لنڊن(ويب ڊيسڪ) انگلينڊ لارڊز ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ ۾نيوزيلينڊ 115 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ورتي.
ميچ ۾ نيوزيلينڊ ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، انگلينڊ پنهنجي پهرين اننگز ۾ 140 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي هئي، هيري بروڪ 56 رنسن جي ٽاپ اننگز کيڏي، نيوزيلينڊ طرفان ڪائل جيميسن 5 ۽ نيٿن سمٿ 3 وڪيٽون ورتيون.
جواب ۾ نيوزيلينڊ جي بيٽنگ مڪمل طور ناڪام رهي ۽ سڄي ٽيم 113 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
انگلينڊ جي اولي رابنسن شاندار بالنگ ڪندي 39 رنسن عيوض 5 وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته جوش ٽنگ 3 شڪار ڪيا.
ٻي اننگز ۾ انگلينڊ 226 رنسون ٺاهي نيوزيلينڊ کي ڪاميابي لاءِ 254 رنسن جو هدف ڏنو.
انگلينڊ لاءِ ٽيسٽ ڊيبيو ڪندڙ ايميليو گي 57 رنسن جي ذميواراڻي اننگز کيڏي ٽيم کي مضبوط پوزيشن ڏني، جڏهن ته جيمي سمٿ 39 ۽ اولي رابنسن 29 رنسون ٺاهيون.
نيوزيلينڊ جي نيٿن سمٿ شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي 70 رنسن ڏئي 6 وڪيٽون ورتيون.
انگلينڊ جي 254رنسن جي هدف جي جواب ۾ نيوزيلينڊ جي بيٽنگ لائين ٻيهر دٻاءُ ۾ اچي وئي ۽ پوري ٽيم 138 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، گلين فلپس 44 ۽ ڊيون ڪانوي 41 رنسون ٺاهي ڪجهه مزاحمت ڪئي، پر ٻيا بيٽر ناڪام رهيا.
انگلينڊ جي گس ايٽڪنسن ٻي اننگز ۾ شاندار بالنگ ڪندي 5 ڪيوي بيٽرن کي پويلين جو رستو ڏيکاريو، جڏهن ته اولي رابنسن ۽ جوش ٽنگ ٻه-ٻه وڪيٽون ورتيون.
اولي رابنسن ميچ ۾ 7 وڪيٽون وٺڻ ۽ بيٽنگ ۾ 29 رنسون ٺاهڻ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
ايٽڪنسن ڪيوي بيٽرن جا تَرا ڪڍي ڇڏيا، نيوزيلينڊ کي انگلينڊ هٿان لارڊز ٽيسٽ ۾ 115 رنسن تان شڪست
You might also like