حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي وسيلن جي مالڪي ۽ جاگرافي تحفظ لاءِ جيئي سنڌ محاذ جي سڏ تي سوين ماڻهن تحفظ سنڌ مارچ ڪيو. ڌرتي ڌڻين جو هي مارچ حيدرآباد جي شهباز بلڊنگ کان شروع ٿيو. جيڪو گل سينٽر ۽ايس ايس پي چوڪ کان ٿيندو، حيدرآباد پريس ڪلب پهتو. جتي جلسي جي صورت اختيار ڪري ويو. جلسي ۾ شامل ڪارڪنن سنڌ جي بقا ۽ وسيلن جي مالڪي لاءِ نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته هي تحفظ سنڌ مارچ ھڪ نياپو آھي ته سنڌ غلامي قبول نه ڪندي. اسين سنڌ جي وسيلن ۽ درياءُ تي ڌاڙو ھڻڻ نه ڏينداسين، اسين سنڌ جي چپي چپي جي حفاظت ڪنداسين. ھن چيو ته اڄ سنڌ جي سياسي ڪارڪنن کي جبري طور گم ڪيو وڃي ٿو. پوليس گردي کي سنڌ نه قبوليندي ھن جماعت اسلامي تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته جماعت اسلامي جو ماضي اسان کان لڪل ناھي ھو سدائين قومن جي انڪاري ۽ انساني وجود جي خلاف رھي آھي. ھن چيو ته ملڪي مفادن جي نالي ۾ اين ايف سي ۽ وسيلن تي قبضو قبول ناھي. اسان کي سنڌ ۽ ان جا مفاد عزيز آھن، ھن چيو ته سنڌ صوبو ناھي ھي اسان جو فطري وطن آھي. نئون صوبو اسان جي لاشن تي ٺهندو. اسين نئون صوبو ڪنهن به صورت ۾ ٺھڻ نه ڏينداسين. پنھنجون جانيون قربان ڪنداسين. ھن چيو ته سائين جي ايم سيد جي سن ۾ ٿيندڙ سالگرھ تي سڄي سنڌ گڏ ٿيندي ۽ وطن جي آجپي جا نوان نياپا ڏينداسين، هن چيو ته سنڌ جي گيس، تيل ۽ درياھ سميت معدني وسيلن کي لٽيو ۽ ڦريو ويو آهي. سنڌ جي ماڻهن کي مهانگائي، بدامني جي ورچاڙهيو ويو آهي ته جيئن سنڌ جو عوام ذهني طور ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان هجي ۽ پنهنجا حق نه گهري سگهي. هن چيو ته سنڌ مٿان 20 سالن کان ڪرپٽ نظام ٿاڦيو ويو آهي. سنڌ جي زراعت، تعليم، صحت، بلدياتي ادارا تباھ ٿي ويا آهن، سنڌ مٿان ڌاڙيل ڪلچر مڙهي آئيس ۽ ٻيو نشو عام ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سنڌ جا وسيلا سنڌ جي مرضي کانسواءِ ڪوڙن قانونن ۽ هٿ ٺوڪي آئين ذريعي ڦريا ۽ لٽيا پيا وڃن. سنڌ جا وسيلا سنڌ بدران وفاق تي خرچ ڪري سنڌ جي عوام کي بک جي باھ ۾ اڇلايو ويو آهي. هن چيو ته اسان جي گهر آهي ته سنڌ جا وسيلا سنڌ تي خرچ ڪيا وڃن, سنڌ کان ڦريل درياھ ۽ معدني وسيلا واپس ڪيا وڃن، ڌاڙيل راڄ ۽ منشيات جو وڪرو بند ڪيو وڃي. جسقم (بشير خان) جي سربراهه ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ 5 هزار سالن کان تاريخي وطن آهي سنڌ جي وسيلن تي سنڌ جي عوام جو حق آهي، سنڌ جا ماڻهو پنهنجي تاريخي وطن جي حدن جي حفاظت لاءِ تيار آهن ۽ پنهنجا وسيلا به ضرور حاصل ڪندا، هن چيو ته سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آھي، حڪمران سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ گھرن ٿا. اسين کين اھڙو قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي سربراهه نواز خان زنئور چيو ته اڄ جي ھن تاريخي مارچ حڪمرانن تي واضح ڪري ڇڏيو آھي ته ڌرتيءَ ڌڻي پنھنجي وطن ۽ وسيلن جي مالڪيءَ ڪندا، اسين غلامي قبول نه ڪنداسين. ان موقعي ٿي شبير جمالي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.