حيدرآباد: اياز ميلي ۾ “سنڌ جو شعور ڀٽائي کان اياز تائين” جي عنوان هيٺ ويهڪ ٿي، ويهڪ کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو چيو ته وڏا ماڻهو وڏين ڳالهيون ڪندا آهن ۽ هو وڏن تڪرارن تي ڳالهائيندا آهن، جنهن ڪري وڏي ماڻهو کي سماج ۾ موجود خرابين سان جهيڙو ڪرڻو پوندو آهي ۽ وڏا شاعر وڏن موضوعن کي ڇيڙندا آهن. هن چيو ته پيار، عشق ۽ مزاحمت ٺيڪ پر ان کان وڏا تڪراري مذهب، ايمان ۽ ارتقا آهي ۽ وڏا شاعر ڪائنات، ڪهڪشائون، توانائي، ٽائيم ۽ اسپيس کي نظر ۾ رکي شاعري ڪندا آهن ۽ انهن تڪرارن کي بيان ڪندا آهن. شيخ اياز به پنهنجي شاعري ۾ وڏن موضوعن کي مٿي کنيو هو. هن چيو ته شيخ اياز کي رومينٽڪ انداز ۾ پڙهبو ته سندس شاعري ۾ ڏک، تڪليف، پيڙاهه، شڪايت ۽ ميارون شامل نظر اينديون آهن، پر هن مزاحمتي شاعري به ڪئي.جيڪڏهن انسان بک هٿان بيقرار نه هجي ها ته زراعت نه ڳولي سگهي ها، خوراڪ نه ڳولي ها، مجبوري ۽ بيقرار ئي انسان کي سيءَ کان بچڻ لاءِ انسان کي غارن ۾ رهايو ۽ گهر ٺاهڻ تي مجبور ڪيو. هن چيو ته شيخ اياز مزاحمت جو درس ڏنو، شيخ اياز ۽ شاهه عبدالطيف ڀٽائي همٿ ۽ اتساهه جو نالو آهن. نامياري اديب ۽ ليکڪ تاج جويو چيو ته شيخ اياز پنهنجي شاعري ۾ ستارا سجايا آهن، 18هين صدي ۾ شاعرن جي قطار ۾ شاهه عبدالطيف ڀٽائي سج ٿي اڀريو، ان کان پوءِ سچل، روحل ۽ ٻي شاعرن جي قطار آهي، اسان جڏهن 20هين صديءَ کي ڏسون ٿا ته ان تسلسل ۾ سنڌي شاعري ۾ شيخ اياز ٻيو سج ٿي اڀري ٿو، جيڪو ڀٽائي جي تسلسل طور اڳيان اچي ٿو. ڀٽائي باقي دنيا کان نرالو فڪر ڏنو. هن چيو ته جڏهن جاگيردار سماج ۾ عورت مارڪيٽ جو وکر هئي، ڀٽائي ان عورت کي عزت ۽ احترام بخشيو، هن ماروي، سهڻي، نوري، ليلا، مومل ۽ سورٺ کي سورمي بنائي پيش ڪيو ۽ ان وقت جي جاگيردارن خلاف جنگ جو اعلان ڪيو. ڀٽائي مذهبي تحصب خلاف لکيو. سيشن جي ماڊريٽر ڊاڪٽر فياض لطيف چيو ته شاعر جي انفراديت ان ۾ ناهي هوندي ته هو ڦولار ۾ پيدا ٿئي ۽ مٿس ڪنهن جو به اثر نه ٿئي، پر اصل ۾ شاعر جي انفراديت ان ۾ هوندي آهي ته هو پاڻ ۾ خوشگوار اثر قبول ڪري سڀ کان نرالو هجي. شيخ اياز نه صرف ڀٽائي جا اثر قبول ڪيا، پر ان جي باوجود هن پنهنجي اظهار ۽ انداز ۾ نه صرف نرالو ۽ نيارو آهي پر منفرد به آهي.