاءِ رستا بند ٿي وڃن ٿا۔ نواز شريف سان به اهو ئي ٿيو۔ عمران خان سڄي سياسي نظام کان عوامي بيزاري جي پيداوار هئا۔ ڪرپشن، مهانگائي، بيروزگاري ۽ روايتي سياست کان تنگ نوجوانن هن ۾ نجات ڏسڻ لڳا۔ ”رياستِ مدينه“ ۽ ”حقيقي آزادي“ جهڙا نعرا اخلاقي بلندي جا دعويٰ هئا۔ عمران خان پاڻ کي ٻين کان مختلف ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اقتدار ۾ اچي کيس به ساڳي رياست ملي، جيڪا ڀٽو ۽ نواز شريف کي ملي هئي ــ سست، ضدّي ۽ طاقت جي مرڪزن جي تابع۔
معاشي محاذ تي هن جو ويزن وڏو هو، پر تياري گهٽ۔ آءِ ايم ايف کان سواءِ گذارو ممڪن نه رهيو، مهانگائيءَ عوام کي دٻائي ڇڏيو، ۽ روپئي جي قدر ۾ ڪمي زندگي کي اوکو ڪري ڇڏيو۔ صحت ڪارڊ ۽ احساس پروگرام جهڙا قدم قابلِ تعريف هئا، پر معيشت صرف فلاحي اسڪيمون سان نه هلندي آهي۔ خارجا پاليسي ۾ عمران خان خودداري جو نعرو هنيو، آمريڪا کي Absolutely Not چيو، روس جو دورو ڪيو، پر سفارتڪاري رڳو جلسن جي گونج تي نه هلي ٿي۔ نتيجو اهو نڪتو ته پاڪستان عالمي سطح تي وڌيڪ اڪيلائي جو شڪار ٿيو، جنهن جو سڌو اثر معيشت تي پيو۔
اهو رڳو اتفاق ناهي ته ٽنهي اڳواڻن ڪنهن نه ڪنهن مرحلي تي اسٽيبلشمينٽ جي سهاري سياست شروع ڪئي ۽ پوءِ ساڳئي سان ٽڪراءُ ڪيو۔ ڀٽو کي جان وڃائڻي پئي، نواز شريف کي اقتدار ۽ سياست وڃڻي پئي، ۽ عمران خان کي آزادي۔ اها فردن جي ناڪامي نه پر انهيءَ نظام جي ناڪامي آهي، جيڪو شخصيتون ته پيدا ڪري ٿو، پر ادارا نه۔ آخر ۾ سوال اهو ناهي ته ڀٽو سچو هو يا نواز شريف ڪامياب، عمران خان مخلص هو يا ناتجربه ڪار۔ اصل سوال اهو آهي ته پاڪستان ڪڏهن نعري کان نڪري نظام جي ڳالهه ڪندو؟ ڪڏهن سياست شخصيت بدران ادارن جي چوڌاري گهمندي؟ جيستائين اهو نه ٿو ٿئي، رٽي، ڪپڙو ۽ مڪان به اڌورو رهندو، ”ووٽ کي عزت“ به رڳو هڪ مطالبو رهندو، ۽ ”حقيقي آزادي“ به رڳو هڪ خواب ــ جيڪو هر اليڪشن ۾ نوان لفظ، نوان رنگ ۽ نوان واعدا وٺي فروخت ٿيندو رهندو۔