آزاد ڪشمير سپريم ڪورٽ مهاجرن جي سيٽن تي حڪومتي موقف درست قرار ڏئي ڇڏيو

مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سپريم ڪورٽ صدارتي ريفرنس تي راءِ ڏيندي مهاجرن جي سيٽن واري معاملي تي حڪومتي موقف کي درست قرار ڏئي ڇڏيو.
آزاد ڪشمير جي صدر حڪومتي مشوري تي آئين جي آرٽيڪل 46 اي تحت ريفرنس داخل ڪيو هو جنهن ۾ سپريم ڪورٽ کان راءِ طلب ڪئي وئي هئي.
سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو آهي ته 12 مهاجر سيٽن کي آرٽيڪل 22 تحت آئيني تحفظ حاصل آهي ۽ انهن کي ڪنهن به انتظامي فيصلي ذريعي تبديل نٿو ڪري سگهجي.
عدالت موجب، مهاجر سيٽن جي تاريخي بنياد 1960، 1964 ۽ 1970 جي قانونن سان جڙيل آهي، جيڪي عبوري آئيني انتظامن، 1974 جي آئين ۽ 1975 جي ايڪٽ جو حصو آهن.
عدالت واضح ڪيو ته انهن سيٽن ۾ تبديلي لاءِ آرٽيڪل 33 تحت آئيني ترميم اڻٽر آهي ۽ آزاد ڪشمير ۾ فيصلائتي قوت روڊن تي احتجاج نه پر آئين جي بالادستي آهي.
عدالت باقي آئيني معاملا چونڊيل اسيمبلي جي حوالي ڪرڻ واري حڪومتي فيصلي جي تصديق ڪندي چيو ته آئيني ترميم رڳو عوامي مينڊيٽ، پارلياماني بحث ۽ آئيني طريقيڪار ذريعي ئي ممڪن آهي.
آرٽيڪل 22 (4) تحت چونڊن جو وقتائتو ٿيڻ لازمي آهي ۽ ڪو به سياسي تڪرار ان ۾ رنڊڪ نٿو بڻجي سگهي.
عدالت آرٽيڪل 22 (3) ۽ 22 (4) جي تشريح ڪندي چيو ته رياست چونڊون ڪرائڻ ۽ امن امان برقرار رکڻ جي پابند آهي، پرامن احتجاج آئيني حق آهي پر زندگيءَ جو ڪاروهنوار ۾ خلل وجهڻ کي آئيني تحفظ حاصل ناهي.
آئيني ماهرن جو چوڻ آهي ته عدالتي راءِ چونڊن ۾ مداخلت ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي جي بنياد کي مضبوط ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.