محمد علي جناح بابت ڪجهه مفروضا ۽ اصل حقيقتون

تحرير: عاطف ملاح

پاڪستان جي نامياري دانشور مُبشرِ حسن پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب” شاھراھِ انقلاب جلد اؤل جي صفحي نمبر – 294 تي لکيو آهي ته ” اِهو چوڻ جي ضرورت ناهي ته ڪو هُو (محمد علي جناح) هِڪَ عظيم ليڊر هُيو. درحقيقت هُو ويهين صديءَ ۾ برِصغير جي عظيم ترين ليڊرن مان هِڪَ هُيو!“  قائداعظم محمد علي جناح جي شخصيت، هُن جي زندگيءَ جي چڱن برن پاسن، سندس ڪم ڪار کي تنهن وقت جي برصغير جي مخصوص سياسي حالتن جي پسمنظر ۾ پرکڻ جي ضرورت آهي. جناب ايم ڪي گانڌيءَ جو سياست ۾ مذهب جو استعمال، ڪانگريس جي مجموعي طور پاليسين، صوبن – مرڪزي سياست واري لائين ۾ محمد علي جناح جي سياست، جدوجهد ۽ گانڌيءَ – سموري ڪانگريسي قيادت جون پاليسيون. اِهي سمورا معاملا، واقعا جڏهن حقيقيءَ معني جي دورانديشي، انصاف پسندي، ايمانداري سان جاچبا، پرکبا تڏهن ئي ڪا مثبت ۽ بهتر راءِ قائم ٿي سگهندي.

1: هِڪَ ته محمد علي جناح سيڪيولر هُيو.

2: صوبائي خودمختياريءَ جو حامي هُيو. يعني هُو مضبوط مرڪز خلاف هُيو.

3: هندستان جي ورهاڱو دراصل هِن جي پاليسي يا هِن جي سياسي واٽ نه هئي.

پاڪستان جي باني ۽ هندستان جي سيڪيولر، روشن  خيال سياستدان محمد علي جناح تي لکيل ڪافي ڪتابن منجهان ڊاڪٽر عائشه جلال جو جڳ مشهور ڪتاب The Spokesman جناح صاحب، مسلم ليگ جي سياست ۽ گڏيل هندستاني سياست تي جناح صاحب کي موضوع بڻائي لکيل ڪافي ڪتابن منجهان هي ڪتاب پنهنجي جوهر ۽ بنيادي نقطي، جنهن ۾ ليکڪه جناح صاحب، مسلم ليگ جي سياست ۽ پاڪستان لاءِ اُن جي گهر کي بنياد بڻايو آهي، توڙي جو عائشه جلال طرفان اُٿاريل  ڪجهه نقطن تي مان اڃا تائين سهمت نه پيو ٿيان يا سندس اُن موقف کي عجيب ٿو ڀانيان جنهن ۾ هُن گڏيل هندستاني سياست ۾ جناح کي مرڪزيت پسند يا مضبوط مرڪز جو حامي ڏيکاريو آهي. ڪتاب جي مطالعي بعد  ڪافي ڳالهيون بحث هيٺ آهن ۽ ڪافي سوال آهن جن جي  ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ضروري آهي. انھن ۾ عائشه جلال مطابق هِڪَ ڳالهه جيڪا  منفرد آهي، جنهن جو ذڪر زاهد چوڌري پڻ پنهنجن ڪتابن خاص ڪري” سنڌ – مسئله خودمختياري ڪا آغاز“ ۾ پڻ ڪيو آهي سا هي ته جناح صاحب” ليگ“ اندر مرڪزيت جو حامي هُيو، يعني هُو بنيادي طور پنهنجي سياسي موقف يا عملي سياسي ميدان ۾ ته ڪمزرو وفاقي نظام ۽ صوبائي خودمختياريءَ جو حامي هُيو پر مسلم ليگ جي اندروني معاملن ۾ شديد مرڪزيت پسند هُيو اِن نقطي کان ڪافي تضاد شروع ٿين ٿا يا نوان بحث کلن ٿا. هي ئي اُها ڳالهه آھي جنھن طرف زاهد چوڌري پڻ پنهنجي مٿي بيان ڪيل ڪتاب ۾ ڪافي دفعا ذڪر ڪيو آهي يا اِن طرف اشارو ڪيو آهي. بقول عائشه جلال جي ته” ڪيڏي نه مزيدار ڳالهه آهي جو جناح اِن معاملي ۾ ڪانگريس جي ماڊل کي اپنايو، يعني ليگ کي centralise ڪيو“. اِنهيءَ موقف جي تسلسل ۾ هُوءَ وڌيڪ لکي ٿي ته:” جڏهن مسلم ليگ ڊسمبر 1943 ۾ ڪراچي جي سيشن ۾ پنهنجي مرڪزي صلاحيتن /اختيارن کي مضبوط ڪرڻ جو عزم ڪيو/تقويت بخشي ته اِن عمل صرف پيشي ۽ عملي واٽ جي وچ ۾ فرق کي واضع ڪيو ، وڏين دعوائن ۽ ڪنٽرول جي ننڍين/اصلي حقيقتن وچ ۾ ، جيڪو ڪنٽرول ليگ اڃا تائين پنهنجي هٿيارن يعني صوبن ۾ واضع استعمال ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي هئي. مرڪزي پارلياماني بورڊ ٻين ڪوشش هئي مرڪزيت ڏنهن قدم جي، صوبائي پارلياماني بورڊ اُن جي ماتحت هوندا ۽ اُن کي پارٽي اندر تضادن جي حل ڪرڻ، ٽڪيٽون ورهائڻ جو اختيار پڻ حاصل هوندو. “( پڙهو عائشه جلال جو ڪتاب The Solespokesman- صفحو – 89(.

