ڪراچي(رپورٽر)جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان دفاعي قوت کي صرف دفاعي لحاظ کان مضبوط ڏسڻ چاهيون ٿا، سياسي قوت طور نه. سياسي طاقت دفاعي ادارن جو حق ناهي، اهو عوام ۽ سياستدانن جو حق آهي. فلسطين ڏانهن پاڪستاني فوج هرگز نه موڪلي وڃي.اهي ڳالهيون هن ڪراچي ۾ گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيون. ان موقعي تي گورنر سنڌ مولانا فضل الرحمان کي اعزازي ڊگري پڻ ڏني.هن چيو ته نه 2018ع نه 2024ع جي اليڪشن آئيني هئي،عام چونڊون ٻيهر ٿيڻ گهرجن،اسان کي آئين جي بالادستي ۽ پارليامينٽ جي احترام تي وڃڻ گهرجي،عدليه 7 واپار ۾ اسان جي رينڪنگ گهٽ ٿي آهي، هن چيو ته 27هين ترميم هڪ طرفي ٿي آهي،هن چيو ته اسان کي 78 سالن جي افغان پاليسي تي بحث ڪرڻ گهرجي. افغانستان ڪڏهن به پاڪستان جو دوست نه رهيو آهي. ظاهر شاهه کان اشرف غني تائين ڪا به افغان حڪومت پاڪستان جي دوست نه ثابت ٿي. سوال اهو آهي ته ڇا اها اسان جي افغان پاليسي جي ناڪامي ناهي؟ صرف الزام انهن تي وجهڻ بدران اسان کي پنهنجي گريبان ۾ به جهاتي پائڻ گهرجي.مولانا فضل الرحمان چيو ته آئين پاڪستان چوي ٿو ته قانون سازي قرآن ۽ سنت جي خلاف نه ٿيندي، پر تازين ترميمن ۾ ڪيترائي قانون پاس ڪيا ويا آهن، جن ۾ 18 سالن کان گهٽ عمر ۾ شادي جو بل، گهريلو تشدد جو بل ۽ ٽرانس جينڊر ايڪٽ شامل آهن. هنن چيو ته اهي قانون قرآن ۽ سنت کي نظرانداز ڪري، صرف گڏيل قومن جي چوڻ تي ٺاهيا ويا آهن. هن چيو ته جڏهن ڪنهن اداري خلاف اهڙو رويو اختيار ڪيو وڃي جو اهو پنهنجو بچاءُ ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃي، ته ديني ادارا به هڪ ادارو آهن. دنيا جي رينڪنگ ڏسو ته عدليه، واپار ۽ ٻين شعبن ۾ اسان پوئتي آهيون، پر جيڪڏهن ڪنهن شعبي ۾ ٽاپ رينڪنگ آهي ته اهو ديني علوم جو شعبو آهي، جنهن جو قدر ٿيڻ گهرجي.افغان مهاجرن سان مهمانن وارو ورتاءُ ڪيو وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن افغان مهاجر بينڪن مان پنهنجو پئسو ڪڍي وٺن ته ڪيتريون ئي بينڪون ڏيوالو ٿي وڃن مولانا فضل الرحمان چيو ته 2018 ۽ 2024 جون چونڊون عوام جون نه، پر اسٽيبلشمينٽ جون هيون.