سکر، سنڌو درياءَ ۾ وهنجندي 3 معصوم ٻار ٻڏي فوت

سکر(رپورٽ:شفيع محمد ابڙو)روهڙي ۾ وار مبارڪ درگاهه ويجهو سنڌو درياءَ ۾ وهنجندي ٻڏي ويل ٽن معصوم ٻارن جا لاش ريسڪيو آپريشن کان پوءِ هٿ ڪيا ويا، جنهن کان پوءِ متاثر خاندانن ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته سڄو علائقو سوڳ ۾ وٺجي ويو، ريسڪيو ذريعن موجب  گذريل ڏينهن سنڌو درياهه ۾ وهنجندي ٽي ٻار پاڻيءَ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا، واقعي جي اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ٽيمن، مقامي ٽوٻن ۽ بعد ۾ پاڪ بحريه (نيوي) جي  ٽوٻن فوري طور تي ڳولا وارو آپريشن شروع ڪيو، ريسڪيو اختيارين موجب 10 ورهين جي آفتاب جو لاش پهريان ڪڍيو ويو هو، جڏهن ته 8 ورهين جي علي حيدر جو لاش صبح جو سوير هٿ آيو. ٽئين ٻار، 7 ورهين جي آيت، جي ڳولا لاءِ آپريشن ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين جاري رهيو ۽ نيٺ منجهند جو سندس لاش درياهه مان ڪڍي ورتو، جنهن کان پوءِ سرچ آپريشن مڪمل ڪيو ويو، ٻڏي فوت ٿيل ٻارن جي سڃاڻپ 10 ورهين جي آفتاب، 8 ورهين جي علي حيدر ۽ 7 ورهين جي آيت طور ٿي آهي. شروعاتي ڄاڻ موجب علي حيدر ۽ آيت پاڻ ۾ ڀاءُ ڀيڻ هئا، جڏهن ته آفتاب سندن ويجهو سڳو سوٽ هو، ٽنهي ٻارن جو تعلق سولنگي برادري سان ٻڌايو وڃي ٿو، حادثي کان پوءِ سندن جي گهرن ۾ ماتم جو ماحول ڇانيل آهي. والدين ۽ وارث پنهنجن پيارن جي وڇوڙي تي ڏک مان بي حال نظر آيا،علائقي واسين، سماجي شخصيتن ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن متاثر خاندانن سان تعزيت ڪندي هن سانحي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، واضح رهي ته سکر انتظاميه شديد گرمي، درياهه ۾ پاڻيءَ جي تيز وهڪري ۽ امڪاني حادثن کي نظر ۾ رکندي سنڌو درياهه ۽ واهن ۾ وهنجڻ تي 90 ڏينهن لاءِ پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.