”هڪ عورت زندگيون بچائڻ آئي هئي، ان تي تيزاب هاري جيئري ساڙيو ويو“ ماهرا خان جو ڪوئيٽا واقعي تي چپ نه رهي سگهي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني سپر اسٽار ماهرا خان ڪوئيٽا جي اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽر مٿان تيزاب هارڻ واري واقعي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.
اداڪارا پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي لکيو ته هڪ عورت ٻين جون زندگيون بچائڻ لاءِ اسپتال وئي هئي ۽ ڪنهن ان جي منهن تي تيزاب هاري ڇڏيو.
ماهرا خان لکيو ته ” هوءَ اِهو سوچي به نٿي سگهي، ڊاڪٽر ماهه نور ناصر تي اسپتال ۾ حملو ڪيو ويو، هي هڪ وحشياڻو عمل ۽ برائي آهي، مان ڪاوڙ ۾ ڪنبي رهي آهيان، هي عورت حفاظت جي حقدار آهي.“
هن چيو ته ان شخص عورت ڊاڪٽر کي تقريبن جيئري ساڙي ڇڏيو هو، جيڪو سمجهي پيو ته ان کي ڊاڪٽر کي تباهه ڪرڻ جو حق حاصل آهي.
اداڪارا وڌيڪ لکيو ته هي وقت رڳو عورتن لاءِ ئي نه پر مردن لاءِ به آهي ته هو اُٿن، پنهنجو آواز بلند ڪن ۽ پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪن.
واضح رهي ته ڪوئيٽا جي سنڊيمن اسپتال ۾ هڪ همراهه ليڊي ڊاڪٽر تي تيزاب هاريو هو، جنهن سبب هوءَ شديد متاثر ٿي هئي.
متاثر عورت ڊاڪٽر کي اسپتال ۾ شروعاتي طبي امداد فراهم ڪرڻ کانپوءِ علاج لاءِ خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي بهتر سهولتن لاءِ کيس ايئر ايمبولينس ذريعي ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.