مظلوم قومن ۽ طبقن جو سگهارو آواز_ رسول بخش پليجو

نور احمد ڪاتيار

سنڌ جي جينئس، ناليواري قانوندان، اديب، دانشور، نقاد، بي مثل مقرر، لطيف جي پارکو، سنڌ جي پاڻي جي ڪيس جي تاريخي وڪيل، عوامي تحريڪ جي سربراهه، مظلوم قومن ۽ طبقن جي سگهاري آواز محترم رسول بخش پليجي صاحب جي اڄ 7 جون تي اٺين ورسي آهي. محترم رسول بخش پليجي صاحب کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ اڄ سندس آخري آرمگاه ڳوٺ منگر خان پليجي لڳ جنگشاهي ۾ عوامي تحريڪ طرفان عظيم الشان ورسي جو پروگرام ڪيو پيو وڃي. اسين پليجي صاحب کي سندس اٺين ورسي جي موقعي تي سرخ سلام پيش ڪريون ٿا.

پليجي صاحب هر دور جي جابر، ظالم ۽ آمر قوتن سان اکين ۾ اکيون ملائي مقابلو ڪيو ۽ ڪڏهن به پنهنجي اصولن تان پوئتي نه هٽيو. محترم رسول بخش پليجي صاحب جي عظمت، سندس ڪردار کي جيڪڏهن صحيح معنيٰ ۾ ڀيٽا پيش ڪجي ته اسان کي لطيف جي ٻوليءَ جو سهارو وٺڻو پوندو:

جکرو جس کرو، ٻيا مڙيئي مير،

مٽي ان خمير، اصل هئي ايتري.

جنگشاهي جي مٽيءَ مان جنهن عظيم خمير جنم ورتو، تنهن پنهنجي فڪر جا اهڙا مضبوط ۽ اٽل بنياد رکيا، جن کي وقت جا وڏا وڏا طوفان به مٽائي يا ختم ڪري نٿا سگهن. پليجي صاحب جي سياسي ۽ فڪري جدوجهد انتهائي نرالي آهي، سنڌ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ سگهاري ۽ اثرائتي به آهي، جنهن سنڌ جي شعور کي هڪ نئين زندگي ڏني آهي.

پليجي صاحب پنهنجي سڄي سياسي فڪر ۽ نظريي جو بنياد هڪ سادي پر انتهائي گهري سچائيءَ تي رکيو ته مظلوم ۽ محڪوم  ماڻهن جي نجات تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن کين علم ۽ شعور سان هٿياربند ڪيو وڃي ۽ سندن تعليم ۽ تربيت ڪري کين پنهنجن پيرن تي بيهارڻ ئي اصل انقلاب آهي. اهو ڪو ننڍڙو ڪم نه هو، هن عظيم مقصد کي پنهنجي زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين انتهائي ذميواريءَ سان مسلسل نڀائيندو رهيو.

جيئن جيئن ڀڃي رات، تيئن تيئن تاڻي پنڌ ۾،

ڀوري ٻئي نه تات، جيڪا سا جتن جي.

پليجي صاحب اٿاهه علم پڙهيو، پرکيو ۽ ان کي سنڌ جي سماجي حالتن موجب لاڳو ڪيو. دنيا جي عظيم انقلابي اڳواڻن، تحريڪن ۽ سندن نظرين جو گهرو مطالعو ڪري سنڌي سماج جي رهنمائي ڪئي. ڪيترائي شاهڪار ڪتاب لکيا، جنهن ۾ صبح ٿيندو جهڙو ڪتاب لکي نظرياتي واٽ ڏني، هي ڪتاب هڪ نظرياتي مشعلِ راهه آهي ۽ مايوسين کي ختم ڪري هڪ نئين اميد جو روشن ڏيئو آهي. ان سان گڏوگڏ رجعت پسندن، ڪوڙن دانشورن ۽ گمراهه ڪندڙ قوتن جن سنڌ جي ترقي پسند شاعرن ۽ اديبن تي حملا ڪيا انهن کي رد ڪرڻ لاءِ انڌا اونڌا ويڄ جهڙو سنڌي ادب ۾ تنقيد جو هڪ بي مثال شاهڪار ڪتاب لکيو.

