ايڪويهين صدي جي سياست هڪ وڏي ۽ بنيادي تبديلي مان گذري رهي آهي. هي تبديلي نعرا، جلسا ۽ شخصيتن جي سياست کان اڳتي وڌي هاڻي ڊيٽا ۽ مصنوعي ذهانت (Artificial Intelligence) تائين پهچي چڪي آهي. اڄ سياست رڳو نظرين جي جنگ نه رهي آهي، بلڪه اها معلومات، تجزئي ۽ ذهني راءِ سازي جي جدوجهد بڻجي چڪي آهي. پاڪستان جهڙي ڪمزور جمهوري ڍانچي واري ملڪ ۾ مصنوعي ذهانت جو سياسي استعمال هڪ طرف وڏن موقعن سان ڀرپور آهي ته ٻئي طرف تمام وڏن خطرن جو حامل به آهي. مصنوعي ذهانت اُن ٽيڪنالاجي کي چيو وڃي ٿو جيڪا انساني دماغي صلاحيت، فيصلا ڪرڻ جي قوت ۽ تجزياتي قابليت کي مشيني نظام ۾ منتقل ڪري ٿي. اهڙا نظام ڊيٽا جو تجزيو ڪن ٿا، روين جي اڳڪٿي ڪن ٿا ۽ فيصلا ڪرڻ لاءِ سفارشون به ڏين ٿا.
سياست ۾ AI جو مطلب آهي ته عوامي راءِ، ووٽرن جي روين ۽ سياسي عمل کي عددي ۽ فني بنيادن تي سمجهڻ ۽ ڪنٽرول ڪرڻ. عالمي سياست ۾ مصنوعي ذهانت جو استعمال تيزي سان وڌي رهيو آهي. آمريڪا ۽ يورپ ۾ چونڊ مهمون هجن يا هندستان ۾ ڊجيٽل نيشنلزم، جڏهن ته چين ۾ نگراني تي ٻڌل سياسي ڪنٽرول ـ هن ٽيڪنالاجي جو اثر هر هنڌ موجود آهي. پاڪستان ۾ جيتوڻيڪ AI جو استعمال اڃا ابتدائي مرحلي ۾ آهي، پر سوشل ميڊيا، ڊيٽا اينالسز ۽ بياني سازي ۾ ان جو واضح اثر ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هي عمل چونڊ مهم کي ته موثر بڻائي ٿو، پر ساڳئي وقت سياسي عمل کي مصنوعي ۽ غير فطري به بڻائي ٿو.پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا اڳ ئي سياسي ڇڪتاڻ جو مرڪز بڻيل آهي. AI هن صورتحال کي وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستاني سماج روايتي ۽ قبيلائي نوعيت جو سماج آهي. هتي خودڪار اڪائونٽس (Bots)، ڪوڙيون خبرون، ڊيپ فيڪ وڊيوز، جذباتي ۽ نفرت انگيز مواد عوامي شعور پيدا ڪرڻ بدران عوامي جذبات جي استحصال جو ذريعو بڻجي رهيا آهن.ووٽر ٽرن آئوٽ جي اڳڪٿي، ڇو ته پاڪستان ۾ ڪمزور جمهوريت سبب ٽرن آئوٽ گهڻو ڪري گهٽ رهي ٿو؛ چونڊن ۾ بي ضابطگين جي نشاندهي، نتيجن جو فوري تجزيو ۽ سيڪيورٽي خطري جو جائزو. پر ادارتي شفافيت جي کوٽ سبب AI جو استعمال چونڊ انجنيئرنگ بابت خدشا به پيدا ڪري ٿو. جيڪڏهن AI کي جمهوري نگراني هيٺ استعمال ڪيو وڃي ته اهو رياست ۽ عوام جي وچ ۾ فاصلا گهٽائي سگهي ٿو، پر طاقتور ادارن جو ڊيٽا تي ڪنٽرول، سياسي مخالفن جي نگراني، اختلاف راءِ کي دٻائڻ ۽ مصنوعي عوامي راءِ ٺاهڻ جهڙا منفي پهلو به موجود آهن. پاڪستان ۾ جتي جمهوريت اڳ ئي ڪمزور آهي، اتي AI فوجي حڪمراني کي وڌيڪ مضبوط به ڪري سگهي ٿي.
مصنوعي ذهانت پاڻ غير جانبدار آهي، پر ان جو استعمال ان کي مفيد يا خطرناڪ بڻائي ٿو. سياسي AI لاءِ واضح قانون سازي، ڊيٽا پروٽيڪشن قانون، اليڪشن ڪميشن جي ڊجيٽل خودمختياري، سياسي پارٽين لاءِ ضابطا اخلاق ۽ شهرين ۾ ڊجيٽل سياسي شعور وقت جي اهم ضرورت آهي. مصنوعي ذهانت مستقبل جي سياست آهي، پر فيصلو اڄ ڪرڻو آهي ته اها سياست عوامي اختيار مضبوط ڪندي يا طاقتور اشرافيا جي گرفت کي وڌيڪ پڪو ڪندي. جيڪڏهن پاڪستان ۾ AI کي جمهوري، اخلاقي ۽ آئيني حدن ۾ نه آندو ويو ته هي ٽيڪنالاجي جمهوريت بدران نگراني، ڪنٽرول ۽ سياسي غلامي جو نئون اوزار بڻجي سگهي ٿي. هڪ باشعور شهري، مضبوط جمهوري ادارا ۽ شفاف قانون ئي اها ضمانت ڏئي سگهن ٿا ته مصنوعي ذهانت سياست ۾ خادم بڻجي، حاڪم نه.