ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي جي صنعتي علائقن لاءِ 9 ارب 28 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ ترقياتي پيڪيج جي منظوري سنڌ حڪومت جو هڪ تاريخي ۽ بروقت فيصلو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي کي ٻيهر مضبوط، فعال ۽ مقابلي جي سگهه رکندڙ صنعتي مرڪز بڻائڻ لاءِ مڪمل سنجيدگي ۽ تسلسل سان ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڪراچي قومي معيشت جي دل آهي ۽ صنعتي زونن جي بحالي ۽ ترقي سڌي طرح روزگار، برآمدات ۽ سيڙپڪاري سان جڙيل آهي. هن ٻڌايو ته صنعتي علائقن جي انفراسٽرڪچر جي بهتري لاءِ جامع روڊ ميپ تحت اڄ سومر کان ترقياتي ڪم شروع ڪيا پيا وڃن، جيڪي ڇهن مهينن اندر مڪمل ڪيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته اهي فنڊز انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ سيس مان مهيا ڪيا پيا وڃن، جيڪو صنعتن پاڻ ادا ڪيو آهي.