هيءَ هئي جناح صاحب جي اُها پاليسي جيڪا هُن ليگ جي اندروني معاملن جي لاءِ ڪتب آندي ۽ اِها ئي اُها پاليسي هئي جنهن کي بنياد بڻائي مٿس ڪافي ڌرين پاران تنقيد ڪئي ويندي آهي ته هُو مرڪزيت پسند هيو توڙي جو هي ليگ جو اندروني معاملو هيو نه ڪي مجموعي طور تي هندستاني سياست جي مستقبل جو سوال پر پوءِ به اِن ڳالهه سبب هُو ملامتن هيٺ رهيو، پر قطئه نظر اُن جي هُو صوبائي خودمختياريءَ جو حامي هيو، ها هي بحث ٿيڻ کپي ته هُن ڇو ليگ اندر مرڪزيت واري پاليسي اختيار ڪئي؟ پر اِهو بنياد ڄاڻائي مٿس تنقيد جا تير وسائڻ ۽ اِن شئي کان ئي انڪاري ٿيڻ ته هُو ڪو صوبائي خودمختياريءَ جو حامي ۽ مضبوط مرڪز جي خلاف هو سا ڳالهه مان سمجهان ٿو ته غير علمي، غير عقلي ۽ حقيقتن جي اُبتڙ ٿيندي.

هاڻي اِن مٿي بيان ڪيل ڊاڪٽر عائشه جلال جي موقف جي جواب ۾ هندستان جي مشهور تاريخدان بيمل پرشاد پنهنجي ڪتاب ” پاڪستان طرف روان دوان جلد – 3 صفحہ 570“ ۾ لکي ٿو، جنهن ۾ هُن عائشه جلال جي خيالن جي ترديد ڪئي آهي ته ڪو محمد علي جناح مضبوط وفاق جو حامي يا وفاقيت پسند هُيو. هُو لکي ٿو ته” عائشه جلال جا مضحڪه خيز پر انوکا خيال رد ڪرڻ قابل آهن. بيمل پرشاد مطابق ته” 1924 ۾ ليگ جي سالياني جلسي جي قرارداد کان وٺي….. مسلم ليگ جي قراردادن جي ڪنهن به هِڪَ جملي ۾ به ڪا شاهدي نه ٿي ملي ته ڪو جناح مضبوط مرڪزي حڪومت جي حق ۾ هُيو. تمام شاهدين کي نظرانداز ڪندي عائشه جلال چئي ٿي ته جناح پوري هندستان لاءِ مضبوط مرڪز چاهيندو هُيو. جناح وزارتي مشن منصوبو قبول ڪيو جيڪو ڪمزو وفاق تي مشتمل هُيو “.( پڙهو  شاھراھِ انقلاب ليکڪ مبشر حسن صفحو293 )

