تهذيبن جي سفر کي انهن مشينن سان به سمجهي سگهجي ٿو: اياز ميلي ۾ بحث

حيدرآباد: اياز ميلي ۾ “آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ انساني تخليقي آرٽ” جي موضوع تي سيشن ٿيو، سيشن دوران ڳالهائيندي اردو ادب جي ليکڪ ۽ اديب ناصر عباس نيئر چيو ته انسان جو مشينن سان پراڻو تعلق آهي، مشينن جا ڪيترائي قسم آهن، تهذيبن جي سفر کي انهن مشينن سان به سمجهي سگهي ٿو، پهريان به مشين انسانن جي صلاحيت وڌائڻ ۾ مددگار هوندي هئي، اها انسانن جي مشڪلات گهٽ ڪندي هئي. هن چيو ته اي آءِ هاڻ ڪالم، نظم، اسٽوريون لکڻ، فيس بڪ پوسٽ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي. پر اسان کي مشڪل لڳي ٿو ته مصنوعي ذهانت هر صورت ۾ انسانن جي مدد ڪري. هن چيو ته پراڻيون مشينون انسان جون حريف هيون، پر هي مشينون انساني تهذيب لاءِ خطرو بڻجي سگهن ٿيون، هنن مشينن ۾ ايتري صلاحيت موجود آهي، جيڪا هڪ انسان کان وڌيڪ آهي، اي آءِ وٽ ايتري ڊيٽا موجود آهي، جو ان کي ڊيٽا کي استعمال ڪرڻ ۾ ڪجهه منٽ به نٿا لڳن. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اها مشين ڪيتري جلدي سوچي ۽ فيصلو ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته هاڻ گاڏيون به اي آءِ ذريعو هلن ٿيون، اها گاڏي پاڻ طئي ڪندي ته ڪنهن کي مارڻو ۽ ڪنهن کي بچائڻو آهي. امر فياض ٻرڙو چيو ته اي آءِ مصنوئي ذهانت جي ٽن ڏاڪن تي ڪم ڪري ٿي. اي آءِ هاڻ انسان کان به چالاڪ بڻجي چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.