پليجي صاحب سنڌي سماج کي ڪوڙن قصن، فرسوده ڪهاڻين ۽ وهم پرستيءَ مان نجات ڏيارڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪئي. پاڻ هڪ اهڙو علم ۽ ادب ڏنو جنهن ذريعي ڪوڙ ۽ منافقت کي شڪست ڏيئي سگهجي. پاڻ عالمي انقلابي شاعرن جي شاعريءَ کي آسان ۽ عام ماڻهن جي سمجهه ۾ اچڻ واري سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري پنهنجي ماڻهن تائين پهچايو ته جيئن سنڌ جو عوام عالمي شعور سان سلهاڙجي سگهي. اهو پليجي صاحب جو ڪمال آهي ته ان ٻولي جي حوالي سان تمام وڏو ڪم ڪيو، سنڌ جي عام ماڻهن کي سندس ئي آسان ٻولي ۾ لکي سمجهايو ۽ نتيجي ۾ ڪو ٻه کان ٽي درجا پڙهيل ماڻهو به پليجي صاحب کي پڙهي ٿو ته ان تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهائي سگهي ٿو. لطيف جي شاعريءَ ۽ فڪر تي پليجي صاحب گهرائيءَ سان ڳالهايو، لکيو ۽ عوام ۾ لطيف جي پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ ڳوٺ ڳوٺ ۾ جشنِ لطيف ملهائڻ جي روايت وڌي، جنهن سنڌ جي ثقافتي ۽ سياسي سڃاڻپ کي هڪ نئون رخ ڏنو. ان سان گڏوگڏ سنڌ جي قومي، ترقي پسند ۽ انقلابي شاعرن شيخ اياز، استاد بخاري، محمد خان مجيدي، عبدالڪريم گدائي، سرويچ سجاولي، ابراهيم منشي، گدا خاصخيلي، زاهد شيخ، راشد مورائي، آفتاب ڪلوئي ۽ ٻين شاعرن جي قومي ۽ انقلابي شاعريءَ کي پارٽي جلسن ۽ عوامي اسٽيج تي پيش ڪري عام ڪيو ويو.

جنهن دور ۾ ڪنهن سياسي جلسي ۾ عورتن جي شامل ٿيڻ کي هڪ وڏو عيب سمجهيو ويندو هو، تنهن دور ۾ ان فرسوده سوچ کي چيلينج ڪيو. پليجي صاحب جي فڪري تربيت جو ئي نتيجو آهي جو سنڌ جي ٻهراڙين جي سادين ۽ پورهيت عورتن سياسي پروگرامن، جلسن ۽ جلوسن جي اڳواڻي ڪئي ۽ انهن عورتن اسٽيجن تي پنهنجي تقريرن ۾ عالمي، ملڪي ۽ سنڌ جي سياسي صورتحال تي ڳالهائڻ سان گڏ قومي ۽ انقلابي گيتن تي ٽيبلوز پيش ڪري سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ هڪ نئون باب رقم ڪيو.

پليجي صاحب سماج جي هر ان طبقي جي تعليم ۽ تنظيم تي ڌيان ڏنو جيڪو صدين کان محروم رکيو ويو آهي. عورتن، ٻارن، هارين، مزدورن ۽ شاگردن جي تعليم ۽ تربيت کي گڏوگڏ هلايو. پليجي صاحب سنڌياڻي تحريڪ جو بنياد رکيو، جنهن سنڌ جي عورتن کي سياسي شعور ڏنو. ان کان سواءِ ٻارن، هارين، مزدورن ۽ شاگردن جون منظم تنظيمون جوڙي، ڪارڪنن جي علمي تربيت ڪئي. پليجي صاحب جي ان تسلسل سان ڪيل تعليم ۽ تنظيم جي نتيجي ۾ سنڌ اندر اهڙين سگهارين جدوجهدن جنم ورتو، جنهن سڄي دنيا کي ڏندين آڱريون ڏياري ڇڏيون.

