دڙو/ ميرپور بٺورو (رپورٽ: منٺار ٺاراڻي/ امتياز علي سومرو) دڙي ويجهو مڙس ڪهاڙين جا وار ڪري نوجوان زال کي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار پاڻمرادو گرفتاري پيش ڪري ڇڏي، دڙي ويجهو ٻنون ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ اميد علي چانڊيو ۾ جوابدار مڙس الطاف چانڊيو ڪهاڙين جا وار ڪري پنهنجي نوجوان زال زهريٰ چانڊيو کي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو جوابدار الطاف چانڊيو زال کي مٿي ۾ ڪهاڙيون هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو جنهن کي نازڪ حالت ۾ رورل هيلٿ سينٽر دڙو آندو ويو جتي کيس طبي امداد ڏيڻ بعد علاج لاءِ ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته عورت زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي وئي جنھن کان پوءِ ٻنون پوليس مقتولا عورت جو لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال بٺورو مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته جوابدار مڙس الطاف چانڊيو زال کي قتل ڪرڻ بعد پاڻمرادو ٻنون ٿاڻي تي پهچي گرفتاري پيش ڪري ڇڏي، واقعي جو ڪيس وغيره داخل ٿي نه سگهيو، هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول هلندڙ هئا ته عورت کي ڪارنهن جي الزام هيٺ بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي، پوليس موجب واقعو گهرو تڪرار جو نتيجو آهي يا ڪارنهن الزام هيٺ عورت کي قتل ڪيو ويو آهي ان بابت وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.