نون صوبن جو راڳ ڳائي ارڙهين ترميم واپس ڪرائي ويندي؟

لاهور(امداد سومرو)پاڪستان ۾ هن وقت نون صوبن بابت بحث زور وٺي چڪو آهي۔ ارڙهين ترميم جي حوالي سان به بحث جاري آهي، ۽ ڪجهه سرگرمين جو حوالو ڏئي چيو پيو وڃي ته فيصلو ٿي چڪو آهي، واضح اعلان ڪيو ويو آهي ته نوان صوبا ته ٺهندا، جنهن کي جيڪو ڪرڻو آهي ڪري وٺي۔ هاڻي اهو سمجهيو پيو وڃي ته جن اهو اعلان ڪيو آهي، اهي ان تي عمل به ڪري ڇڏيندا۔تازو بلاول ڀٽو زرداري کان سوال ڪيو ويو ته جيڪڏهن نوان صوبا ٺاهڻا آهن ته پوءِ ڪير روڪيندو؟ ان تي هن چيو ته “ٺاهي وٺن، پوءِ ڪنهن ڪنهن سان وڙهندا؟”هن جو اشارو اهو هو ته پاڪستان اڳ ئي سنگين حالتن مان گذري رهيو آهي: افغانستان کان دهشتگرد حملا، بلوچستان ۾ بغاوت، ۽ باقي صوبن ۾ شديد سياسي پولرائيزيشن۔ اهڙي صورتحال ۾ ڇا ملڪ کي وڌيڪ عدم استحڪام ڏانهن ڌڪيو ويندو؟ نون صوبن جي خواهش رکندڙن جي پويان صرف عليم خان يا ڪجهه سياسي چهرا ناهن، پر ڪا ٻي طاقت آهي، ته شديد ردِعمل کان پوءِ شايد اهي اڳتي وڌي نه سگهن۔ ممڪن آهي ته هي معاملو صرف ڳالهين، بحثن، سيشنن ۽ ڊسڪشنن تائين محدود رهي، ۽ عملي صورت اختيار نه ڪري۔نوان صوبا ٺاهڻ جا حامي دليل ڏين ٿا ته پنجاب جهڙو صوبو، جنهن جي آبادي 12 کان 13 ڪروڙ آهي، ۽ سنڌ جهڙو صوبو، جنهن جي آبادي 6 کان 7 ڪروڙ آهي، اهي پاڻ ۾ ڪيترن ملڪن جيترا آهن، ۽ اهڙا وڏا صوبا گورننس جي لحاظ کان سنڀالڻ ڏکيا آهن۔ ان ڪري ننڍا صوبا ضروري آهن۔پر اصل سوال اهو آهي ته ڇا مسئلو واقعي عوام تائين سهولتون پهچائڻ جو آهي؟يا اها پراڻي سوچ آهي ته پاڪستان جو ڪنٽرول ڪجهه هٿن ۾ هجي، جيڪي اسلام آباد (مارگلا جي پهاڙن) مان سڄي ملڪ کي هلائين؟پاڪستان ۾ چار صوبا آهن، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان الڳ انتظامي يونٽ آهن۔ انهن علائقن ۾ حڪومتون آساني سان تبديل ڪيون وڃن ٿيون، ڪنٽرول رکڻ آسان آهي۔مثال طور، آزاد ڪشمير ۾ ٿورن سالن اندر ڪيترائي وزيراعظم تبديل ٿيا، ساڳي صورتحال گلگت بلتستان ۾ به رهي آهي۔اهڙي طرح بلوچستان ۾ به جڏهن دل چاهي، حڪومتون تبديل ڪيون وڃن ٿيون۔ ان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته اصل مسئلو “ڊيليورنس” نه، پر ڪنٽرول آهي جيڪڏهن ڪنهن صوبي کي پنهنجي حدن ۾ تبديلي يا نئون صوبو ٺاهڻو آهي، ته صوبي جي اسيمبلي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان فيصلو ڪندي، پوءِ پارليامينٽ به ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان ان جي منظوري ڏيندي۔اهو طريقو موجود آهي، پر عمل ان ڪري نٿو ٿئي، ڇاڪاڻ ته صوبائي اسيمبليون پاڻ اهڙا فيصلا نٿيون ڪن۔ايم ڪيو ايم اندر به نون صوبن بابت هڪجهڙي راءِ ناهي۔ڪجهه چون ٿا الڳ صوبو هئڻ گهرجي، ڪجهه چون ٿا ته پوءِ ٻين علائقن جا ماڻهو ڪٿي ويندا؟اهو سوال اڄ به حل طلب آهي۔اصل ڳالهه اها آهي ته ارڙهين ترميم کان پوءِ وسيلا ۽ اختيار صوبن ڏانهن منتقل ٿيا۔هاڻي ڪجهه حلقا اهي اختيار واپس وٺڻ چاهين ٿا۔ان لاءِ نوان صوبا، ننڍا انتظامي يونٽ، ۽ اين ايف سي ايوارڊ ۾ تبديليون تجويز ڪيون پيون وڃن، ته جيئن وسيلا سڌو وفاق جي ڪنٽرول ۾ اچي وڃن۔اهو سڀ ڪجهه بنيادي طور تي ماڻهن تائين انصاف ۽ سهولتون پهچائڻ لاءِ نه، پر صوبائي خودمختياري ختم ڪرڻ لاءِ آهي۔جيڪڏهن واقعي عوام کي سهولتون ڏيڻ مقصد آهي، ته صرف هڪ ڪم ڪيو وڃي:آئين تي پنج سال مڪمل، ايمانداري سان عمل ڪيو وڃي۔جيڪڏهن پوءِ به ڊيليورنس نه ٿئي، ته پوءِ نون تجربن تي سوچيو وڃي۔پر حقيقت اها آهي ته پاڪستان ۾ آئين اڄ تائين مڪمل طور تي لاڳو ئي ناهي ٿيو، ۽ هر ڏهه پندرهن سالن بعد نئون تجربو ڪرڻ جي ڳالهه شروع ٿي وڃي ٿي:ڪڏهن صدارتي نظام، ڪڏهن ون يونٽ، ڪڏهن نوان صوبا۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.