ڪولڪتا (ويب ڊيسڪ) ”هتي رڳو سياسي اڳواڻ ۽ اداڪار ئي ميسي جي چوڌاري موجود آهن، پوءِ اسان کي ڇو گهرايو ويو آهي؟ اسان ٻارنهن هزار رپين جي ٽڪيٽ خريد ڪئي پر اسان ميسي جو منهن به نه ڏسي سگهياسين!“
ِهو چوڻ هو ڇنڇر ڏينهن ڪولڪتا جي سالٽ ليڪ اسٽيڊيم ۾ آيل ليجنڊري فٽبالر ليونل ميسي جي هڪ مداح جو، جيڪو تقريب ۾ ٿيل بدنظمي ۽ ڀڃ ڊاهه سبب ميسيءَ کي نه ڏسي سگهيو.
ارجنٽينا جو ليجنڊري فٽبالر ليونل ميسي ”گاٽ انڊيا ٽور 2025“ تحت ڀارت جي مختلف شهرن جي دوري آيل آهي ۽ ڇنڇر تي ڪولڪتا ۾ هڪ تقريب ۾ بالي ووڊ اسٽار شاهه رخ خان به ميسي سان گڏ هو.
پرشوقينن جو جوش ۽ جذبو ان وقت ڪاوڙ ۾ بدلجي ويو، جڏهن ميسي سياستدانن، اداڪارن ۽ ٻين اهم شخصيتن سان شيڊيول جي ابتڙ شوقينن سان ملڻ کانسواءِ اتان روانو ٿي ويو.
مايوس شوقينن، جيڪي هزارين ماليت جي مهانگي ٽڪيٽ خريد ڪري آيا هئا، بوتلون ۽ ڪرسيون اڇلائيندا رهيا ۽ ان دوران تقريب لاءِ ٺاهيل خيمو به ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته شيڊيول موجب، ميسي کي اتي هڪ دوستاڻي ميچ به کيڏڻي هئي ۽ هڪ تقريب به ٿيڻي هئي، پر ميسي اوچتو اتان هليو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي بريچ سبب ميسي کي اسٽيڊيم ۾ پنهنجي شيڊيول مختصر ڪرڻو پيو.
ان کانسواءِ ڪولڪتا ۾ ئي ميسي جي ستر فٽ بلند مجسمي جي مهورت ڪئي وئي، پر سوشل ميڊيا تي به مجسمي تي تنقيد جو سلسلو جاري آهي.
ڪولڪتا ۾ ميسي جي جنهن مجسمي جي مهورت ڪئي وئي، اهو 45 ماڻهن جي ٽيم 27 ڏينهن ۾ تيار ڪيو ۽ اهو اٽڪل 70 فٽ ڊگهو آهي، مجسمي ۾ ميسي کي هٿ ۾ عالمي ڪپ جي ٽرافي کنيل آهي.
پر سوشل ميڊيا تي ڪجهه واهپيدارن مجسمي کي اڳوڻي پاڪستاني ڪپتان شعيب ملڪ سان ڀيٽڻ شروع ڪيو آهي.
فورٿ امپائر نالي واهپيدار لکيو ته ”ڪير ٻڌائي سگهي ٿو ته هي شعيب ملڪ آهي يا ميسي؟ مان منجهي پيوآهيان!“
عروج جاويد لکيو ”ميسي جو ڪولڪتا ۾ لڳل مجسمو شعيب ملڪ سان ملندڙ جلندڙ آهي.“
مزمل نالي واهپيدار ٺٺول ڪندي چيو ته ” ميسي ۽ شاهه رخ خان شعيب ملڪ جي مجسمي جي افتتاح ڪئي، شعيب ملڪ ليجنڊ آهي.“
ٻئي پاسي اولهه بئنگال جي وزيراعليٰ ممتا بئنرجي اسٽيڊيم ۾ٿيل هنگامي تي افسوس جو اظهار ڪندي معافي گهري ورتي آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ سندس چوڻ هو ته ” سالٽ ليڪ اسٽيڊيم ۾ اڄ جيڪا بدنظمي ٿي، ان ڏاڍو پريشان ۽ حيران ڪيو، مان راند سان محبت ڪندڙ ۽ شوقينن سان گڏ ايونٽ ۾ شرڪت لاءِ اسٽيڊيم وڃي رهي هيس، جيڪي پنهنجن پسنديدا فٽبالر ليونل ميسي جي هڪ جھلڪ ڏسڻ لاءِ آيا هئا.“
ممتا بئنرجي چيو ته ” مان ان افسوسناڪ واقعي لاءِ ليونل ميسي سان گڏوگڏ راندين سان محبت ڪندڙ مداحن کان معافي وٺان ٿي.“
ممتا بئنرجي اعلان ڪيو ته جسٽس (ر) اشيم ڪمار جي سربراهي ۾ هڪ جاچ ڪميٽي جوڙي پئي وڃي، جنهن ۾ چيف سيڪريٽري، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ۽ گهرو کاتي جا عملدار شامل هوندا، سندس چوڻ هو ته اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ ذميوارن جو تعين ڪيو ويندو.
هوڏانهن رياست ۾ اپوزيشن پارٽي ڀارتيه جنتا پارٽي (بي جي پي) ممتا بئنرجي کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي سندس بيان کي ”واڳونءَ جا ڳوڙها“ قرار ڏنو آهي.
واضح رهي ته ميسي ڀارت جي دوري دوران چئن شهرن، ڪولڪتا، ممبئي، نئين دهلي ۽ حيدرآباد جو دورو ڪندو، سال 2022ع واري فيفا ورلڊ ڪپ جو فاتح ڪپتان 16 سالن کانپوءِ ڀارت آيو آهي، ان کان اڳ هو 2009ع ۾ دوستاڻي ميچ کيڏڻ لاءِ ڪولڪتا آيو هو.
” ميسي شعيب ملڪ جي مجسمي جي افتتاح لاءِ ڪولڪتا آيو هو“، ليجنڊري فٽبالر جي ڀارت اچڻ تي هنگامو، ڀڃ ڊاهه
You might also like