آزاد ڪشمير ۾ ڇڪتاڻ، جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن سميت 72 ماڻهو گرفتار

مظفرآباد(عوامي آواز نيوز) پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ گذريل 18 ڪلاڪن دوران امن امان برقرار رکڻ ۽ شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ ڪيل ڪارروائين دوران گهٽ ۾ گهٽ 72 ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.مقامي پوليس موجب مظفرآباد سميت مختلف علائقن مان جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي جي ڪارڪنن ۽ ڪور ڪميٽي جي ميمبرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. حراست ۾ ورتل اڳواڻن ۾  انجم الزمان ۽ راجا صهيب جاويد شامل آهن.واضح رهي ته آزاد ڪشمير ۾ هن وقت سياسي ڇڪتاڻ وڌيل آهي. جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي، جمون ۽ ڪشمير قانون ساز اسيمبلي ۾ پاڪستان ۾ رهندڙ مهاجرن لاءِ مخصوص 12 سيٽن جي معاملي تي ڪنهن به قسم جي ٺاهه کان انڪار ڪندي 9 جون کان اڻ ڄاتل مدي واري احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪميٽي شهرين کي به هنگامي حالتن لاءِ راشن ذخيرو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.احتجاجي صورتحال کي نظر ۾ رکندي آزاد ڪشمير حڪومت وفاقي حڪومت کان اضافي سيڪيورٽي نفري طلب ڪئي آهي، جڏهن ته جمون ۽ ڪشمير يونيورسٽي ۽ ميرپور انٽرميڊيئيٽ بورڊ 8 جون کان شروع ٿيندڙ امتحان ملتوي ڪري ڇڏيا آهن.ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ اضافو ان وقت ٿيو جڏهن ڇنڇر جي صبح راولاڪوٽ ۾ فائرنگ جي هڪ واقعي ۾ جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي جو هڪ ميمبر شاهزيب مارجي ويو.جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي الزام هنيو آهي ته شاهزيب قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن جي فائرنگ سبب مارجي ويو، جڏهن ته سرڪاري طور تي ان الزام جي تصديق نه ٿي سگهي آهي.پوليس موجب شروعاتي ڪارروائين دوران ڪجهه ماڻهن وٽان هٿيار، مواصلاتي اوزار، مشڪوڪ دستاويز، امن امان خراب ڪرڻ جي منصوبابندي بابت مواد ۽ پرتشدد سرگرمين سان لاڳاپيل ثبوت هٿ آيا آهن، جن بابت قانون موجب جاچ جاري آهي.آزاد ڪشمير جي آءِ جي پوليس چيو آهي ته ڪنهن به فرد يا گروهه کي تشدد، اشتعال انگيزي، هٿيارن جي استعمال، رستن جي بندش، سرڪاري ۽ عوامي ملڪيت کي نقصان پهچائڻ يا شهرين جي روزمرهه زندگي متاثر ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.ٻئي طرف ڪشمير جي گهرو کاتي جي هڪ اهلڪار موجب، جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ کانپوءِ ان سان لاڳاپيل ماڻهن خلاف دهشتگردي ٽوڙ قانون تحت ڪارروائي جاري آهي.ذريعن موجب 250 کان وڌيڪ اهڙن ماڻهن جي فهرست تيار ڪئي وئي آهي، جن کي جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي جا اهم اڳواڻ قرار ڏنو پيو وڃي. انهن کي دهشتگردي ايڪٽ جي شيڊول ون ۾ شامل ڪرڻ جي تجويز آهي، جنهن تحت سندن چرپر تي پابنديون لاڳو ٿي سگهن ٿيون ۽ هو سرڪاري اجازت کانسواءِ پنهنجا بئنڪ اڪائونٽ استعمال نه ڪري سگهندا.آزاد ڪشمير جي وزيراعظم فيصل ممتاز راٺوڙ اعلان ڪيو آهي ته سياست جي نالي تي انتشار پکيڙيندڙ عنصرن سان هاڻي ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه ڪيون وينديون. هن وڌيڪ چيو ته آزاد ڪشمير انساني، سياسي حقن ۽ سهولتن جي حوالي سان پاڪستان جي چئن صوبن کان گهڻو اڳتي آهي. بجلي ۽ اٽي جي گهٽ قيمتن جون مثالون ڏسي مخالفن کي حقيقتن جو احساس ٿيڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.