پي آءِ اي جي نجڪاري:غريب وري دربدر ٿيندا، پاسڪو به بند ٿيڻ وارو

اسلام آباد(امتياز گل+ثناءُ الله خان) پي آءِ اي جي نجڪاري ٿي چڪي آهي،چيو پئي ويو ته اها هڪ ”سفيد هاٿي“ جهڙو اداري بڻجي وئي هئي، جنهن مان جان ڇڏائڻ ضروري هو۔ ان کي 135 ارب رپين ۾ وڪرو ڪيو ويو۔ ساڳئي وقت نجڪاري ڪميشن جو صلاحڪار محمد علي چوي ٿو ته پي آءِ اي جو ساليانو آپريشنل خرچ 250 ارب رپيا آهي ۽ 635 ارب رپين جا قرض نجڪاري کان الڳ ڪيا ويا آهن۔هي سڄي ڳالهه وڏي پيچيده لڳي ٿي، لڳي ٿو ڄڻ ماڻهن کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي۔ گذريل ٽيهه سالن کان ڏسي رهيا آهيان ته اسان جي سياسي اشرافيه، سياسي پارٽيون ۽  اسٽيبلشمينٽ ۾ اهڙي صلاحيت ئي ناهي جو اهي اهڙا وڏا ادارا هلائي سگهن يا صحيح نموني نجڪاري ڪري سگهن۔ اسٽيل ملز ان جو واضح مثال آهي۔اهي ادارا ان ڪري تباهه ٿيا، ڇو ته هتي نااهل ماڻهو مقرر ڪيا ويا،جيڪڏهن آءِ ايم ايف نه هجي ها ته منهنجي پڪ آهي ته ڪا به سياسي حڪومت پي آءِ اي کي ڪڏهن به وڪرو نه ڪري ها، ڇو ته انهن جا پنهنجا مفاد آهن۔وزير، بيوروڪريٽ، سيڪريٽري فنانس، سيڪريٽري دفاع وغيره بورڊ ۾ ويهندا آهن، جتي هڪ ميٽنگ جا لکين رپيا ملن ٿا، سفري سهولتون ملن ٿيون—اهي سڀ مفاد آهن۔بدقسمتي اها آهي ته اسان جي سياسي طبقي، بيوروڪريسي، فوج، اسٽيبلشمينٽ ۽ ميڊيا اندر به پاور بروڪرز آهن،يوٽيلٽي اسٽور بند ٿي ويا، پاسڪو بند ٿيڻ وڃي پيو، پي ڊبليو ڊي بند ڪئي وئي،انهن سڀني جو بار غريب ۽ مزدور طبقي تي پيو آهي، جيڪي دربدر ٿي رهيا آهن۔ پي آءِ اي ۾ به مستقبل ۾ ساڳيو ڪجهه ٿيندو،هي نجڪاري ڪنهن ويزن تحت ناهي ٿي۔ جيڪڏهن ويزن هجي ها ته ايتري مقروض ڪمپني کي اهڙي نموني نه وڪرو ڪيو وڃي ها،سڄي دنيا ۾ اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته حڪومتن جو ڪم ڪاروبار هلائڻ ناهي، خاص طور تي پاڪستان جهڙي پارلياماني جمهوريت ۾، جتي مداخلت سبب ادارا تباهه ٿين ٿا۔مثال طور، پي ٽي وي ۾ پي ڊي ايم حڪومت دوران 900 ماڻهن کي ريگيولر ڀرتي ڪيو ويو، ۽ هاڻي وري چيو پيو وڃي ته 2000 ماڻهو ڪڍيا ويندا۔ساڳي طرح پي ٽي سي ايل جي نجڪاري ۾ يو اي اي جي ڪمپني اڄ تائين 800 ملين ڊالر پاڪستان کي ناهن ڏنا، جڏهن ته مزدور اڄ به عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن۔يوٽيلٽي اسٽور جا 11 هزار ملازم، جن سان پيڪيج جو واعدو ٿيو هو، اڃا تائين ڪجهه به ناهن حاصل ڪري سگهيا۔پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ به سماجي ذميواريءَ جو ڪو واضح ذڪر ناهي،پاسڪو بند ٿيڻ سان ملڪ جي خوراڪ جي تحفظ کي خطرو ٿيندو، پر اهي سڀ فيصلا به آءِ ايم ايف جي دٻاءَ هيٺ ٿي رهيا آهن۔آخر ۾، سوال اهو آهي ته جڏهن حڪمران 10–10 ملين ڊالر لاءِ دنيا اڳيان هٿ پکيڙين ٿا، تڏهن 800 ملين ڊالر جو حق ڇو نٿا گهرن؟جواب صاف آهي ته اشرافيه هڪ ٻئي اشرافيه کي ناراض نٿي ڪري، ڇو ته سندن ذاتي مفاد جڙيل آهن۔جيستائين ملڪ ۾ ادارا مضبوط، عدالتون آزاد ۽ حڪمران جوابده ناهن ٿيندا، تيستائين پي آءِ اي، پي ٽي وي، ريلوي، اسٽيل ملز جهڙا ادارا اهڙي ئي انجام تائين پهچندا رهندا۔

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 26 ڊسمبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.