ٻي وري هي ڳالهه جناح صاحب سان منسوب ڪئي ويندي آهي ته هُو گڏيل هندستان اندر ته صوبائي خودمختياريءَ جو حامي هُيو پر پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هُو پنهنجي اِن موقف تان دستبردار ٿي ويو. جنهن ۾ ڪراچيءَ جي دارالحڪومت کان ويندي بلوچستان آپريشن ۽ سرحد حڪومت بابت کنيل عملن کي ڳڻايو ويندو آهي. ڊاڪٽر عائشه جلال پاران آءِ. بي. سي. يو اُردو کي ڏنل هِڪَ انٽرويو ۾ اِن مفروضي بابت هي ڳالهه واضح ڪئي آهي جنهن ۾ هُن کان اِن قسم جي سوالن سميت سرحد صوبي جي حڪومت جي برطرفي، بلوچستان آپريشن ۽ ٻين واقعن جي تسلسل ۾ جناح بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هُو چوي ٿي ته” اِنهن واقعن کي اُن وقت جي معروضي حقيقتن جي تناظر ۾ ڏسڻ گهرجي. جناح صاحب ڪانسٽيٽيوشنلسٽ هيو. هُن ڪڏهن به آئين جي انحرافي نه ڪئي. اسان ورهاڱي بعد گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935 اختيار ڪيو جنهن ۾ شق 93 تحت مرڪزي حڪومت صوبائي حڪومتن کي برطرف ڪري پئي سگهي. صوبي سرحد ۾ ڪانگريس جي حڪومت هئي. جنهن کي اقتدار تان هٽائڻ لاءِ آئين جي اُن شق جو استعمال ڪيو ويو. جنهن کي جناح صاحب جو پهريون غير جمهوري قدم قرار ڏنو ويندو آهي. حقيقت هيءَ آهي ته هُن سڄي ڪارروائي جمهوريت جي دائري ۾ رهي ڪئي. ۽ آئين جي ڪا به خلاف ورزي نه ڪئي. توهان جناح صاحب بابت هر دفعي ڳالهه ڪندا آهيو ته هُن بلوچستان ۾ آپريشن ڪيو پر توهان مونکي اِهو ٻڌايو ته انڊيا ڇا ڪيو؟ نهرو حيدرآباد ۽ ڪشمير ۾ فوج موڪلي. ڇا اُهو جمهوري عمل هُيو؟ توهان ٿورو سوچيو ماضيءَ جي هر واقعي کي اُن دؤر جي حقيقتن جي تناظر ۾ ڏسڻ گهرجي“.

 اِن سان گڏ منهنجي خيال ۾ رڳو هي ڳالهه به درست ناهي ته محمد علي جناح جي آڙ وٺي پاڪستان ۾ ننڍين قوميتن خلاف ٿيندڙ سمورن ظلمن جي اصلي ذميوارن کي آجو ڪري ڇڏجي. دراصل پاڪستان ٺهڻ شرط ئي هِڪَ مخصوص ٽولو سموري ملڪي ڪارونهوار تي قبضو ڄمائي ويهي رهيو پوءِ سمورا مامرا پنهنجي من پسندي تحت هلايا ويا جنهن ۾ پاڪستان ۾ شامل ننڍين قومن جي حقن جي ميسارڻ، وسلين جي ڦرلٽ، سندن تاريخي تشخص تي وار سميت ٻيا کوڙ ڪڌا ڪم ڪيا ويا جيڪي محمد علي جناح جي واٽ جي بلڪل برخلاف هيا بلڪه وفاق تي قابض اُن مخصوص ٽولي جي مفادن وٽان هيا. اُهو قابض گروھ پنجابي – پناهگير ڳٺ جوڙ هيو جن آئين، قانون کان مٿانهان قدم کڻندي پاڪستان جي سموري نظام کي مفلوج بڻايو ۽ صوبن جا حق غاصب ڪندي ملڪ دشمنيءَ جون سموريون حدون لتاڙيون. پاڪستان جي سياسي تاريخ اندر گهڻن جي ذهن ۾ موجود اُن عمومي تاثر ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ننڍين قوميتن جي وجود، حقن، وسلين جي ڦرمار پٺيان ذميوار ڌر صرف جناح ئي هيو. جنهن جي پاليسين سببان هي سمورو ماحول جڙيو درحقيقت، اصلي حقيقتون اِن جي بلڪل اُبتڙ آهن

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.