اڄ گهرجين تون بڊاماڻي پنرا

ايڊووڪيٽ نويد عباس ڪلهوڙو

لطيف سائين جي ھن  مٿئين سٽ کي پاڻ قائد انقلاب رسول بخش پليجي صاحب کي منسوب ڪريون ٿا.

اڄ اسان جي قائد محترم رسول بخش پليجي صاحب جي اٺين ورسي آھي. جنھن پنھنجي سموري حياتي سنڌو درياهه ۽ سنڌ جي وسيلن جي تحفظ لاءِ گذاري، اڄ سندس ورسي جو جلسو به سنڌ دشمن منصوبن خلاف هڪ زبردست ملڪ گير ريفرينڊم ثابت ٿيندو.

پليجي صاحب جو جنم 20 جنوري 1930 هاڻوڪي ضلعي ٺٽي، جنگشاهي جنڪشن جي ويجھو منگر خان پليجو ڳوٺ ۾ ٿيو، سنڌ جي تاريخ جا ورق ڏسندي معلوم ٿيو آهي ته سنڌ جھڙي سماج ۾ گھڻو ڪري اڳواڻي مٿئين طبقي جي اڳواڻن ڪئي آھي، ان سماج ۾ ھڪ پورهيت گھراڻي سان تعلق رکندڙ اڳواڻ، اڳواڻي به اھڙي جو ھميشه علم، عقل، ڏاھپ، سوچ، سمجھ، تاريخ ۽ سائنس جي جدلي اصول پٽاندر ھڪ اھڙي فڪري لائين جوڙي، جنھن ۾ تنظيم، علم، فڪر، جدوجھد ۽ سڀ کان وڌيڪ پيڙھيل طبقن کي تيار ڪري اڳواڻي جو مثال بڻايو، سنڌ ۾ ھڪ اھڙي سنڌ جوڙڻ جي ڳالهه ڪئي جيڪا برابري جي بنياد تي ھوندي، سنڌي قوم خودمختيار ھوندي ۽ پنھنجي وسيلن تي پنھنجو اختيار هوندو پر وري دنيا جي سڀني مظلومن لاءِ پڻ جدوجھد ڪندي. مارڪس، لينن، اسٽالن، مائوزي تنگ جي لائين جي روشني ۾ رسول بخش پليجي صاحب سنڌ جي سماج پٽاندر اھڙو منفرد نظريو ڏنو ۽ ان تي جدوجھد ڪئي. فڪر ۽ تنظيم سازي ته ڪنھن ٻئي لکت ۾ اوھان پڙھندڙن سان ضرور ويچار ونڊبا.

رسول بخش پليجي صاحب جڏھن سنڌ جي سياسي لائين جوڙن جو وقت آيو ته صبح ٿيندو لکيو. جڏھن شيخ اياز سميت سنڌ جي اديبن تي مذھبي انتھا پسندن پاران فتوائون جاري ڪيون تڏھن پليجي صاحب انڌا اونڌا ويڄ لکيو، ورھاڱي کان پوءِ ڪميونسٽ اڳواڻي ڪئي تڏھن پليجي صاحب قوم کي مارڪس جي لائين واضع ڪري ڏني. مارڪس جي لائين کي سنڌي قوم جي ۽ قومن جي فڪري لائين طور پڌرو ۽ چٽو ڪيو. سنڌ جي تاريخ، سماج ۽ سياست تي ننڊ نه ڪجي ناکئا لکيو. جڏھن ادب جي اھميت ۽ فن تي ڳالهه آئي ته قومي انقلابي جدوجھد ۾ ادب ۽ فن جي اھميت ڪتاب لکيو.  پليجي صاحب جي لاءِ پاڻ جھڙا ھيرو ھيا جنھن تي مائوزي تنگ ۽ ھوچي منجھه جي آتم ڪھاڻي لکي. پنھنجي پيشي سان لاڳاپيل مطلب ھو جيڪو عمل ڪندو ھيو ان کي لکت جي صورت ۾ آڻيندو ھيو، نامياري وڪيل ھجڻ ڪري پسي ڳاڙھا گل ڪورٽ ڪھاڻيون لکيون. پاڻ جدوجھد جي ميدان ۾ جيل ۾ رھيو، معافي وٺڻ بدران ھُن لطيف کي پنھنجو رھبر ڪري اٽل ٿي بيھي رھيو .

پوءِ وري به پليجي صاحب ان ڏکيندڙ صورتحال ۾ ڪوٽ لکپت جو قيدي لکي سياسي ڪارڪن جي ذھن سازي ڪئي مطلب ھر وک وک تي لکت ڪبي ۽ حوصلا ڏبا. جڏھن ادب براءِ زندگي نه پر ادب ھڪ ذھني عياشي لاءِ ادب براءِ ادب لکيو ويو تڏھن ادب ڪھڙو ھئڻ گھرجي ان تي سندي ذات ھجن لکيو. ھن رياست جڏھن ڪنھن سان به جبر ڪيو تڏھن پليجو صاحب مظلوم جو ساٿاري ٿيو، جڏھن بنگال ۾ ناحق خون ريزي ڪئي وئي تاريخ ۾ پنھنجو فرض سمجھي رياست جي ظلم ۽ جبر کي وائکو ڪري جيڪي بنگال سان ٿيو لکيو. عالمي سياسي صورتحال تي ھر وقت نظر رکيائين ۽ ھميشه پنھنجي لائين ۽ ڳالهه عالمي صورتحال سان گڏ جوڙيائين ان سلسلي ۾ پليجي صاحب مختلف مضمون لکي ان جو مڪمل متن عالمي سياسي منظرنامو جھڙو بڪ لکيائين. جڏھن عالمي ڀڃ ڊاهه ٿي ھڪڙن مسجدن جا پاسا ورتا ٻين حڪومت جي ھنج سنڀالي پر پاڻ وري نئين حڪمت عملي سان جدوجھد ۾ آيا ۽ سنڌ جي تھذيب تمدن ۽ تاريخ سنڌوءَ درياءَ جي بچاءَ لاءِ سنڌ پاڻي ڪيس ۽ سنڌ پنجاب پاڻي تڪرار جھڙا بڪ لکيا ۽ جدوجھد ڪئي لانگ مارچ جي صورت

پليجي صاحب جا ذڪر ڪيل ڪتابن کان سواءِ به ٻيا مختلف موضوعن تي ڪتاب لکيا آهن جيڪي وک وک تي اڳواڻي ڪن ٿا ۽ رھنمائي ڪن. رسول بخش پليجي صاحب جي تنظيم عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ پڻ ھر وقت ميدان ۾ سنڌ مٿان مڙهيل ھر بري مصيبت کي ريڊار جيان نشانو ڪري ۽ ميدان ۾ ان مٿان اھڙو پر امن عوامي جھموري جدوجھد ڪري ميدان ماريو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.