پليجي صاحب جنرل ايوب خان جي آمريت ۽ سنڌ جي تاريخي وجود کي مٽائيندڙ ڪاري قانون ون يونٽ خلاف ڀرپور جدوجهد ڪئي. سنڌ جي زمينن جي نيلامي خلاف ۽  ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇپايو پليجي صاحب ۽ شهيد فاضل راهو گڏجي تحريڪ هلائي. 4 مارچ جي شاگرد جدوجهد ۾ پليجي صاحب ۽ شهيد فاضل راهو مک ڪردار ادا ڪيو. جنرل ضياءُ الحق جي ڪاري ۽ وحشياڻي اگهاڙي آمريت خلاف ايم آر ڊي جي  جدوجهد ۾ وڏي تعداد ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن گرفتاريون ڏنيون، راهوڪي ۾ هزارين هارين کي گڏ ڪري هارين جي جلسي عام ۾ خطاب ڪندي جنرل ضياءِ کي پليجي صاحب مخاطب ٿيندي چيو ته جنرل ضياءِ گيٽ آئوٽ پليجي صاحب کي مسلسل مختلف جيلن ۾ رکڻ کان پوءِ لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد ڪيو ويو.

اي نه مارن ريت، جي سيڻ مٽائن سون تي

اچي عمر ڪوٽ ۾، ڪنديس ڪان ڪريت

پکن جي پريت، ماڙيسين نه مٽيان.

پريس جي آزاديءَ لاءِ صحافين پاران ڪيل جدوجهد ۾ پليجو صاحب ۽ عوامي تحريڪ شامل رهيا. جدوجهد دوران عوامي تحريڪ جي ڪيترن ئي هاري ڪارڪنن صحافي بڻجي گرفتاريون ڏنيون. جنرل مشرف جي آمريت خلاف پليجو صاحب مسلسل جدوجهد ۾ رهيو. اسٽيبلشمينٽ جي پاليل ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن کي ملڪي ۽ عالمي فورمن تي پليجي صاحب وائکو ڪري ثابت ڪيو ته ايم ڪيو ايم هڪ سياسي تنظيم نه پر لساني دهشتگرد گروپ آهي. سنڌ جي وجود تي وار ڪندڙ ڪالاباغ ڊيم ۽ سنڌو درياهه جي پاڻيءَ تي پنجاب جي حڪمرانن جي مسلسل ڌاڙن خلاف پليجي صاحب دليلن سان ڏيڍ صدي جو ڪيس سمجهايو، ڪتاب لکيا ۽ ڊگهي جدوجهد ڪئي. نتيجي ۾ سنڌ جو ماڻهو جڏهن پاڻي جي حوالي سان ڳالهائي ٿو ته هو اهي دليل پيش ڪري ٿو جيڪي پليجي صاحب جا آهن. ڪالاباغ ڊيم، گريٽر ٿل ڪئنال، چشمه جهلم لنڪ ڪئنال، تونسا پنجند لنڪ ڪئنالن ۽ ٻين ڌاڙيل واهن ذريعي سنڌ جو پاڻي زبردستي کڻڻ خلاف ۽ ٻين سنڌ دشمن سازشن خلاف پليجي صاحب جي اڳواڻي ۾ مختلف دورن ۾ سکر کان ڪراچي، ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ کان ڪراچي، ڀٽ شاهه کان ڪراچي ۽ اسلام ڪوٽ ٿرپارڪر کان ڪراچي تائين عظيم اليشان ۽ تاريخي لانگ مارچ ڪيا ويا. پليجي صاحب جي جدوجهد سنڌ جي سياسي تاريخ کي هڪ نئون عزم ۽ حوصلو بخشيو آهي. مظلوم قومن ۽ طبقن جو سگهارو آواز آهي. رسول بخش پليجي صاحب جي فڪر ۾ پورهيت ۽ مظلوم ماڻهن جي نجات آهي. اسان پورهيت، مظلوم، پيڙهيل ۽ ماريل، محڪوم بڻايل ماڻهن کي اها ئي واٽ وٺڻي پوندي.

ڀلي ڄائي مارئي، جنهن مارو ملهايا،

ستي سامائي، جنهن ٻڌا موڙ ملير کي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.