حيدرآباد: اياز ميلي ۾ “انساني حقن جو تبديل ٿيندڙ منظرنامو” جي موضوع تي سيشن پڻ ٿيو، جنهن ۾ ڳالهائيندي ليکڪ ۽ انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر غازي صلاح الدين چيو ته انساني حقن جا رڳو معاملي صحافت ۽ سياست جو مسئلو ناهي، پر اهو هر انسان جو مسئلو آهي، تنهن ڪري سڀني کي انساني حقن بابت ڳالهائڻ گهرجي. هن چيو ته 1948 ۾ انساني حقن جو چارٽر پاس ٿيو، جنهن ۾ 30 کان وڌيڪ آرٽيڪل موجود هئا، پر ان کان پوءِ به انساني حقن بابت نئون تصور وڌندو ويو، جهڙي طرح گمشده ماڻهن جو مسئلو، قانوني طريقيڪار جو مسئلو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ انساني حقن جا ٽي وڏا مسئلا آهن، عورتن جا حق، ٻارڙن جا حق ۽ اقليتن جا حق انهن تي نظر رکڻ ۽ جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان چئون ٿا سڀ انسان برابر آهن، پر اهو نعرو معمولي نعرو ناهي، ڇو ته هتي سڀ انسان برابر ناهن. اها ڳالهه به جنهن کي عمل ۾ آڻڻ ۽ اظهار ڪرڻ ڏکئي ڳالهه آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ عورتن جي حالت خراب آهي، جيڪڏهن ڪنهن معاشري کي ترقي ڪرڻي آهي ته عورتن کي حق ڏئي ٻارڙين کي تعليم ڏيڻي پوندي. ترقي ۽ خوشحالي لاءِ عورتن جو معاشري ۾ ڪردار تمام گهڻو ضروري آهي. هن چيو ته انساني حقن بابت مختلف ملڪن آئين ٺاهيا آهن، جيڪي آئين ڪتاب جي صورت ۾ آهن، انهن تي عمل نٿو ٿئي، هن چيو ته 18هين ترميم ۾ ٻارڙن جي تعليم جي سلسلي ۾ اضافو ڪري چيو ويو ته اها رياست جي ذميواري آهي ته 5 کان 16 سالن تائين عمر جي ٻارڙن کي تعليم ڏني ويندي، پر ان تي عمل نه ٿيو، پرائمري تعليم جي صورتحال خراب آهي.