مشهور چوڻي آهي ته”اُٺ ته تڏهن پئي رڙيا جڏهن ٻورا پئي سبيا“ جمهوريت تي يقين رکندڙ ڌُرين ته ان وقت ئي پنهنجي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو هو جڏهن 08فيبروري 2024ع جي چونڊن ۾ فارم47 ذريعي حڪومت جوڙي وئي هئي، تنهن هوندي به اها اُميد ڪئي پئي وئي ته ملڪ کي سياسي، معاشي بحرانن مان ڪڍي ترقيءَ طرف گامزن ۽ عوام جي دردن جو ڪو درمان ڪيو ويندو، پر حڪومت جي پوڻا ٻن سالن جي ڪارڪردگي مايوس ڪن رهي جنهن مسئلا حل ڪرڻ بدران وڌائي ڇڏيا آهن. اڄ اسان جو وطن اندروني توڙي بيروني طور خطرن هيٺ اچي چڪو آهي.
پاڙيسري ملڪ ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر حملي جون تياريون ۽ سنڌ صوبو واپس بمبئي سان گڏجڻ جون دعوائون ڪري رهيو آهي جڏهن ته افغانستان سان تعلقات دوستي بدران دشمنيءَ طرف وڌي رهيا آهن. ايران سان گيس جي معاهدي ۽ پائپ لائن وڇائڻ باوجود آمريڪي ڊپ جي ڪري معاهدي تي عملدرآمد نه ڪيو پيو وڃي. بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ دهشتگردي ۽ سنڌ ۾ وري ڌاڙيلن جو راڄ آهي ايستائين جو عام ماڻهو ته پنهنجي هنڌ رهيو، پر پوليس ٿاڻا ۽ محافظن جون چوڪيون به محفوظ ناهن رهيون. مهانگائي، بيروزگاري عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. عام ماڻهو ٻن ويلن لاءِ پريشان ته ٻئي پاسي 80لک ماڻهو روزگار کان محروم ٿي چڪا آهن. سڄي ملڪ ۾ اڍائي ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار تعليم جي زيور کان محروم آهن. ملڪي آبادي جي وڏي اڪثريت غربت جي لڪير کان به هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. ڪروڙين ماڻهو صحت، تعليم، روزگار ۽ صاف پاڻي جهڙين بنيادي ضرورتن کان به محروم آهن جڏهن ته حڪمران ٽولي هر مسئلي جو حل پيٽرول ڊيزل کان وٺي پاڻي بجلي بلن تي ڳرا ٽيڪس لڳائي ڪڍيو آهي، پر حڪمران پنهنجا شاهاڻا خرچ ختم ڪرڻ لاءِ هرگز تيار ڪونه آهن. قرض وٺي ملڪ هلايو پيو وڃي.
موجوده شهباز حڪومت پڻ ٿوري عرصي ۾ رڪارڊ قرض وٺي ملڪ ۽ قوم کي عالمي مالياتي ادارن وٽ گروي رکي ڇڏيو. ان باوجود حڪومت جي ڪارڪردگي بهتر نظر ڪونه ٿي اچي. تازو آءِ ايم ايف طرفان جاري ڪيل رپورٽ ڄڻ ته حڪومت جو جنازو ڪڍي ڇڏيو آهي، ٻئي طرف آءِ ايم ايف جي مخالفت باوجود حڪومتي اتحاد جي ايم اين ايز کي 43 ارب رپيا جاري ڪرڻ جون خبرون آهن مطلب ته هر ايم اين اي کي 25 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا آهن.ان صورتحال باوجود حڪومتي ٽولو پاڪستان جي ترقي ۽ قوم جي خوشحالي جون دعوائون ڪندي نٿو ٿڪجي. الب ته اھو ضرور آھي ته حڪمرانن جا جاوا ۽ بينڪ بيلنس ۾ ضرور اضافو ٿيو آھي پر عام ماڻھو ته اڄ به ماني جي ٻن ويلن لاءِ پريشان آهي.
اهڙي صورتحال ۾ هجڻ ته ائين گهرجي ها ته حڪومت ملڪ کي سياسي توڙي معاشي بحرانن مان ڪڍڻ ۽ بيروني خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ سموري سياسي قيادت کي گڏ ويهاري ها، پر جهڙي طرح سان پي ٽي آءِ کي انتقامي ڪارواين ذريعي ڀِت سان لڳايو ويو، مخصوس سيٽون کسيون ويون ٻئي طرف وري آپي شاهي قائم ڪرڻ لاءِ 26، 27 ترميم آندي وئي ۽ هاڻي وري 28هين ترميم توڙي ڪي پي ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جون ڳالهيون هلي رهيون آهن. تازو ترجمان جي گرما گرم پريس ڪانفرنس توڙي ھڪ ٻئي کي ذھني مريض ڪوٺڻ سان ان جمهوريت پسند ڌرين ۾ بي يقيني ۽ عوام کي مڇرائي ڇڏيو آهي. گڏيل قومن طرفان پڻ آئيني ترميمن، عدليه جي آزادي ۽ انساني حقن بابت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي ان مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته دنيا اسان جي حڪومتي ٽولي ۽ طاقتور ڌُرين جي جمهوريت مخالف قدمن کي ڳوڙهي نظر سان ڏسي رهي آهي. قانون سازي پارليامينٽ جو حق آهي، پر هڪ طرفي ۽ تڙ تڪڙ ۾ اهم فيصلا ڪرڻ سان عوام ۾ پيدا ٿيل خدشا فطري ڳالهه آهي، گڏو گڏ اهو جانچڻ به ضروري آهي ته اڳ ۾ موجود صوبن وٽ ڪيترا اختيار، وسيلا ۽ سهولتون موجود آهن؟ انڪري هي وقت ملڪ ۾ وڌيڪ ڏڦيڙ ۽ ويڇا پيدا ڪرڻ نه، پر قوم کي متحد رکڻ جو آهي. اها ڳالهه حڪومت توڙي اسٽيبلشمينٽ کي به چڱي طرح سوچڻ گهرجي. هاڻي هي ملڪي قيادت جو سخت امتحان آهي ته هوءَ ملڪ کي درپيش اندروني ۽ بيروني خطرن جي پيش نظر ڪئين متحد ۽ اڳتي ٿي وڌائي.